پنهنجي سموري ڄمار ۾ ڪڏهن به اسرائيل جو دورو نه ڪيو آهي:ذلفي بخاري

0
382

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم عمران خان جي اڳوڻي خاص مددگار ذلفي بخاري چيو آهي ته هن پنهنجي سموري ڄمار ۾ ڪڏهن به اسرائيل جو دورو نه ڪيو آهي. زلفي بخاري جو چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي سندس اسرائيل جي دوري بابت گردش ڪندڙ خبر ۾ ڪا به صداقت نه آهي هن ڪڏهن به اسرائيل جو دورو نه ڪيو آهي . پرڏيهي کاتي جي ترجمان ترديد ڪندي چيو آهي ته ذلفي بخاري جَي اسرائيلي دوري جون خبرون بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ آهن، اسرائيل جو اهڙو ڪو به دورو ناهي ڪيو ويو. پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته، 18 ڊسمبر 2020 ع دوران به اهڙين ڪوڙين خبرن کي رد ڪيو ويو هو، اسرائيل جَي معاملي ۾ پاڪستان جَي اصولي موقف ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي. هن چيو ته ذلفي بخاري به ترديد ڪندي چيو آهي ته هو زندگي ۾ ڪڏهن به اسرائيل نه ويو آهي. اسرائيلي اخبار دعويٰ ڪئي هئي ته ذلفي بخاري برطانوي پاسپورٽ جو فائدو وٺندَي نومبر 2020 جَي آخري هفتي ۾ اسرائيل جو مختصر دورو ڪيو، جنهن دوران هُن موساد چيف سان ملاقات ڪئي ۽ هڪ اهم شخصيت جو پيغام پهچايو.