2024.25 جي بجيٽ ۾ غريبن سان ٿيل دوکو!

وفاق ۽ سنڌ حڪومت کي اِھا خبر ٖئي ڪونهي ته اسان جي ملڪ ۾ سرڪاري ملازمن کان سواءَ غريب ماڻُهو به رھن ٿا، وفاق ۽ سنڌ حڪومت رڳو سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن ۾ واڌارو ڪري چوي ٿي ته اسان غريبن کي ھميشه رليف ڏنو آھي. ھنن کي اھا خبر ڪونهي ته توھان سرڪاري ملازمن کي رليف ڏنو آھي ۽ غريب ماڻهن تي مهانگائي جو وزن وڌو ويو آھي، غريب ماڻُهو جيڪو هڪ وقت ماني کائيندو آھي، اھا ماني به ڄڻ توھان ھن بجيٽ ۾ بند ڪري ڇڏي آھي. ھر شيءِ تي ٽئڪس لگائي غريبن جو حال ھيڻو ڪري ڇڏيو آھي ۽ ٽئڪس جي نالي تي جيڪو ڊرامون رچايو آھي، اھو ويچارو غريب ماڻهو ڪيڏي نه وڏي ڏکيائين ۾ ڀوڳي رهيو آهي. ھِيءَ بجيٽ تاريخ جي اھا بجيٽ آھي، جنهن ۾ تعليم جي ھٿيارن تي پابندي ھڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، ھن بجيٽ ۾ ڪتاب، ڪاپي، پين ۽ ھر اُھا شيءِ جيڪا تعليم سان لاڳاپيل آھي اُن سڀني تي ٽئڪس لڳائي غريبن کي تعليم حاصل کان ڄڻ ته روڪيو ويو آھي. ھي اِھو سمجهن ٿا ته جيڪڏهن غريب پڙھندو ته ان ۾ سجاڳي ايندي ۽ اسان جي ڪرسيءَ لاءِ خطرو به ٿي سگھي ٿو. خدارا توھان کي غريب ماڻُهن جي باري ۾ سوچڻ کپي، جيڪي توهان کي اعليٰ اسيمبلين تائين پهچائين ٿا. ھن بجيٽ ۾ جيڪو مهانگائي جو بم ڪيرايو ويو آھي اُن ۾ وڌ کان وڌ غريب ماڻُهو متاثر ٿيندا نه ڪي گورنمنٽ جي ڪِن ملازمن تي ڪو فرق پوندو.

سروپ سنگھه راجپوت/ ٿرپارڪر

پير ڳاڙھو قبرستان کي چوديواري ۽ روڊ تعمير ڪرايو!

ڳوٺ حسين آباد  تعلقي ڪوٽڏيجي جي قديمي پير ڳاڙھو قبرستان جو مفاصلو ڳوٺ حسين آباد کان اندازن ڏيڊ ڪلوميٽر آھي. جيئن ته قبرستان تائين ويندڙ رستو ڪچو آھي تنھن جي ڪري گرمي توڙي سردي ۾ ڌوڙ لتاڙي قبرستان تائين پھچڻو پوي ٿو. برسات جي ڏينھن ۾ جيڪڏهن ڪا فوتگي ٿي پئي ته رستو ڪچو ھجڻ جي ڪري گپ چڪ کي لتاڙي، وڏين ڏکيائين سان ڪانڌي ميت سميت قبرستان پھچندا آھن. ان جي ڪري ڳوٺ حسين آباد کان امير شاھ چوڪ ڏي ويندڙ لنڪ روڊ کان، حسين آباد جي ڀرسان وھندڙ ڪي فور سم نالي جي اوڀرندي پاسي کان ويندڙ ڪچي روڊ کان وٺي قبرستان تائين روڊ جي تعمير ڪئي وڃي جيئن ماڻھن جي قبرستان تائين اچ وڃ سولائيءَ سان ٿي سگھي. جيئن ته اوھان بخوبي واقف آھيو ته سنڌ جي اڪثر قبرستانن کي سرڪار چوديواري ڏياري آھي تنھن جي ڪري پير ڳاڙھو قبرستان جنھن جي ايراضي اندازن 5 کان 7 ايڪڙ آھي ان کي به چوديواري ڏياري وڃي ته جيئن قبرستان ۾ رولو جانورن ۽ چوپائي مال جي اچ وڃ ختم ٿي سگھي. اسين ڊي سي خيرپور، ضلعي ناظم خيرپور، سميت سڀني سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن کي عرض ٿا ڪريون ته ڄاڻايل ٻنھي مسئلن جي حل لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪندا ته سندن مھرباني ٿيندي.

