پيرونمل (ن پ ا) پيرونمل ڀرسان تيز رفتار ڪار جمع ٿيل برساتي پاڻي ۾ ڪري پئي، 3 ڄڻا فوت، هڪ زخمي، ان ڏس ۾ پيرونمل ڀرسان دلشاخ  هوٽل تان ماني کائي واپس موٽندڙن جي ڪار سلطان آباد لڳ ٽرن ڪاٽيندي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري جمع ٿيل برساتي پاڻي ۾ ڪري پئي، نتيجي ٽائون ڪاميٽي پيرونمل جو اڳوڻو وائيس چيئرمين راجيش ڪمار ميگهواڙ، ڌرمون ميگهواڙ ۽  ڪيلاش ڀٽ ٻڏي فوت ٿي ويا،  جڏهن هڪ ڄڻو رتن ڪمار ميگھواڙ ڪار ۾ بيهوشي واري حالت ۾ ڪڍيو ويو، اطلاع تي پوليس پهچي گاڏي جا شيشا ٽوڙي لاش ۽ زخمي کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻي طرف لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.