پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل پوليس ڪارروائي ڪندي مبينا طور گهر اندر واڙيل مستاني نينگريءَ کي آزاد ڪرائي ورتو. خبر موجب پنوعاقل سٽي پوليس ڪارروائي ڪندي مبينا طور گهر اندر قيد ڪيل مستاني نينگري کي آزاد ڪرائي ورتو آھي. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته شهر جي اعواڻ محلي ۾ ڪارروائي دوران مستاني نينگري ثنا اعواڻ کي بازياب ڪرايو ويو آھي. ڄاڻايل نينگري کي سندس والد اعجاز آرائين گهر اندر قيد ڪري رکيو ھو جنھن کي گرفتار ڪيو ويو آھي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.