محمد رضا خاصخيلي/ ڳوٺ حسين آباد، ڪوٽڏجي

اسان سنڌ لکون ٿا

ته ڪافر ٿا بڻجون!

سنڌ جي سرحد طرف داخل ٿيڻ تي اوچتو ننڊ جي خمار ۾ خوشبو اچڻ لڳي ٿي، ننڊ جي خمارن ۾ ئي آھيون ته خبر ان خوشبو ذريعي پئجي ويـندي آھي ته ھي خوشبو سنڌ جي آھي، يقينن اسان سنڌ پھچي ويا آھيون، بس پوءِ ڇا سمجھون ته اندر ڪنھن به شھر ۾ لھڻ کان پوءِ دشمن ئي اھو حال ڏسي سگھي ٿو، باقي غيرتمند ته ڪونه ٿو ڏسي سگھي، اتان جو حال  اسٽيشنن تي ته ڪابه شيءِ کائڻ جھڙي ناھي، جيڪا شيءِ اوھان کي پيڪ ڪري ڏيندا ضروري آھي اھا اوھان کي اڇلائڻي پوندي، ان ۾ بدبوءِ ڪنھن حد کان وڌيڪ ھوندي آھي. اتان  اسٽيشنن جا ڪاروباري ماڻھو ڪير ھوندا آھن؟ ٻه نمبري ۾ شايد پھريو نمبر اسان جو اچي ٿو. ھتي ھرڪو پنھنجي ذمي ھلي ٿو، ڪير ڪنھن جو ناھي، ھتان جا ماڻھو ته لاشن جا به ملھ رکيو ويٺا آھن، سائين ڏيو مُلھ ته لاش به ملي ويندو، ھتي ھر شيءِ جو نقل پڻ ٺاھيو ٿو وڃي، کير جھڙي وڏي شيءِ کي ڪيميڪل ۾ تبديل ڪيو ٿو وڃي، پوءِ اھو مارڪيٽ ۾ کپي ٿو، اتي ھر ھڪ وک وک تي ھوٽلون آھن ايترا ته کير وارا جانور به ناھن جتي کير مھيا ڪري سگھن پوءِ ھي چانھ ڪيئن ٿي ٺھي؟ ھتي انصاف نالي ۾ قانون سڀ ڪنھن جي ھٿ ۾ آھي، يعني پنھنجي کيسي ۾ رکيو ٿو گھمي، ھتي سموسا، پڪوڙا، جليبي، سينڊوچ، برگر، شوارمو پڻ ھلي ٿو پر اھو شوارمو به مئل ڪڪڙن جو آھي ۽ سندن سموسا پڪوڙا وغيرھ ديڳ جي واپس ٿيل تيل مان ٺھن ٿا، ھرڪو پنھـنجو اگھه رکيو ويٺو آھي. ھتي ھرروز ڪرايا وڌن ٿا، جن جي ڪا روڪٿام آھي ئي ڪانه، ھتي پوليس نالي جي يعني منٿلي تي آھي، ڪورٽن ۾ انصاف آھي ئي ڪونه. ڪوڙ، ٺڳي، فراڊ ڄڻ ڪو اسان کان سکي، وفا جو مثال ڏيڻ سڌو ڪتي تي اشارو ڪرڻ مناسب سمجھيو ٿو وڃي. ڪو ڏينھن اھڙو ھجي ڪو واقعو نه ٿئي نه ته ھتي واقعا معمول بڻيل آھن، ڦرون، قتل، بدامني، ڪوڙ ۽ منافقي معمول بڻجڻ ۾ ڪا ڪثر نٿا ڇڏيون، ھتي ڪرپشن جا مثال ڏئي ڏئي ماڻھو گونگا ٿي ويا آھن، بس لکڻ لاءِ اھو ئي ڪافي آھي. ھتي انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا رھن ٿا جيڪي ھي سڀ ڏسي به اعتبار نٿا ڪن، يا ڳالھائي ڳالھائي ٿڪجي پيا، بس اسان سنڌ لکون ٿا ته ڪافر ٿا بڻجون! ھتي سياستدانن جا مثال وڏا دلچسب آھن ڪڏھن ڪنھن کي گاريون ڪڏھن ڪنھن کي بس ڪجھ وقت بعد وري ساڳيان گڏ ويٺا آھن، جڏھن ته ڏسجي ته ھنن سياستدانن وٽ سڀ ڪجھ ھوندو آھي، پوليس، عدليه، تعليم، صحت، قانون پر ھتي لھي ڏسون ٿا ته قانون نالي ڪا شيءِ ناھي. تعليم، صحت، قانون انسان جي وڏي حفاظت ڪن ٿا، ايئن لکون ته پڙھيلن جي وڏي ضرورت آھي پر جي نظر ڪيون ھتان جي حال تي ته ٻيڙو ٻوڏل ئي ملندو. پڙھيلن لکيلن جو ڇو سفارش وڏو ٻيڙو ٻوڙيو ويٺي آهي، سنڌ ۾ جي ڪو وڏو آفيسر ٿئي ٿو ته ھو مٿي وارن کي ڪروڙن ۾ پئسا ڏئي اچي ٿو پوءِ ھتي اچي ڪھڙي ايمانداري ڏيکاري؟ لکڻ لاءِ ھزارين لفظ پر ايترو لکڻ ڪافي ٿو سمجھان ته قبر ۾ ڪا شيءِ کڻي نٿا وڃي سگھو.

