پنوعاقل: ناري کي ڪارنھن الزام ھيٺ زهر ڏيئي مارڻ بعد لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائڻ جو انڪشاف

0
34
پنوعاقل: ناري کي ڪارنھن الزام ھيٺ زهر ڏيئي مارڻ بعد لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائڻ جو انڪشاف
پنوعاقل: ناري کي ڪارنھن الزام ھيٺ زهر ڏيئي مارڻ بعد لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائڻ جو انڪشاف

پنو عاقل (رپورٽ: نديم بوزدار) پنوعاقل ڀرسان ناري کي ڪارنھن الزام ھيٺ زهر ڏيئي مارڻ بعد لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ذريعن جو چوڻ هي ته دادلوءَ ٿاڻي جي حد ۾ جوابدارن شريفان بلو  کي زهر ڏيئي قتل ڪرڻ بعد لاش ڳجهه  ڳوهه ۾ دفنائي ڇڏيو، ناري کي 2ڏينهن اڳ رات جو پنوعاقل اسپتال  منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏنو، لاش بنا قانوني ڪارروائي جي وارثن حوالي  ڪيو ويو

اطلاع تي پوليس ڳوٺ واهر بلو تي چڙهائي  ڪري ناري جي مڙس گاجي بلو ۽ ڀاءُ ممتاز بلو کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو

پوليس موجب ناري جي وارثن جو چوڻ آهي ته هن زهريلي  دوا پي آپگهات ڪيو هو، لاش  دفنايو ويو آهي، ناري جي مڙس ۽ ڀاءُ کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي