پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ جي لوهر محلي مان ڏينهن ڏٺي جو گهر مان چوري ڪندي چور سوگھو، پوليس حوالي، رپورٽ موجب شهر جي لوهر محلي مان موٽو مل ۽ مانڌو مل جي گهر مان چوري ڪندي گهر ڌڻين علي رضا کي سوگھو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، گهر ڌڻي ٻڌايو ته گهر جي تعمير جو ڪم هلي رهيو هو، جنهن ۾ گهر جو قيمتي سامان پيل آهي، اوچتو بهتاسين ته چور گهر مان چوري ڪري رهيو هو، جنهن کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو.