پنهنجي ڪهاڻي تنبيھَه..

0
216

محمد علي پٺاڻ

گهٽيءَ ۾ مينهن کي رلندو ڏسي پريي مڙس خدا بخش جي سوچ ۾ آيو ته، پنهنجي ستن گهٽين واري ڪالونيءَ ۾ ته مينهن ڪنهن به گهر ۾ ڪونھي. ته پوءِ ڪنهن جي مينهن آ؟..
ان سوال جي اڀرڻ سان ھڪدم جواب به اڳيان اچي بيٺس، شايد ڀَٽاري دڳ ڀلجي ھيڏي آئي آ.
تڏهن تڪڙو گهر اندر وڃي ھڪ پراڻي تانگھه جي ٽُڪري کي رسو ڪري مينهن جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي، ان کي ٿاڻي تي ڪاھي ويو.
“الائي ڪنهن جي مينهن آ. ڀلجي اسان جي ڪالونيءَ ۾ پئي ڀٽڪي، ته ڪاھي اوھان وٽ پُڄائي آ. جيڪو مالڪ ٿِئيس. ڏئي ڇڏجوس.” صوبيدار کي ايترو چئي مينهن جو رسو ھڪ سپاهيءَ جي ھٿ ۾ پڪڙائي خدا بخش ٿاڻي مان نڪري ويو.
نيرڙي ٽيپھريءَ جو وَريل عرف وَرُو
حواس باخته چھري سان مينهن جي ڳولا ڪندي ٿاڻي ڀرسان لنگهيو، ته بجليءَ جي پولَ ۾ پنهنجي مينهن ٻڌل ڏسي، سڃاڻي، پاڙي جي با اثر ناظم صاحب وٽ سھڪندو پھتو ۽ ماجرا ٻڌايائينس ته، “ڌنار کان مينهن ٿِڙي وئي، جيڪا ھاڻي ٿاڻي تي ٻڌل آهي. توهان ھلي ڇڏائي ڏيوم..”
ناظم صاحب وڃي مينهن سندس حوالي ڪرائي. جيڪا رسي ۾ ھٿ وجهي ٿاڻي مان ڌڪي ائين ڪڍيائين پئي، ته ھڪ نوجوان رڙ ڪري اتي پھچندي چيس،”مينهن منهنجي آ. ھَٿُ ڪڍينس..”
“ڀُليو آن ڀائو، مينهن منهنجي ئي آهي..”
“ثبوت ڏي.. ”
“سائين، توهان سمجهايوس.. ” وَرُوءَ ناظم صاحب ڏانهن مُنهن ڪري چيو، “الائي ڪنهن جي چُرچَ تي ڪنڌَ ۾ ٿو پَوي..”
“سنڀالي ڳالھاءِ. مان به ائين ھن کي سُڃاڻان ٿو، جيئن ناظم صاحب توکي ٿو سُڃاڻي. شاھن سُٺي ساکَ وارو آ، ڪوڙو ناهي.. ” ناظم صاحب جي ڪجهه چَوَڻَ کان اڳ اڌڙوٽ سپاھي جمعي وچ ۾ ٽپو ڏيندي شاھن جي ڌُرِ بڻجي پيو.
“صوبيدار صاحب وٽ ھلو ادا، ھتي ھيءَ بحثابحثي سٺي ناهي..” ناظم وچ وارو رستو ورتو.
“ھلو.. ” وَرُوءَ وراڻيو.
سڀ صوبيدار وٽ ويا. جنهن ٻنھي جي دعويٰ جو ٿوري جهِڳِ جهِڳان کانپوءِ اندر جي سٺائيءَ سان ۽ مشاھداتي تارازي ھٿ ۾ ڪري ٽوڙ اھو ڪڍيو ته،”وَرُو رَسي مان ھٿ ڪڍي. پوءِ ٻئي ڄڻا مختلف پاسن ڏانهن وڃن. مينهن جنهن جي پٺيان وڃي ، انھي جي ٿيندي.. ”
پھريان شاھن کي ٿاڻي جي آڳر ۾ ڏکڻ طرف وڃڻو پيو، ته مينهن لئوڻو ھڻي ڏانھس ڏٺو ئي نه.
پوءِ وَرُو اتر ڏي وڌيو ته مينهن ڪنڌ ورائي سنئين ۽ تڪڙي ٿي ان جي ڪَڍَ وڃڻ لڳي.
“وڃ بابا، وڃ. مينهن تنهنجي ئي آ. ڌِڪيون وڃ..”صوبيدار وروءَ کي چيو.
“مھرباني سائين..” وروءَ وراڻيو.
“لک قرب..” چئي ناظم صاحب به ان جي ڪڍ وڃڻ لڳو.
پوءِ صوبيدار ڪنڌ ڦيرايو ۽ شاھن سان مخاطب ٿيندي چيائين،”ٻڌاءِ، ڇا رھيُئي مُنهن ۾، جو ھَگدي ۾ پرائي مينھن پيو تڳائين. ھاڻي فراڊ جي ڪيس ۾ ڪيانءِ چالان ته، ٻيا به سِکَنِ ان مان سبق، ھان؟..”
شاھن ندامت محسوس ڪندي بنا دير ٻئي ھٿ ملائي سِڌا ڪيا،”معافي سرڪار..”
“معافيءَ جاسَڪا، نڪر ھِتَئُون..”
شاھن تڪڙا قدم کڻي ٿاڻي مان نڪرڻ لڳو، ته جمعو به کسڪڻ لڳو.
“جمعا، ھيڏي آ..”
جمعو ھيسجي پوئتي وريو، ته صوبيدار چيس،”ھن سڄي فلم جي پويان، تون ئي ھُئين بابلا، مون سمجهيو ۽ قانون تي سختيءَ سان عمل جي توکي ته منهنجي سربستي خبر آ، انڪري تنبيھه ٿو ڪيانءِ ته، وري نه شاھن جھڙن کي ھھڙو دڳ ڏيکاريئي، ته ان سان رَلائي، ڪيس ۾ اڳتي ڪرڻ ۾ اصلي دير نه ڪندوسانءِ…” (واٽس ايپ ميسج)