پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان، پيٽرول 14 روپيه 91 پيسا مهانگو

0
389

اسلام آباد(بيورورپورٽ) بجلي کانپوءِ نگران حڪومت تيل جي اگهن ۾ به ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪري ڇڏي. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيٽرول جي قيمت 300 رپين کان وڌي وئي، پيٽرول 14 رپيا 91 پئسا مهانگو ڪيو ويو آهي جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل 18 رپيا 44 پئسا مهانگو ڪيو ويو آهي. اگهن ۾ واڌ کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 305 رپيا 36 پئسا ۽ ڊيزل جي 311 رپيا 84 پئسا ٿي وئي. نوٽيفڪيشن جاري ڪيو  ويو، 15 ڏينهن اڳ به نگران حڪومت پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي هئي، پيٽرول 17 رپيا 50 پئسا ۽ ڊيزل 20 رپيا مهانگو ڪيو ويو هو، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ مهانگائي جو نئون طوفان اچڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته پيٽرول اگهن ۾ واڌ جو ٻڌي پيٽرول پمپ کي مالڪن بند ڪري ڇڏيو، پيٽرول ڀرائڻ لاءِ پمپن تي ماڻهن جي رش لڳي وئي هئي. پيٽرول جا نوان اگهه رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي چڪا آهن.