ڪراچي :  نامياري ليکڪ جامي چانڊيو آهي چيو آهي ته  ڀٽائي گهوٽ جا ڪردار وڏيرا يا  جاگيردار نه پر پورھيت ھئا،  مڱڻھار،  ڪوري  ملاح عام ماڻهو آھن، ڀٽائي کي پنهنجي فڪر کان الڳ ڪري ڏسبو ته انھي کي سمجهي نٿو سگهجي ـ لطيف شناسي جو بنياد اصول اھو آھي ته سندس ڍجزوي بيتن کي انھن سان جوڙي پڙھڻو پوندو تڏھن ئي ڀٽائي کي سمجھي سگهجي ٿو، برک  ليکڪا نورالھديٰ  شاھه  چيو ته  جن جي ڀٽائي ڳالهه ڪري ٿو،  اھي اوهان کي عام لڳن ٿا پر انھن کانسواءِ  توھانجو وجود بي معني آھي، پنهنجن ھم وطنن کانسواءِ وطن ڪجهه به ناھي،  اسين ڀٽائي کي ڳايون ٿا پر پنهنجن ھم وطنن جي تڪليفن کان بي خبر ٿي ويا آھيون ،سنڌ وارن کي لطيف جو فلسفو سمجھڻ جي ضرورت آھي،  وطن کي کوڙ شاعرن ڳايو آھي پر ھم وطن کي ھر شاعر ناھي ڳايو، برک تعليمدان مھتاب اڪبر راشدي چيو ته سنڌ جو ماڻهو پنهنجي وطن سان ڳنڍيل آھي،  پيار، سھپ ۽ اھنج سھنج سنڌ جي ماڻهن لاءِ اتساھ جي اھميت رکن ٿا، ماروي لاءِ ملير انهي ڪري اهم هو جو اتي پنهنجا ماڻهو ھئس، وطن جو تصور  زمين سان گڏ اتي رهندڙ ماڻهن سان جڙيل آھي ـ