پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ۾ شاگردياڻيءَ سان جنسي زيادتي بعد وڊيوز رڪارڊ ڪرڻ واري ڪيس جي مک جوابدار ياسر آرائين کي پوليس سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت جوابدار کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. خبر موجب پنوعاقل ۾ شاگردياڻي س شيخ سان جنسي زيادتي بعد وڊيوز رڪارڊ ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيل مک جوابدار ياسر آرائين کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي عدالت پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي. بائجي پوليس پاران مُک جوابدار ياسر آرائين کي سيڪنڊ سول جج پنوعاقل جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت جوابدار ياسر آرائين کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو. جڏھن ته اڳ گرفتار ٿيل ٻي مک جوابدار منير آرائين سميت ٽي جوابدار ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي آھن.