الھداد/ سرھاري

شاعر گدا خاصخيلي

جي سار لھو!

سنڌ جي مزاحمتي شاعر گدا خاصخيليءَ جي بيماريءَ واري حالت ۾ فوٽپاٿ تي پيل گدا خاصخيلي جي تصوير ڏسي اکين مان لڙڪ اچي ويا! ڇا اسان جي سنڌ جا يگانا شاعر، فنڪار، آرٽسٽ، ليکڪ  ايئن ئي ننڌڻڪا ٿي ثقافت کاتي جي آسرن ۾ رھندا ۽ نيٺ لوڙي لوڙي مري ويندا؟ اسان سنڌي جن لاءِ مشهور آهي ته جيڪي جيئري قدر نه ڪندا آھيون، مرڻ پڄاڻان انهن کي وڏيون ڀيٽائون پيش ڪندا آھيون، ٻيو ته فيس بڪ جي جھان تائين ته اھڙن ماڻهن لاءِ وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندا آھيون پر عملي طور ھڪ اڌ ماڻهن کان سواءِ ميدان تي ڪو به موجود نه ھوندو آهي، آخر ڪيستائين ھي سلسلو جاري رھندو؟ اچو ته شاعر گدا خاصخيلي سميت انهن اديبن جي سار لھون ۽ اھڙو ڪو نظام جوڙيون جنهن سان اسان جي سنڌ جا ھي مھان ڏات ڌڻي ننڌڻڪا ٿي نه رھن.

