پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرڳوٺ ڀرسان نوراجا واسي نوجوان ڪينجهر ڍنڍ ۾ وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويو، خبر موجب ڳوٺ نوراجا واسي نوجوان نويد چنو ڪينجهر ڍنڍ ۾ وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويو، ريسڪيو ٽيم هڪ ڪلاڪ جي ڳولا بعد لاش هٿ ڪيو، نوجوان جو لاش اباڻي ڳوٺ آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو، نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته نوجوان نويد چنو ڪراچي ۾ پورهيو ڪندو هو، جتان دوستن سان گڏ ڪينجهر ڍنڍ گهمڻ ويو، جتي وھنجڻ دوران هو ٻڏي فوت ٿي ويو.