مورو (ن پ ا) مورو شھر جي گچيرو روڊ تي گذريل ڏينهن اينڪر پبلڪ اسڪول ۾ جهيڙي ۽ مبينا حملي واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي، ان ڏس ۾ آل پرائيويٽ اسڪول ايسوسيئيشن جي اڳواڻن محمد خان ڏاهري، اصغر چانڊيو، اظفر سعيد، عزيز ڀٽو، جاويد سيال، خادم بالادي ۽ ٻين هتي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جوابدارن مٿان ڪيس داخل ٿيو آھي پر ھن وقت تائين پوليس کين گرفتار ناھي ڪيو، هنن چتاءُ ڏنو ته ٻن ڏينھن اندر جوابدار گرفتار نه ٿيا ته سمورا تعليمي ادار بند ڪيا ويندا، ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او مورو چيو ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي م آندو ويندو،