اسلام آباد(م ڊ) گم ٿيل صحافي مدثر نارو  جي امڙ راحت محمود چيو آهي ته حڪومت جا پيسا نه کپي، رڳو ٻچڙو واپس ڪرايو وڃي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي مدثر نارو جي امڙ چيو ته پهرين ڪميشن ۾ اسان کي نه ٻڌو ويندو هو، حڪومت کي واضح طور تي چيو اٿم ته اسان کي پيسا جي لالچ نه آهي، ٻچڙو هيو ته اسانجو گهر جنت هو، پيسي سان اهي خوشيون ته نه اينديون، حڪومت پٽ واپس ڪرائي ڏنو ته ان کان وڏي ٻي ڪابه شئي نه آهي. آئون اقتدار ڌڻين کي اپيل ڪريان ٿي ته ٻچڙي کي واپس ڏياريو وڃي.