پيرسن عورت نوجوان سان مڱڻو ڪري ورتو

0
414

ڪيليفورنيا (دلچسپ نيوز) پيرسن عورت نوجوان سان مڱڻو ڪري ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست ڪيلفورنيا ۾ پيرسن عورت ۽ نوجوان پاران محبت جو انوکو مثال قائم ڪيو ويو آهي، 61 ورهين جي چيريل ميڪ گريگر۽ 24 سالا ڪرن ميڪ ڪين مڱڻي ڪري دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نوجوان ڪرن ميڪ 15 ورهين جي ڄمار ۾ پيرسن عورت جي مدد ڪئي هئي، پيرسن عورت ان وقت ئي کيس دل ڏئي ويٺي جنهن بعد ٻنهي ٽڪ ٽاڪ تي ڪيتريون ئي وڊيوز گڏجي ٺاهيون هيون ٻنهي جي محبت جا چرچا هلندڙ هئا، 9 سالن بعد ٻنهي مڱڻي ڪري ڇڏي.