‘پهرين ترجيح’ بڻيل امن امان انگن اکرن جي آرسيءَ ۾!

0
173
‘پهرين ترجيح’ بڻيل امن امان انگن اکرن جي آرسيءَ ۾!

 اسيمبليون ٺهن يا ڊهن حڪومتون ڪهڙيون هجن ۽ ڪنهن جون به هجن، سرڪار اچي يا وڃي پر سنڌ دنيا جو اهو واحد خطو آهي، جتي انتظامي اپاهجيءَ جو دردناڪ تماشو بنا ڪنهن ٽڪيٽ جي هر مند ۽ موسم ۾ ڏسي سگهبو آهي. هن وقت وفاقي حڪومت تحليل ٿي چڪي آهي، سنڌ سرڪار وڃڻ واري آهي ۽ ملڪ ۾ نئين چونڊن جون سرگرميون شروع ٿي چڪيون آهن. گذريل ڪجهه ڏينهن کان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گهوٽڪي ۽ سکر سميت سنڌ جي انهن اترئين ضلعن جا دورا ڪري رهيو آهي، جن ضلعن ۾ سندن ئي حڪومت هوندي گذريل پنج ئي سال گوليءَ جي ٻولي رائج ٿيل رهي آهي. ان دوري دوران بلاول ڀٽو زرداري امن امان بابت گهڻو فڪرمند نظر اچي ٿو، جنهن جو اظهار هو پنهنجي تقريرن ۾ ڪندي چئي ٿو سنڌ جو امن امان ۽ غربت جو خاتمو اسان جي پهرين ترجيح آهي پر سموري سنڌ خاص طور سنڌ جي اترئين ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال بلاول جي ڳالهه جي بلڪل برعڪس آهي، ڇاڪاڻ ته پ پ چيئرمين امن امان بابت جڏهن گهوٽڪيءَ ۾ ڳالهائي رهيو هو ته ڀر واري ضلعي ۾ شڪارپور جي مدئجي واري ڪچي ۾ ڪلهوڙا-جوڻيجا تڪرار سبب ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ۽ فائرنگ دوران 8 انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون هيون. هي افسوسناڪ واقعو ان ڳالهه جو جيئرو ثبوت آهي ته سنڌ جو امن سنڌ مٿان حڪومت ڪندڙ پ پ حڪمرانن جي ايجنڊا جو حصو ئي ناهي. اگر سنڌ جو امن هنن جي پهرين ترجيع هجي ها ته انساني ڳچين ۾ ائين لابارا نه پون ها.

سنڌي ماڻهن جي گڏيل طاقت ۽ اجتماعي شعور کان خوفزده قوتن جي فتور جي فيڪٽرين ۾ پلان ٿيندڙ “قبيلائي تڪرار”، انهن جهيڙن کي عملي جامو پارائيندڙ سردار، ڀوتار ۽ سندن ڪمدار انهن خوني جهيڙن جي سرپرستي ڪندا رهيا آهن. اهڙن موقعن تي وري قانون جي ڪن لاٽار ڄڻ ته سڌي طرح سهولتڪاريءَ جو سبب بڻيل آهي ۽ سنڌ مان قانون ڄڻ ته ڊگهي موڪل تي هليو ويو آهي. اگر حڪمران امن پسند هجن ها ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ماڻهن جون ائين ننڊو حرام نه ڪري ها ۽ نه ئي قبيلائي رتوڇاڻ ۾ ائين درجنين ڳڀرو ڪسجن ها. “امن پسند” آهي ته اهو اتان جو “قانون” آهي، جيڪو پورا پنج سال هر معاملي کان ڄڻ ته لاتعلق بڻيل رهيو آهي. سنڌ ۾ پ پ سرڪار جي مجموعي 15 سالا حڪومتي دور ۾ سموري سنڌ اندر وقت بوقت مختصر ماٺار کانپوءِ قبيلائي تڪرارن ۾ اچتو ۽ پراسرار شدت ايندي رهي.

“پنهنجي اخبار” پاران گڏ ڪيل انگ اکرن موجب، گذريل ساڍن ٽن سالن دوران شڪارپور، ڪنڌڪوٽ- ڪشمور، جيڪب آباد، گهوٽڪي، سکر، خيرپور ۽ نوابشاهه ضلعن ۾ هلندڙ 29 برادري تڪرارن جي نتيجي ۾ 19 معصوم ٻارن، 39 عورتن سميت مجموعي طور 489 انساني جانيون گولين جو بک بڻجي ويون. خوني جهيڙن ۾ شڪارپور ضلعو سدائين وانگر پهرين پوزيشن تي رهيو ۽ ضلعي جا وري ڳڙهي ياسين، خانپور تعلقا قبيلائي رتوڇاڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا. ساڍن ٽن سالن جي عرصي دوران صرف ٻن تعلقن جي ڇهن برادري جهيڙن 121 ماڻهو ماريا ويا. مدئجي جي ڪچي ۾ هلندڙ ڪلهوڙا- جوڻيجا ۽ خانپور تعلقي ۾ جتوئي برادريءَ جي ٽن ڌرين ڪمالاڻي، عطراڻي ۽ سعدخاڻين ۾ هلندڙ تڪرار سڀ کان وڌيڪ خوني ثابت ٿيا. برادري جهيڙن سبب ذڪر ڪيل ٻن تعلقن جا 47 اسڪول بند ٿيا ۽ لڳ ڀڳ 3500 معصوم ٻار تعليم جهڙي بنيادي سهولت کان محروم بڻجي ويا. اهڙي صورتحال هوندي به نه صرف پ پ سرڪار کي ان ڳالهه سان ڪا غرض ڪانهي ته سنڌ جي چوڌاري گروهي ۽ قبيلائي تڪرارن جي ڪري روز ڪيترا جنازا کڄيا. سنڌ جي اتر وارن خاص طور ڇهن ضلعن جيڪب آباد، شڪارپور، ڪشمور، گهوٽڪي، سکر ۽ خيرپور ۾ جتي ڏهاڪن کان وڌيڪ بدامني انتظامي مسئلو ته رهي آهي پر ان جا سبب ڪنهن حد تائين سياسي، سماجي ۽ معاشي به آهن. ٻي اهم ڳالهه اها به آهي ته جڏهن ماڻهن جو انتظامي ادارن تان اعتماد کڄي ويندو آهي ته اهي بدلي جي باهه ۾ هٿيار کڻي پاڻ مرادو فيصلا ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. پ پ جي پندرنهن سالا حڪومتي دور ۾ ائين ئي ٿيو آهي. ذڪر ڪيل انهن ضلعن ۾ جاري اهي سڀ قبيلائي جهيڙا دراصل انصاف جي سرشتي تي عوام جي عدم اعتماد جو اظهار رهيا آهن. انهن ضلعن اندر هلندڙ خوني جهيڙن جو اصل سبب معلوم ڪبو به خبر پوندي ته انهن جهيڙن جو اصل رمورٽ ڪنٽرول ڪنهن ٻي هنڌ تي آهي، ڇو ته ماضيءَ جي مهر- جتوئي، مارفاڻي- قمبراڻي تڪرارن جا ڪيترائي پراسرار پهلو موجود آهن، جنهن رخ تي اسانجي حڪمرانن سنجيدگيءَ سان ڪڏهن غور ڪرڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي آهي. سالن کان وٺي اڄ تائين به جهيڙيندڙ ڌرين وارن علائقن ۾ زندگي مفلوج بڻيل آهي. زندگيءَ جو ڪار وهنوار ٺپ آهي. بدلي جي باهه ۾ ماڻهو ٻنيون ٻارا وڪڻي ڳرا هٿيار وٺي رهيا آهن ۽ وڌندڙ رتوڇاڻ سبب هٿيار وڪڻندڙ توڙي ورتل هٿيار پڄائيندڙ مافيائن جا وارا نيارا ٿي پيا آهن ۽ ان صورتحال ۾ حيران ڪندڙ ڳالهه اها به آهي ته هٿيارن جي فراهمي به انهن ئي رستن کان ٿئي ٿي، جتي قانون جي چوڪس هجڻ جون دعوائون ڪيون وڃن ٿيون. قبيلائي جهيڙن جي حوالي سان بنيادي سوال اهو به آهي ته اهي خطرناڪ هٿيار انهن ماڻهن وٽ ڪيئن پهچن ٿا…؟ ان سوال تي ڪڏهن قانون جي رکوالن غور ڪيو آهي يا وڙهندڙ ڌرين کي هٿيار پهچائيندڙن جي پراسراريت واري پهلو جو پيرو کنيو آهي؟ اهي ئي سوال آهن، جن جي صحيح جواب مان ئي سنڌ جي اترئين ضلعن ۾ بدامنيءَ جي بيماريءَ جو علاج ڳولهي سگهجي ٿو. قبيلائي جهيڙن سبب نه صرف ڪاروبار متاثر ٿيا آهن پر زراعت تباهه ٿي آهي. زمينون غيرآباد هجڻ سبب انهن ڇهن ضلعن جي ٻهراڙين ۾ غربت تيزيءَ سان وڌي آهي. اسڪول بند آهن، جنهن ڪري سوين ٻارن جي تعليم متاثر ٿي آهي. اگر سنجيدگيءَ سان سوچجي ته اهي سڀ ڳالهيون آخر ڪنهن جي مفاد ۾ آهن؟

بقول بلاول ڀُٽي زرداريءَ جي، سنڌ جو امن ۽ غربت جو خاتمو سندن حڪومت جي پهرين ترجيح رهي آهي پر اتر سنڌ جي ڇهن ضلعن جيڪب آباد، شڪاپور، ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي، سکر ۽ خيرپور جي ويجهي ماضيءَ جي  15 سالن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته انهن ضلعن ۾ جتي رياست جي عملداريءَ بجاءِ جرڳائي سردارن جي مرضي هلندي آهي، جن جي وڏي اڪثريت پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊجي اسميبلي ۾ پهتي آهي يا وري سندن وابستگي امن جي ڳالهه ڪندڙ بلاول صاحب جي پارٽيءَ سان رهي آهي. اڪثر سياسي ڀوتار پنهنجي ووٽ بينڪ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ برادرين ۾ جهيڙا ڪرائي، انهن ۾ هٿرادو طور عدم تحفظ جو احساس وڌرائي برادرين کي ڀوتارڪي ڇٽيءَ هيٺ يرغمال ڪرڻ واري اٽڪل ڪريو ويٺا آهن. ان ڳالهه کان ڪير انڪار ڪندو ته سنڌ جي شڪارپور، ڪشمور -ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ قبيلائي رتوڇاڻ جي واڌ ويجهه ۾ مقامي سردارن، وڏيرن ۽ جاگيردارن جي بقا لڪل آهي. وڏيرڪي مفادن جو ٻليدان بي قصور، واٽ ويندڙ، جهيڙن کان ڪوهين ڏور ماڻهو ئي ٿيندا آهن. انهن جهيڙن ۾ ڪڏهن به ڪنهن وڏيري جي گهران لاشا ناهن نڪتا ۽ نه ئي کين ڪا رهنڊ ئي ايندي آهي. ان سموري معاملي ۾ جتي سرڪار جي ڪن لاٽار شامل آهي، اتي برادرين جي سردارن توڙي چڱن مڙسن ۽ نام نهاد علائقائي وڏيرن جي مجرماڻي ماٺ کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته قديم سنڌ جو “وڏيرو” جنهن کي نه صرف امن جي علامت ۽ سنڌ جو ثقافتي ڪردار پر وڏ- ماڻهپي سبب “وڏيرو” چئبو هو، جيڪو جهيڙا ٽاريندو هو، برادرين ۾ پيدا ٿيندڙ ننڍين وڇوٽين کي وڏن جهيڙن ۾ تبديل ٿيڻ کان پهرين صُلح ڪرائي جهيڙا ختم ڪندو هو پر هاڻوڪن سردارن، “وڏيرن” ۾ اهي ڳالهيون خوردبين سان ڏسڻ باوجود نٿيون ملن، ڇاڪاڻ ته گهڻي ڀاڱي اتر جي انهن ڇهن ضلعن اندر قبيلائي تڪرارن ۾ انهن وڏيرن جي مفادن جو پاند ضرور پسيل آهي، جن جي ٽڪي جي مفادن خاطر بيگناهه جانيون وڃن ٿيون ۽ ان درد کي مردن کان وڌيڪ حاص طور ٻهراڙيءَ جون اهي ئي عورتون ڀوڳين ٿيون، جن لاءِ پ پ سرڪار اها دعويٰ ڪندي رهي آهي ته اسان عورتن کي بنيادي حق ڏيئي توڙي کين پنهنجي پيرن تي بيهاريو آهي پر سنڌ جي ڪچي توڙي پڪي جي ٻهراڙين تي نظر وجهبي ته پتو پوندو ته دعويٰ ۽ حقيقت ۾ ڪيترو نه متضاد آهي! جڏهن ته ملڪي آباديءَ جو اڌ لکيو ويندڙ عورتن جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ حڪومت طرفان اعلان اڌورا ئي رهيا. بينظير نالي تي وجود ۾ ايندڙ سنڌ سرڪار عورتن جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ڪابه قانون سازي ڪري نه سگهي. ٻهراڙيءَ جي عورت کي ذميوارين جي بار ۾ ايترو ته پوريو ويو آهي، جو کيس اها ڄاڻ ئي ناهي ته سندس به ڪي حق يا گهرجون آهن. سنڌ ۾ هزارين عورتن کي تحفظ ڏيڻ بجاءِ سنڌ سرڪار کين وظيفي جي نالي “پينو فقير” بڻائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي. حڪومتون آيون ويون پر گذريل حڪومتن جيان هنن پنجن سالن جو حڪومتي عرصو به سنڌ جي عورت لاءِ ڪا سهنجائي آڻي نه سگهيو. گلوبل وليج بڻيل هن جديد دنيا ۾ به سنڌ جي عورت لاءِ ڪارنهن جون ڪاتيون اڀيون رهيون. ننڍي عمر ۾ جبري شاديون ۽ سڱ چٽيءَ جهڙيون ڪڌيون روايتون به گهٽجڻ بجاءِ تيزيءَ سان وڌيون، جنهن جا ڇرڪائيندڙ انگ اکر “پنهنجي اخبار” لاءِ رپورٽنگ ڪندي مون گڏ ڪيا آهن، جن موجب صرف پوئين ٻن سالن ۾ عورتن سان ٿيندڙ ظلم زيادتين، ڪارنهن الزام ۾ قتل ۽ خودڪشيءَ جي واقعن ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آهي. سماجي اڻبرابري، نا انصافي سبب مجموعي طور تي 267 عورتن جون زندگيون کسجي ويون آهن، جن جا مڪمل تفصيل هيٺ ڏجن ٿا:

مجموعي طور تي 109 عورتن تي ڪارنهن جي تهمت مڙهي وئي، جن مان 90 عورتن کي قتل جڏهن ته 19 عورتن کي پوليس ۽ پاڙي وارن بچايو آهي. سنڌ ۾ ڪارنهن جا سڀ کان وڌيڪ  واقعا جيڪب آباد ۾ 49، ڪشمور ضلعي ۾ 34 پيش آيا آهن. اهڙي ريت 9 عورتون ويم لاءِ اسپتال آيون، جتي 4 عورتن ڊاڪٽر نه هجڻ ۽ 2 عورتن ڊاڪٽر جي سستيءَ سبب اسپتالن جي ٻاهران تڙپي ساهه ڏنو. ٻئي پاسي پوين ٻن سالن جي گڏ ڪيل انگن اکرن موجب 477 عورتن گهريلو پريشانين، تشدد، بيمارين کان تنگ ٿي خودڪشي ڪري زندگيءَ جو ڏيئو اجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، جن مان 267 عورتون فوت ٿي ويون، 210 عورتن کي بچايو ويو آهي. عورتن پاران ٿيندڙ خودڪشيءَ جا سڀ کان وڌيڪ 149 واقعا سنڌ جي پوئتي پيل علائقي ٿرپاڪر مان رپورٽ ٿيا.

نه صرف عورت پر قانون جي ڪمزور ٿيل رِٽ سبب انهن معصوم ٻارن لاءِ به هيءَ ڌرتي تنگ ڪئي وئي، جن کي اگر زندگيءَ مان “مائنس” ڪري ڇڏجي ته ڄڻ هي دنيا بي رنگ بڻجي ويندي ۽ بدقسمتيءَ سان لکڻو ٿو پوي ته سنڌي سماج جي ڏيوالپڻي جو ڀيانڪ عڪس ان کان وڌيڪ ڇا هوندو، جو ڪشمور جي ٽن سالن جي ٻارڙي عليشا جنسي زيادتيءَ جو نشانو بڻجي وئي. گذريل ٻن سالن دوران زيادتي جا 1321 واقعا پيش آيا آهن. جنسي زيادتي جي وڌندڙ واقعن ۾ دادو پهرئين، خيرپور ۽ لاڙڪاڻو ٻين نمبر تي رهيا، جتي ٻارن سان زيادتين جا 119 ۽ ترتيبوار 59-59 واقعا رپورٽ ٿيا آهن. سکر ۽ ڪشمور ضلعن ۾ 45-45، حيدرآباد ۾ 42، جڏهن ته شڪارپور ۽ جيڪب آباد 31-30، بدين ۽ نوشهرو فيروز ۾ ترتيبوار 27 ۽ 26 واقعا ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيا آهن. اهي سمورا انگ اکر حڪمرانن جي ان دعويٰ جي پت وائکي ڪرڻ لاءَ ڪافي آهن ته امن امان ۽ غربت جو خاتمو سندن حڪومت جي پهرين ترجيح رهي آهي.

سنڌ مٿان پندرنهن سالن کان حڪومت ڪندڙ پ پ جا اڳواڻ سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻ جون ڀلي ڪيتريون دعوائون ڪن پر ان ڳالهه کان ڪير انڪار ڪندو ته سنڌ جي شڪارپور، ڪشمور- ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ قبيلائي رتوڇاڻ جي واڌ ويجهه ۾ انهن ئي مقامي سردارن، وڏيرن ۽ جاگيردارن جي بقا لڪل آهي، جن جي سياسي وابستگي اٽي، لٽي ۽ اجهي واري نعري تي قائم ڪيل ان پارٽيءَ سان ئي آهي. وڏيرا ووٽ وٺڻ لاءِ ماڻهن کي هيسائڻ وارو فارمولو آزمائين ٿا. خوني جهيڙن کي هوا ڏئي قبيلائي تڪرارن جي باهه ڀڙڪائين ٿا. خوني جهيڙن ۾ مرڻ وارن جو ڏوهه فقط ايترو هوندو آهي، جو هو ٻن وڙهندڙ ڌرين جي ذاتين منجهان ڪنهن هڪ ذات سان وابسته هوندا آهن. هو پنهنجي جُوءِ ۾ پنهنجن دوستن جي وچ ۾ رهندي مري ويندا آهن ۽ پوري زندگي پنهنجي پونئيرن جي ذهنن ۾ بدلي جي ڪوڙاڻ ڀري ويندا آهن. ڪروڌ ۽ نفرت جي هڪ ڀيانڪ لهر اٿندي آهي، جنهن ۾ اوپريون گوليون واٽ ويندڙن جا به سينا پروڻ ڪري وجهنديون آهن ۽ پوءِ دٻاءُ پوڻ بعد آخر ۾ جرڳائي سردار ويھندا آهن، خون خونن ۾ پاڙي ڌرين کي کير کنڊ ڪيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته 80ع زماني کان هن وقت تائين سنڌ جي اترئين ضلعن ۾ انتهائي منظم رٿابنديءَ سان سنڌي ماڻهن کي هڪٻئي سان ويڙهائي کين ڇڙ وڇڙ ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.

قبيلائي دهشگرديءَ جو نشانو بڻيل انهن ضلعن جي سوين نوجوانن وڏيرن، سردارن جي ذهنن کي لوڏيندڙ اهي سوال ڪرڻ شروع ڪيا آهن ته غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گذاريندڙ ۽ ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان ماڻهن وٽ جي ٿري، ڪلاشنڪوف، ايل ايم جي ۽ لکين رپين جا لانچر ڪٿان ٿا اچن؟

برادريءَ جي بنياد تي ٿيندڙ قبيلائي دهشتگرديءَ ۾ ڪڏهن ڪنهن سردار، وڏيري جي ڪنهن پٽ يا ڪنهن ويجهي عزيز  کي ڪا رهنڊ آئي آهي؟ جرڳن ۾، سردار يا وڏيري پٽ مٿان هٿيار سڌو ڪرڻ جو ڏنڊ غريب جي خون بها کان ٻيڻو ڇو هوندو آهي؟ جرڳائي وڏيرا غريبن جا خون خونن ۾ پاڙي چڱن مڙسن جي پڳ واري رقم ڇو وصول ڪندا آهن؟ قبيلائي جهيڙن ۾ آخر مسڪين جا ٻچا ڇو مرندا آهن؟

انهن سڀني سنجيده سوالن جا جواب هاڻي ڳولهڻا پوندا ۽ ذميوارن کي قانون موجب سزائون ڏيڻيون پونديون. آخر ۾ سنڌ جي اختيار ڌڻين کي عرض آهي ته اگر واقعي سنڌ جو امن اوهانجي پهرين ترجيح آهي ته پوءِ سکڻن اعلانن بجاءِ سمورين مصلحتن کي هڪ پاسي رکي سنڌ جي قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ سنجيده اپاءُ وٺي، انهن متاثر علائقن ۾ قانون جي رِٽ قائم ڪري انتظامي فرض پورو ڪرڻ سان گڏ، قبيلائي جهيڙن کي وڌائي ان مان فائدو حاصل ڪندڙ ننڍي کان وڏي وڏيري تائين، جهيڙيندڙ ڌرين کي هٿيار پهچائيندڙن جا سمورا گهٽ گهيڙ بند ڪيا وڃن، ڇاڪاڻ ته جيستائين ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ اشرافيا کي قانون جي گرفت ۾ نه آندو ويندو ۽ جهيڙيندڙ ڌرين تائين هٿيارن جي رسد کي نه روڪيو ويندو، تيستائين سنڌ ۾ قبيلائي رتوڇاڻ وارو جڙيل خطرناڪ تعارف تبديل ٿي نه سگهندو.