ڪمال امر ھنڱورجو/ خليفو قاسم

دادو شهر ۾ گندگي، ميونسپل جو ڪردار!‎

دادو شھر ۾  ميونسپل انتظاميا جي لاپرواهي، بيڌياني ۽ نااهليءَ تي اڳ ۾ به اسان لکندا رھيا آھيون پر اڃا تائين انتظاميا جي ڪَن تي جونءِ به نه سُري آھي. دادو شھر ۾ وچ روڊ تي ٺھيل گٽرن جا منھن کليل آھن، جن تي ڍڪڻ نه ھجڻ ڪري شھرين سان ننڍا وڏا حادثا پيش اچڻ روز جو معمول بڻيل آھن. ڪروڙين رپيا بجيٽ ھوندي به گٽرن تي ڍڪڻ نٿا رکيا وڃن، هڪ طرف گٽرن جا کُليل منهن ته ٻيو وري رات جو اونداھ ۾ شھر ۾ اسٽريٽ لائيٽس جا سوين ٿنڀا لڳل آھن جن ۾ لائيٽون گهٽ سياسي پارٽين جا جهنڊا گهڻا لڳل نظر اچن ٿا، انھن ٿنڀن جو مرمتي ڪم به نٿو ڪرايو وڃي، جنھن سبب سج لٿي ئي شھر اونداهي جي ڪاري چادر ۾ ڍڪجي وڃي ٿو. دادو شھر گندگي جي ور چڙھي وڃڻ سبب عوام مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويو آھي، دادو شھر جون 50 کان وڌيڪ ڪالونيون گندگيءَ جي ور چڙھيل آھن، جتي رھواسين جو جيئڻ عذاب بڻجي ويو آھي. شھباز ڪالوني، تاج ڪالوني، بٺ محلا، ملاح پاڙو، ماروي ڪالوني ۽ بخاري ڪالوني ۾ ھي سٽون لکڻ تائين به گند جا وڏا ڍير پيل آھن. ناليون اٿلڻ ڪا نئين ڳالهه ناھي پر ھاڻي ناليون ابتيون وھڻ شروع ٿي ويون آھن، گٽرنالا بند ٿيڻ سبب گندو پاڻي روڊن تي تلائن جي صورت ۾ بيٺل نظر اچي ٿو. ھر گهٽي ۾ گند پيل نظر اچي ٿو، شھر جي صفائي نه ھجڻ ڪري شھر پنھنجي سونهن پڻ وڃائي چڪو آھي. شھر ۾ ڪٿي به ڪچرا ڪنڊي موجود ناھي جنھن ۾ ماڻهو ڪچرو اڇلائي ماحول کي گدلو ٿيڻ کان بچائي سگهن، انتظاميا ماٺ جي ڀنگ ۾ ٽُن آھي، شھري عذاب واري زندگي گذاري رھيا آھن پر ميونسپل انتظاميا سان گڏ ضلعي انتظاميا به ماٺ جو روزو رکي ڇڏيو آھي. بخاري ڪالوني ۾ ڊرينيج سسٽم ناڪارہ ھجڻ ڪري ناليون ابتيون وھي رھيون آھن، سڄي پاڙي جو گندو پاڻي درگاھ نور محمد شاھ بخاري جي ميلي واري پِڙ ۾ ڇڏيو ويو آھي، جيڪو ڏسندي ئي ڏسندي تلاءَ جي صورت اختيار ڪري ويو آھي، جنھن سبب نه رڳو بيماريون پکڙيون آھن پر ان سان گڏ ساليانو ميلو پڻ متاثر ٿي رھيو آھي ۽ ان کان سواءِ رھواسين جي معصوم ٻارڙن کي پاڻي ۾ ڪري ٻڏڻ جو پڻ ھر وقت خطرو رھي ٿو. ان کان سواءِ دادو شهر ۾ واٽر سپلاءِ جي پاڻي جو مسئلو به وڏو ڪر کڻي بيٺل آھي، واٽر سپلاءِ جو پاڻي نه اچڻ سبب ماڻهو پئسن تي پاڻي خريد ڪري رھيا آھن پر پئسن تي به سرنديءَ وارا وٺن ٿا باقي غريب ماڻهو ته پيٽ ۾ ئي پورو آھي. شھر جو وڏو حصو واٽر سپلاءِ جي پاڻي کان محروم آھي ۽ اڪثر ماڻهن کي پري پري کان پاڻي ڀريندي ڏٺو ويو آھي. ھن سڄي صورتحال ۾ ميونسپل جو ڪٿي به ڪردار نظر نٿو اچي. دادو جي چونڊيل نمائندن ۽ لاڳاپيل اختيارين کي گهرجي ته ھن لاپرواهيءَ جو نوٽيس وٺي دادو شھر جا مسئلا حل ڪرايا وڃن جيئن ماڻهو پنھنجي نارمل زندگي گذاري سگهن.

حاڪم علي چانڊيو/دادو

پاڪستان ۾ مذهبي

پارٽين جي سياست!

