حيدرآباد جو قيدي پارٽ-II

 

فراز ۽ زوهيب ڪورٽ هليا ٿا وڃن، انهن کي ٽي عدد درخواستون لکي ڏنم جيڪي فراز وارو جھُونو پنهنجي فٽفٽيءَ  تي کڻي وڃي پوسٽ آفيس ۾ پوسٽ ڪري ڇڏيندو. پنهنجي ايف اي جي ڊگري ڪڍرائڻ لاءِ ريجنل ڊائريڪٽر کي درخواست لکيم، جنهن جو ڪورنگ ليٽر جڏهن ماسٽر دانش جيلر شڪيل کان وٺڻ ويو ته هُن ماسٽر صاحب کي چيو ته ڏس ماسٽر! تو منهنجو ۽ ڇلگري صاحب جو ٺاهه ڪرايو هو، هاڻ وڌيڪ توکي پارت هجي، مون مُرڪي دانش کان اهو ليٽر ورتو. شام جو سج لهڻ جو منظر سينٽرل جيل حيدرآباد جي اسپتال واري پارڪ مان ڏسان ٿو. جوابدار ڪريم پري کان هڪل ڪري ٻڌائي ٿو ته جيل جي ٽوٽل سيل ٿي وئي آهي. (16 مارچ 2024). صبح جو رشيد ورزش جي ڪري بدن جي سُور جي شڪايت ٿو ڪري، آئون اُهو سُور ڀڄائڻ جي لاءِ هُن کي هلڪي ڦلڪي ورزش ڪرايان ٿو. ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ عارف ۽ ڀائو بدر کان سواءِ ڪجھه ٻيا سپاهي به ڊسمس ٿي ويا آهن، اها بُري خبر صبح ساڻ منهنجي ٻڌائي وئي، آچر جو ڪارو ڏينهن رمضان جي رُکي موسم ۾ سڙي ٿو وڃي! (17 مارچ 2024). اسد ماني ڏيڻ اچي ٿو، هُو ٻڌائي ٿو ته ماسات مرتضيٰ هاڻ منهنجو فون ئي نٿو کڻي، مُرڪي حيران ٿيڻ بدران چوانس ٿو ته تون ڪو ٻيو وڪيل هٿ ڪر، ممڪن آهي ته مير جو منُ مولاءِ ميرو هجي. شام جو جيلر شڪيل جا سلام مليا، هُو هينئر به منهنجي ڪنهن درخواست جو جواب لکي رهيو آهي، سلام آڻيندڙ ٻڌايو. وارث چانڊيو چاٽ سا به ڇولن جي مون ڏانهن موڪلي ٿو، شام جو جيل جي ڊامبر واري رستن تي واڪ لاءِ نڪران ٿو. (18 مارچ 2024)

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

 

هن بجيٽ مان عوام کي ڇا مليو؟

 

