پنهنجو ديس پنهنجي دنيا

0
174
ارمانن-جي-هجومن-۾-اڪيلو-ايندڙ-سيارو

   هزارين سالن جي تاريخ رکندڙ سنڌ، جنهن جو برصغير ۾ ته ڇا پر دنيا ۾ وڄندڙ نالو رهيو آھي، ان جي تاريخي حيثيت نه رڳو امن ، محبت ، ڀائيچاري،زراعت، هنر، ماحول ،موسمن ۽ بهتر آبهوا جي ڪري رهي آھي پر سنڌو درياءَ ، نئين ، ٻيلن ،چراگاهن،  بندرن ۽ ڏيساور سان وڻج واپار ڪري به نالو رهيو آھي، اها سنڌ جنهن جو ذڪر حضور صلعم جن منصوره کان آيل سنڌي عالمن سان ڪن ٿا. اها سنڌ جنهن جو ذڪر ڪربلا جي ميدان ۾ امام حسين عليه السلام جن ڪن ٿا ۽ فرمائين ٿا جيڪڏھن اسان کي گس ڏنو وڃي ته اسان سنڌ جي طرف کان هليا وڃون، اها سنڌ جنهن جون مست هوائون موهيندڙ آبهوا جون ضامن هجن.

اها سنڌ جنهن لاءِ شاهه ڀٽائي دعا گهري هئي

سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار ، عالم سڀ آباد ڪرين

 اها سنڌ جنهن لاءِ دودي سومري جان ڏني هئي

دودا تنهنجو ساهه ته ويندو، پر ماڻهن جو  ويساهه نه ويندو.

                 اها سنڌ جنهن لاءِ روپلي ڪولهي جي زال روپلي کي چيو هو ته انگريزن سان ٺاهه نه ڪج ڌرتي سان نيباهه ڪج، متان ڪارونجهر جون ڪامڻيون مون کي مهڻا  ڏين، اها سنڌ جنهن لاءِ جي ايم سيد پنهنجي عمر جا آخري ٽيهه سال قيد ڪاٽيو هو، اها سنڌ جنهن لاءِ ڀڳوتي نامياڻي ڳايو هو.

 جيئي منهنجي سنڌ، گهوريا تنهن تان جند، پنهنجي اٻاڻي وطن تان

 اها سنڌ جنهن ۾ اڪبر بادشاهه نه فقط جنم ورتو هو پر هن هندستان جي شھنشاهي دوران فتح باغ ۾ اچي ديرو به ڄمايو هو، اها سنڌ جنهن جون ڪاتاريون چرخا چوري انسانن جي اوگهڙ ڍڪينديون هيون،اها سنڌ جنهن ۾ پٽيهل، مهراڻ، ھاڪڙو۽ ريڻ نديون وهنديون هيون، اها سنڌ جنهن جو نالو ٻڌڻ سان دل ۾ ايئن ڌڪ لڳندو هو، جيئن وڇڙيل محبوب جو نالو ٻڌڻ سان دل ۾ ڌڪ لڳندو آھي، اها سنڌ جنهن لاءِ هند لڏي ويل سنڌي ڪلاڪارن اديبن، شاعرن موهن ڪلپنا، ماسٽر چندر،  گوبند مالهي ۽ ٻين چيو هو ته شال ٻيهر سنڌ ڏي موٽي وڃون ۽ ان جو پويتر پاڻي پيءَ اڃ اجهايون، اها سنڌ جنهن جي اڄ جي نو جوان نسل کي خبر ئي ڪونهي ته اڳ ان جي پکيڙ ڪيتري هئي، اڄ اها ڪيئن سيڪڙجي ويئي آھي ۽ ان کي ڪيئن تباهه ڪيو ٿو وڃي.

 اها سنڌ جيڪا ڪالهه سڪائي ويئي هئي ۽ اڄ اها ٻڏي ويئي آھي، اها سنڌ ڪيئن ٻڏي ويئي؟ان جي ٻڏڻ جو  ڪارڻ عام ماڻھن وٽ ڀل فقط برسات ئي هجي پر ان جا ٻيا به ڪيترائي ڪارڻ آھن. اٻوجھه ماڻھن کي اهو علم ناهي ته جيڪڏھن پاڻي نيڪال جا سڀ لنگهه لانگها۽ ٻيون رڪاوٽون ختم هجن ها ته برساتي پاڻي نيڪال ٿي وڃي ها، ايئن ڳوٺن جا ڳوٺ ۽ شھر نه ٻڏن ها،  ايئن بيٺل برساتي  پاڻي گهر نه ڪيرائي ها، ايئن ڊھندڙ گهرن ۾ ماڻھو نه مرن ها۽ ايئن امداد جي آسري باقي ماڻھو ور ور نه واجهائين ها، اٻوجهه ۽ پورهيت ماڻھن کي اها خبر ناهي ته سندن ئي ڪمائي جوپئسو سندن ئي تباهي تي ڪيئن ٿوخرچ ٿئي، انهن کي اها خبر ناهي ته ائٽم بم ڇا آھي، انهن کي فقط اها خبر آھي ته ڪهاڙي ڪاريا ٺاهيندا آھن، جيڪا ڪاري قرار ڏنل عورت کي ڪنڌ۾ ئي لڳڻي آھي. انهن کي فقط  اها خبر آھي ته اسان کي جيئن ئي ڀوتار چوي ايئن ئي ڪرڻو آھي، انهن کي فقط  اها خبر آھي ته اسان غلام ابن غلام آھيون پر انهن کي اها خبر ناهي ته غلامي جو ڳٽ ڳچي مان ڪيئن ڪڍائجي ۽ انهن کي اها به خبر ناهي ته انقلاب ڪيئن ايندا آھن ۽ انهن کي اها به خبر ناهي ته دنيا ۾ گهڻا انقلاب آيا آھن.انهن کي بس اها خبر آھي ته ننڍي وهي کان عمر جي آخري ڏينهن تائين وڏيرن جي فصلن، مال، بنگلن جي چوڪيداري ڪرڻي آھي، وڏيرن جي چمچاگيري ڪرڻي آھي، اليڪشن دوران انهن جا وڏا نعرا  هڻڻا آھن، انهن جو ڏمر ۽ ڏاڍ پاڻ تي وسائڻو آھي، بس زندگي ايئن ئي گذاري وڃڻي آھي،
هو اٻوجهه ماڻھو  پنهنجي پنهنجي دنيا ۾ رهن ٿا، هنن جي دنيا ڪيڏي اونداهين ۽ الڳ دنيا آھي، هنن جي دنيا ڪيڏي پراڻي دنيا آھي، ھنن لاءِ فقط ٻه ويلا ماني ئي زندگي جو سارو مفهوم آھي،هو دنيا ۾ ٿيندڙ ترقي جي جهان کان ڪيترو نه پري آھن،  مير تقي مير اهڙي صورتحال تي لکيو هو.

سر شام هي بجها رهتا هي

دل هوا هي چراغ مفلس کا

هيلوڪين برساتن جڏھن انهن جا اجها پٽ ڪري انهن جا فصل ٻوڙي انهن کي ناس ڪري ڇڏيو آھي ته اهي هاڻي ڪيئن ڪن، ڪيڏانھن وڃن؟وٽن ٻي ڪا واٽ نه رهي آھي، وٽن کائڻ لاءِ ڪجهه نه بچيو آھي، پاڻ ۽ سندن  ٻچا بکيا آھن، هو اڄ ڪيترو نه بيوس آھن،  هو سرندي وارن ماڻھن جي اڳيان پينو ٿا لڳن انهن جي اڳيان هٿ ڦھلائين ٿاپر کين ڪجھه به پلئه نه ٿو پوي.

هو هر ڪنهن اڳيان هٿ ڦھلائين ٿا

پنهنجو پاڻ وڃائي ڪنڌ نوائين ٿا

دور ٿي مون کان ڪجهھ به ناهي

ماڻھو تن کان دور ٿيندي نٽائين ٿا

جيتوڻيڪ هر قسم جي محرومين، ڏکن، تباهين ۽ ٻين خطرن باوجود هي دور انسانن جي زوال جي مايوسين جو نه پر انهن جي ترقي، اوسر ۽ عروج جي اميدن ۽ امنگن جو آھي، پر هتي محروميون مقدر بڻيون پيون آھن.

هيلوڪين برساتن نه فقط سنڌ جا چند گهر اجاڙيا آھن پر هتي ته ساري سنڌ اجڙي پيئي آھي.

فريدا مين ڄاڻيا دک مجهھ ڪو, دک سڀا اي جڳ

اچي چڙھه ڪي ويکيا،  تان گهر گهر اها اڳ

فريد،  مون ڀانيو ته ڏک رڳو مون کي آھن پر ڪوٺي تي چڙھي ڏٺم گهر گهر باهه پيئي ٻري.سنڌ ڪيترو وقت ٻڏندي ۽ سڪندي رهندي، اهو چوڻ قبل از وقت آھي، پر هن وقت جيان هر ڏکئي وقت مان نڪرڻ لاءِ ماڻھن کي حڪومت يا چونڊيل نمائندن تي ڀاڙڻ بدران پاڻ اڳيان نڪرڻو پوندو.