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته قانون جو Fourth Schedule جيل جي بدمعاشن لاءِ بڻيو هو پر هاڻي عالم ان جو نشانو آهن، مدرسن جي عالمن کي ان قانون جي نالي تي تنگ ڪيو پيو وڃي پر جنهن عمل سان اسان جو رستو روڪي نٿو سگهجي ننڍي کنڊ ۾ انگريزن پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ بعد سڀ کان پهريان ثقافتي حملو ننڍي کنڊ جي مسلمانن عالمن تي ڪيو هو. 57 هزار ماڻهو/ باغي جن کي ڦاهي ڏني وئي هئي، جن ۾ 27 هزار عالم به شامل هئا، آزاديءَ بعد پاڪستان ۾ قائم ٿيڻ وارين مختلف حڪومتن جن عالمن خلاف ڪاررواين جو سلسلو جاري رکيو، ختم نبوت تحريڪ ۾ عالمن مجاهداڻو ڪردار ادا ڪيو هو ۽ مولانا مودودي، مولانا ستار نيازيءَ سميت ڪيترائي عالم جن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي 77 واري تحريڪ نظام مصطفيٰ جي قيادت به عالمن ڪئي هئي، جنرل ضياءِ جي حڪومت ۾ جمعيت علماءِ پاڪستان جي قائد مولانا شاهه احمد نوراني جي سرڪاري اهلڪارن بيعزتي ڪئي هئي ۽ ايئرپورٽ تي ان جي پڳڙي لاهي سندس جھڙتي ورتي وئي هئي. برطانيا جي ايسٽ انڊيا ڪمپني 1947ع ۾ ننڍي کنڊ کان موڪلايو پر عالم دشمني ۽ لارڊ ميڪالي جو تعليمي نظام مان پيدا ٿيڻ واري اشرافيه ۽ بيوروڪريسي اسلام جي نالي تي وجود ۾ اچڻ واري ملڪ پاڪستان ۾ اڄ تائين اسلامي نظام قائم ٿيڻ ناهي ڏنو، گذريل 76 سالن ۾ ڪا اسلامي جماعت پاڪستان ۾ اقتدار ۾ ناهي اچي سگهي. مولانا ان نظام خلاف آواز بلند ڪري رهيو آهي، پاڪستاني تاريخ ۾ 70 واريون چونڊون هڪ ٽرننگ پوائنٽ هيون، جڏهن ملڪ جي 99 سيڪڙو کان وڌيڪ مسلمان عوام اسلامي پارٽين کي ووٽ ڏنو، پاڪستان جي قيام جو مقصد پورو ڪري سگهيا پئي. 07 ڊسمبر تي ملڪ ۾ فوجي نگراني ۾ چونڊون ٿيون، ٽي وي، ريڊيو تي سرڪاري نتيجا اچڻ شروع ٿيا، تڏهن ڪايا پلٽجي چڪي هئي. اڳوڻي اوڀر پاڪستان جي هر سيٽ تي شيخ مجيب جي عوامي ليگ کٽي رهي هئي اوڀر پاڪستان ۾ پ پ جا نامزد اميدوار ڪامياب حاصل ڪري رهيا هئا، جماعت اسلامي ملڪ ۾ 151 اميدوار نامزد ڪيا هئا جن ۾ صرف 04 ڪامياب ٿيا، جڏهن ته ممتاز دولتانا جي ڪونسل ليگ 12 سيٽن تي اميدوار نامزد ڪيا جن ۾ 07 ڪامياب ٿيا، مسلم ليگ قيوم گروپ 132 اميدوار نامزد ڪيا جن مان 09 ڪامياب ٿيا مولانا نوراني کي جمعيت علماءِ پاڪستان 07 ۽ ولي خان 06 سيٽون حاصل ڪيون. پ پ مجموعي طور تي 89 ۽ عوامي ليگ کي 162 مان 160 سيٽن تي ڪاميابي ملي هئي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسلامي جماعتن کي حڪومت مخالف تحريڪن ۾ ڪاميابي ۽ چونڊن ۾ ناڪامي ملڻ جا سبب ضرور ڳولڻ کپن.

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

گم ٿيل شهرين جي

آزادي لاءِ احتجاج!

سنڌ سجاڳي فورم ۽ وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ پاران خيرپور ڇٽي چوڪ تي صبح جو 8 بجي کان شام جو 5 تائين عيد جي ڏينھن کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن ايوب ڪانڌڙي، انصاف دايي، مرتضيٰ جوڻيجي، پٺاڻ خان زھراڻي، ظفر چانڊيي، سرويچ ہوحاڻي، ڪاشف ٽڳڙ، سھيل رضا ڀٽي، يوسف شر، ساجن ملوکاڻي، شوڪت ملوکاڻي، نعيم ملوکاڻي، اعجاز ڳاھي، الھوڌائي مھر، موھن ميگھواڙ، ڊاڪٽر فتح محمد کوسي، عبيد ميڻڪ، جميل شيخ، ارسلان شاھ، عاقب چانڊئي ۽ ٻين جي آزاديءَ لاءِ ۽ شھيد سائين ھدايت لوھار ۽ شھيد نصراللہ گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ  احتجاجي ڪيو ويو، سنڌ مان 7 سالن کان جبري طور کنڀي گم ڪيل سائين ايوب ڪانڌڙو جي پٽ شاھد ايوب، ساجد ايوب، کنڀي گم ڪيل پٺاڻ کان زھراڻي جو سالو ۽ سنڌ سجاڳي فورم ڪراچيءَ ڊويزن جو اڳواڻ سانول زھراڻي، ايڊوڪيٽ فياض خميساڻي، جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳوان سائين شبير جمالي جسقم جي اڳواڻ وجيد خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ڪئمپ قائم ڪئي وئي، ان موقعي تي وڏي تعداد ۾ سنڌ سجاڳي فورم ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي، جن جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کنيل ھئا، جيڪي کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ سخت نعريبازي ڪري رھيا ھئا. اڳواڻن چيو ته جبري گمشدگيون ۽ عدالتن کان مٿانھان قتل نه رڳو انساني حقن جي سنگين لتاڙ آھي پر اھا سنئين سڌي رياستي دھشتگردي آھي. حالت اھا آھي جو سنڌ اندر انڌير نگري ۽ چرٻٽ راجا جو قانون لاڳو ڪيو ويو آھي، جتي سنڌ جي وسيلن جي مالڪي، ڌرتي جي خوشحالي لاءِ ۽ رياست پاران ٿيندڙ ظلم خلاف آواز اٿاريندڙ کي يا ته کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي يا وري ان کي سائين ھدايت لوھار ۽ نصراللہ گڏاڻي جيان گوليون ھڻي شھيد ٿو ڪيو وڃي، ھي رياستي ايجنسين، سيڪيورٽي اداران ۽ سردارن ذريعي سنڌ جي شعور جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، جيڪا گڏيل قومن جي انساني حقن جي چارٽر ۽ ھن رياست جي آئين جي آرٽيڪل 10،15 ۽ 19 جي پڻ ڀڃڪڙي آھي. اسان عالمي ضمير کان، انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ٿا ڪيون ته ھن رياستي ظلم ۽ جبر خلاف آواز اٿارين ۽ نوٽيس وٺي کنڀي گم ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪرائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن ۽ گڏوگڏ سنڌي قوم کي اپيل ٿا ڪيون ته اچو ھن ظلم ۽ جبر خلاف اسان جو ساٿ ڏيو. ان موقعي تي قومي ڪارڪنن فرمان سھتو، سجاول سنڌيار، عمير کوکر، آصف سنڌي، ڪاشف سنڌي، عزير سنڌ يار، رحمان فلپوٽو، زيد يار محمد، حمير لاڙڪ ۽ ٻين قومي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

حيدرآباد جو قيدي پارٽ-II!

