سکر / پنوعاقل (نمائندن وٽان) پنوعاقل ويجهو دبر ٿاڻي جي حد ۾ چئن سالن جي نينگريءَ سان مبينا زيادتي، دبر ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار محمد علي چوهاڻ نينگري ش چوهاڻ کي مبينا زيادتيءَ جو نشانو بڻايو، نينگريءَ کي ميڊيڪل لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جوابدار گرفتار. خبر موجب پنوعاقل ڀرسان دبر ٿاڻي جي حد ڳوٺ ماهي چوهاڻ ۾ جوابدار نينگريءَ کي مبينا طور زيادتيءَ جو نشانو بڻايو. پوليس موجب جوابدار محمد علي چوهاڻ گهٽيءَ ۾ راند ڪندڙ چئن سالن جي ش چوهاڻ کي زيادتي جو نشانو بڻايو. پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته نينگري کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ھوڏانھن ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ معصوم نينگريءَ سان زيادتي واري واقعي جو نوٽيس ورتو. ترجمان موجب جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آھي. هوڏانهن نينگري کي ميڊيڪل لاءِ مقامي اسپتال منتقل جزا ورتا ويا. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.