پيرن جي صحت … الطاف ابڙو

0
18
پيرن جي صحت ... الطاف ابڙو

توهان جي پيرن جو خيال رکڻ توهان جي مجموعي صحت ۽ گھمڻ ڦرڻ لاءِ اهم آهي. پيرن جي صحت کي نظرانداز ڪرڻ سان تمام گهڻيون مشڪلاتون پيدا ٿي سگهن ٿيون، جنهن ۾ چمڙي جي معمولي خارش کان وٺي سنگين زخمن تائين جا خطرا شامل آهن. پيرن جو سور خاص طور تي توهان جي زندگي جي معيار تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو ۽ توهان جي روزاني زندگي ۾ رڪاوٽون پئجي سگھن ٿيون.

                         هتي توهان جي پيرن کي صحتمند رکڻ لاءِ هڪ جامع رهنمائي ۽ ڪجهه عام مسئلا ۽ انهن جو حل پيش ڪري رهيا آهيون.

                         پيرن کي صاف رکڻ توهان جسماني صحت لاءِ اهم آهي. پنهنجا پير روزانو گرم پاڻيءَ ۽ معياري صابڻ سان ڌوئو. ۽ انهن کي چڱي طرح سان صاف  ڪريو. خاص ڪري آڱرين جي وچ وارن حصن تي خاص ڌيان جي ضرورت آهي جو انهن جي آلي رهجي وڃڻ سان انهن ۾ فنگل انفيڪشن جو خطرو آهي. لوشن، ڪريم، يا پيٽروليم جيلي استعمال ڪندي، چمڙي کي نرم رکڻ لاءِ پنهنجي پيرن کي سڻڀو ڪيو. پر آڱرين جي وچ ۾ موئسچرائزر نه لڳايو، ڇاڪاڻ ته اهو به فنگل انفيڪشن جو خطرو پيدا ڪري سگهي ٿو. پنهنجي پيرن جي ننهن کي سڌي طرح ڪٽ ڪريو،

صحيح بوٽ پائڻ پيرن جي صحت لاءِ اهم آهي. پڪ ڪريو ته توهان جا بوٽ صحيح ۽ مناسب آهن ۽ توهان جي پيرن کي مناسب مدد فراهم ڪن ٿا. جوتا جيڪي چڱيءَ طرح نه ٺهڪندا آهن، تن سان ڪيتريون ئي مشڪلاتون پيدا ٿي سگهن ٿيون، جن ۾ ڦلڪڻا ۽ لڦون شامل آهن. هر روز ساڳيو بوٽن جو جوڙو نه پايو ۽ جوتن کي صاف ۽ خشڪ ڪري پايو. پراڻن جوتن کي باقاعدگي سان تبديل ڪريو جيئن اهي وقت سان گڏ پنهنجو ڪارج وڃائي ڇڏيندا آهن، پيرن ۾ سور ۽ مسئلا پيدا ڪرڻ لڳندا آهن. پنھنجن بوٽن کي باقاعدگي سان چيڪ ڪريو ته توهان جا پير، کڙيون  ۽ آڱريون توڙي ترا ۽ چنبا محفوظ رهن.

پيرن جي لچڪ کي برقرار رکڻ ۽ سختي کي روڪڻ لاءِ ورزشون جهڙوڪر پيرن جي ڪرل، گوڏن جي گردش  ۽هڪ پير تي توازن يا هڪ پير تي بيهڻ سان پيرن کي صحت  ۽قوت ملي ٿي. مناسب ۽ معياري جوتا پهري پيرن کي ڇالن  ۽ لڦن کان بچائي سگھي ٿو. البت اهڙو ڪجھه ٿي پوي ته مخصوص ڪريم يا لوشن سان صاف ڪريو.پيرن ۾ ٿيندڙ نهرين ڳنڍن کي گرم پاڻي هاري نرم ڪري سگھجي ٿو. ۽ ان جي مئل کل کي کرڻي يا فائل سان گسائي ٺيڪ ڪري سگھجي ٿو.

سوڙھن بوٽن ۽ جرابن کان پاسو ڪريو، ۽ رت جي وهڪري کي بهتر ڪرڻ لاءِ ويهڻ وقت پنهنجا پير اڀا رکو. پيرن ۾ مسلسل سور يا ذيابيطس جي صورت ۾ ماهرن کان صلاح وٺڻ ۾ دير نه ڪريو.

فنگل انفيڪشن کان بچڻ لاءِ پيرن کي آلاڻ ۾ رکڻ کان بچايو. ۽ جوتن جي حوالي سان موقعي مهل مطابق جوتا پائڻ سان به پيرن جي صحت بهتر ۽ برقرار رکي سگھجي ٿي. پيرن کي بيماري کان بچايو متحرڪ رهو چاق چڱا ڀلا رهو.