بيروت (دلچسپ نيوز) لبنان جي هڪ پينو عورت جي بئنڪ اڪائونٽ مان 33 لک اماراتي درهم هٿ اچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جيڪي پاڪستاني روپين ۾ 13 ڪروڙ 86 لک روپيه بنجن ٿا.اهو انڪشاف ان وقت ٿيو جڏهن آمريڪا جي ناڻي واري وزارت جي طرفان جمال ٽرسٽ بينڪ کي بند ڪيو ويو. آمريڪي انتظاميه مبينه طور تي حزب الله جي مالياتي مدد جو الزام لڳايو هو جنهن بعد لبناني حڪومت اها بينڪ بند ڪري ڇڏي هئي. لبنان ۾ مرڪزي بينڪ جي گورنر ياد سلامي جمال ٽرسٽ بينڪ جي کاتيدارن کي يقين ڏياريو هو ته بينڪ بند ٿيڻ جي باوجود سندن رقم محفوظ رهندي پر ان کان پوءِ لبناني مرڪزي بينڪ ۾ 2 چيڪ ڏنا ويا جڪي سوشل ميڊيا تي مشهور ٿيا هئا. اهي ٻئي چيڪ هڪ عورت حجن وفاجيڪا وفا محمد الاود سان تعلق رکي ٿي کي ڏنا ويا هئا جنهن بعد انڪشاف ٿيو هو ته اهي چيڪ پينو عورت جا هئا، جيڪي تقريبن 18 لک درهم ۽ 14 لک درهم جي ماليت جا آهن.هي عورت پورو ڏينهن شهر جي هڪ وڏي اسپتال ٻاهران پنندي آهي ۽ حجن وفا جي نالي سان مشهور آهي. اسپتال جو عملو هن عورت کان چڱي ريت واقف آهي ۽ جيئن ئي هنن کي هن عورت وٽ تمام گهڻي دولت جي خبر ملي ته هنن وفا تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي.