پنو عاقل پوليس ڀنگ سان ڀريل بالٽيون ٿاڻي تي کڻي آئي

0
158

پنو عاقل (ن پ ا) پنو عاقل ۾ پوليس ڪارروايون ڪري ڀنگ پيئندڙ 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ڀنگ سان ڀريل بالٽيون به ٿاڻي تي کڻي آئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جيئي لطيف درٻار ۽ ٻين مختلف مئخانن تي ڇاپا هنيا ويا، جنهن دوران 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

ايس ايڇ او الهوڌايو پتافي جو چوڻ آهي ته پوليس ثبوت طور تي ڀنگ سان ڀريل بالٽيون به کڻي آئي آھي.