نيرن ڪرڻ کان پوءِ لائبريري هليو ٿو وڃان، قيدي ۽ جيل جا سپاهي گھرو کاتي وارن تي گلن جي وسڪار ڪندا ٿا رهن، اهو تماشو آئون ۽ شبير لائبريريءَ جي ڪارن شيشن مان ٿا ڏسون. شبير تمام گھڻو مودباڻي انداز ۾ نظر ٿو اچي. ملاقات جو سڏ ٿو ٿئي، پيارو اسد ٻڌائي ٿو ته هو وڪيل فضل الرحمٰن چنڊ ڏي وڃي رهيو آهي، هُن کي پئسا ڏيڻ آئون ڪجھه سرٽيفڪيٽس به اسد کي ڏيان ٿو. جنهن کان به ماڙي وارا ڊنل ڊنل نظر اچن ٿا، قاضي عامر جو به نياپو آيو ته مون کي هاڻ فڪر بلڪل به نه ڪرڻ گھرجي. اسد جي آندل ڪتاب The Encyclopedia of modern Bodybuilding مان تمام گھڻو پڙهڻ لاءِ مليو. ان ڪتاب مان والده جي مهڪ اچي رهي هئي، ڇو جو اهو ڪتاب 5 ڊسمبر 2009 تي والده مون کي آني ڏنو هو جڏهن آئون سينٽرل جيل ڪراچي ۾ قيد هئس. اسد کي اڄ به روزو هو، هُن پڦيءَ جي ناخوش ٿيڻ جو مون کي قصو ٻڌايو، جيڪا پنهنجي پٽ جي ملاقات تي وئي هئي. پياري صدف ۽ هُن جو گھر وارو اسد جي هر طرح جي مدد ڪري رهيا آهن. هنن اسد کي وڪيل لاءِ اوڌارا پئسا به ڪجھه ڏينهن لاءِ ڏنا. شام جو ونگز جي ورزش ڪئي سين. جيل سپرنٽينڊنٽ جناب اشفاق ڪلوڙ صاحب ملاقات لاءِ پنهنجي آفيس گھرايو. ايس ايس پي صاحب منهنجي سموري ڪهاڻي ٻڌي ۽ مون کي يقين ڏياريو ته هُو مون لاءِ ضرور ڪجھه ڪندو. ايس ايس پي جي پي او عبدالشڪور کي به اڄ ڏٺم جيڪو هڪ معزز شخص ٿي لڳو. ايس ايس پي صاحب کي منهنجي درخواست به يو ايم ايس ٿيل ملي وئي هئي. بهرحال اشفاق صاحب تمام گھڻي عزت ڏني. هينئر فراز سومهڻيءَ جي نماز پڙهي رهيو آهي ۽ رشيد ۽ زوهيب حضرت يوسف عه واري فلم ڏسي ۽ ان تي تبصرا پڻ ڪري رهيا آهن. آئون حمود الرحمٰن جي ڪميش رپورٽ پڙهڻ جي باري ۾ سوچي رهيو آهيان. (20 مارچ 2024)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

زندان جي جھروڪن مان!

اڇي کير جھڙي چنڊ جي روشنيءَ مٿي آسمان تي چوڏس ڦهلجي پئي هئي، منهنجي يادن جو سلسلو وڌندو ٿي رهيو، هڪ پل ۾ الائي ته ڪهڙو ديس وڃي وسايو هئم. من ۾ هڪ عجيب بي چيني ڦهليل هئي، ڇو ته گھڻن ڏينهن کان پوءِ منهنجي ڀاڻج فرحان جي ياد ذهن تي اچي ديرو ڄمائي ويٺي هئي. جيئن ڪو پکي پنهنجي آنن مٿان آرو پچائيندو آهي. شايد زندان ۾ هي منهنجو پهريون ڏينهن هو جو منهنجي اکين مان پنهنجي ڀاڻج فرحان علي جي يادن ۾ ڳوڙها لار ڪري وهي رهيا هئا. ان دوران منهنجو نظرون پنهنجي کوليءَ اندر ديوار تي لڳل شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي تصوير تي هيون جيڪا تصوير مون پنهنجي اخبار جي پيج مان ڪٽنگ ڪري پنهنجي کوليءَ جي اندر لڳائي آهي، مير صاحب جي هن تصوير کي ڏسندي منهنجي ذهن جو رُخ ڄامشورو ڏانهن ٿي وڃي ٿو، اهو ڄامشورو شهر جي حسين رات ۽ جون جولاءِ جا وڏا گرم ڏينهن هئا ۽ گڏوگڏ سنڌو درياهه جي ڪپ تي خوبصورت المنظر جھڙو تفريح گاهه ۽ هوٽل جنهن جي ڇت تي مون سان گڏ منهنجو معصوم ڀاڻج فرحان جنهن کي پهريون ڀيرو ننڍپڻ ۾ گھمائڻ لاءِ جون جولاءِ جي گرم ڏينهن ۾ وٺي آيو هئس. اڃا هو گھمڻ ڦرڻ جھڙو هو، هر طرف کان ڄامشورو جون تيز تيز هوائون هيون. جون جولاءِ جي انهيءَ گرم پلن ۾ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ منجھه سياح وهنجي رهيا هئا ته ٻئي طرف فرحان گھر واپسيءَ لاءِ زور زور سان روئي رهيو هو. فرحان جي انهيءَ روئڻ تي منهنجو ذهن مير مرتضيٰ جي لڳل تصوير تان هٽي ٿو وڃي. ايتري ۾ هڪ جوابدار منهنجي کوليءَ جي در تي بيهي مون کي چوي ٿو ته هوشيار جوڙي ٿئي. جوڙيءَ جو ٻڌي خيالن جي دنيا مان نڪري ٿو اچان.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد