اسلام آباد (م ڊ) عالمي منڊي ۾ تيل جا اگهه وڌڻ سبب پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 8 رپيا في لٽر اضافي جو امڪان آهي. لاڳيتو 4 ڀيرا قيمتن ۾ گهٽتائي کانپوءِ پهرين جولاءِ کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 7 کان 8 رپيا في لٽر اضافي جو ڪاٿو لڳايو ويو. قيمتن ۾ مسلسل 4 ڀيرا گهٽتائي کانپوءِ پهرين جولاءِ کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 7 کان 8 رپيا في لٽر واڌ جو امڪان آهي،  ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل 15 ڏينهن دوران عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 4.4 ڊالر في بيرل ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 5.5 ڊالر في بيرل واڌ ٿي. واضح رهي ته هن وقت پيٽرول 258.16 رپيا في لٽر ۽ ڊيزل 267.89 رپيا في لٽر آهي. حڪومت نئين مالي سال جي شروعات سان ئي پيٽروليم ليوي وڌائي ته قيمتون اڃا به وڌي سگهن ٿيون، بجيٽ ۾ ليوي في لٽر 60 مان 80 رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.