پوليس جي لاپرواهي سبب جنسي زيادتين وارا ڪيس رولڙي جو شڪار، ايس ايس پي سکر کي نوٽيس

0
162
ڇوڪريءَ سان زيادتي

سکر(بيورو رپورٽ) پوليس جي بي ڌياني ۽ لاپرواهي سبب جنسي زيادتين وارا ڪيس عدالتن ۾ رولڙي جو شڪار، زيادتين واري ڪيسن ۾ گهربل ڊي اين اي رپورٽس عدالت پاران طلب ڪرڻ باوجود جمع نه ٿيون، سکر جي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ايس ايس پي سکر ڏانهن نوٽيس اماڻي ڇڏيو، نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ڪيسن ۾ گهربل ڊي اين اي رپورٽس پوليس انويسٽيگيشن آفيسرن عدالت ۾ جمع ناهن ڪرايون، ڪيسن جون ڊي اين اي رپورٽ 3 مهينن کان جمع نه ٿي سگهيون، عدالت چيو ته سکر ۾ 7 ورهين زينب سان ٿيل زياتي جي ڪيس جي به ڊي اين ئي رپورٽ عدالت ۾ جمع ناهي ٿي سگهي، ڊي اين اي رپورٽس کان سواءِ ڪيس اڳي نٿا وڌي سگهن، جڏهن ته ايس ايس پي سکر ڏانهن نوٽيس اماڻڻ باوجود رپورٽس جمع نه ٿيڻ تي عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، عدالت ۾ پيش ٿيندڙ جاچ آفيسرز پاران ڪجهه ڏينهن مهلت جي استدعا ڪئي، جنهن تي عدالت 21 جون تي سموريون رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.