خيرن سان گذريل خميس واري ڏينهن وفاقي سرڪار پاران مالي سال 25-2024ع جي لڳ ڀڳ 18 ھزار ارب رپين کان مٿي ماليت جي بجيٽ پيش ڪئي وئي ۽ انهيءَ کان پوءِ ھڪ ڏينهن پوءِ گذريل جمعي واري ڏينهن سنڌ سرڪار پڻ تقريبن 30 کرب کان وڌيڪ ماليت جي بجيٽ پيش ڪئي، ھاڻ مجموعي طور وفاقي توڙي صوبائي سرڪار پاران پيش ڪيل بجيٽ تي نظر ڪجي ته سوال اھو ٿو اڀري ته آخر ايترا پئسا مختلف کاتن لاءِ رکيا وڃن پوءِ به انهن بجيٽن مان غريب عوام کي ڪو فائدو ڇو نٿو پھچي؟ ادارا آخر اھي اربين رپيا ڪٿي ٿا خرچ ڪن؟ هميشه اھي بجيٽون عوام لاءِ ته رڳو انگن اکرن جي ڦيرڦار کان سواءِ عوام کي ڪڏهن انهن بجيٽن مان ٻيو ڪو به فائدو ناهي رليف ناهي ملي سگهيو، اھي اربين رپيا خرچ ته وري به انهن اشرافيا جي عياشين تي ئي ٿين ٿا باقي عوام ته اڄ به پيناڊول گوريءَ لاءِ سورن ۾ آهي. سنڌ ۾ ماڻهو رستن، روڊن تي تڙپندي تڙپندي فوت ٿي وڃن ٿا پر انهن لاءِ ايمبولينس سرورس به مھيا ناهي، سڄي سنڌ جا ضلعي صحت مرڪز رڳو ريفر سينٽر بڻيل آهن، جڏهن به ڪو مريض اتي وڃي ٿو ته انهيءَ کي سھولتن جي اڻاٺ جو ڄاڻائي وڏن شھرن ڪراچي ۽ حيدرآباد ڏانهن ريفر ڪيو وڃي ٿو. عوام ڀلي حادثن، بکن، بيمارين ۽ قدرتي آفتن کي پيو منهن ڏئي پر ھنن نااھل حڪمرانن کان ڪو پڇڻ وارو به ناهي ته اوھان بجيٽ ۾ جيڪي اربين رپيا رکو ٿا اھي آخر ڪھڙي گرھ جي ماڻهن تي خرچ ٿين پيا؟ تازو يونين ڪائونسل جي بجيٽ کي پنج لک رپين کان وڌائي 10 کان 12 لک رپين تائين ڪئي وئي آهي پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته بلدياتي ۽ عام چونڊن کي ٿئي ڪافي عرصو گذري چڪو آهي پر يوسي چيئرمين ۽ لوڪل گورنمنٽ جا ٻيا عملدار ڳولئي نٿا لڀن، يوسين ۾ جيڪڏهن ڪٿي ڪو رڳو مڇرمار اسپري به ٿئي ٿو ته اھو به علائقي جي ڪنهن ڀوتار يا وڏيري جي فون کان سواءِ نٿو ٿئي! آخر يوسين جي ھي لکين رپين جي بجيٽ ڪنهن جي آسائشن تي ۽ ڪٿي خرچ ٿي ٿئي؟ انهيڍءَ ڄاڻ لاءِ آئينِ پاڪستان جو آرٽيڪل 19-A پاڪستان جي ھر شھريءَ کي حق ٿو ڏئي ته اسان انهن ادارن کي لکي ھن آرٽيڪل تحت انهن کان سندن بجيٽ ۽ اھا ڪٿي ڪٿي خرچ ٿئي ٿي اھا سڀ ڄاڻ وٺي سگهجي ٿي ۽ آئين جي ان آرٽيڪل تحت اھي سمورا ادارا جيڪي عوام جي ٽئڪسن تي ھلن ٿا اھي عوام کي ڄاڻ تائين رسائي واري حق ھيٺ آئيني طور ڄاڻ فراھم ڪرڻ جا پابند آهن ۽ جيڪڏهن ڪو ادارو صحيح سهڪار نٿو ڪري ته ماڻهو ان خلاف لاڳاپيل اختيارين کي لکي پڻ ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿو ته جيئن خبر پوي ته آخر عوام جي پگهر وھائي ڪيل پورھئي جا پئسا جيڪڏهن عوام جي بنيادي سھولتن تي خرچ نٿا ٿين ته پوءِ ڪٿي ٿا خرچ ٿين؟ باقي عوام کي ھاڻوڪين وفاقي توڙي صوبائي بجيٽ رڳو مھانگائي ۾ واڌ ئي پلئه پوندي، باقي ٿوري گهڻي ڦيرڦار سان اھا بجيٽ خرچ وري به مافيائن تي ئي ڪئي ويندي.

 

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

 

رولڙي جو شڪار پيور بلاڪ جي اسڪيم!‎

 

يوسي مسڻ وڏي جي ڳوٺ قاضي نور محمد لغاري ۾ ايم اين اي ذوالفقار بچاڻيءَ طرفان علائقي جي گهٽين کي پڪو ڪرڻ جي لاءِ  لڳ ڀڳ ٻه سال اڳ پيور بلاڪ جي اسڪيم ڏني وئي هئي جنهن جو ڪم سال اڳ شروع ٿيو هو پر پٿر وڇائڻ کان پوءِ  لاڳاپيل عملو  گم ٿي ويو آهي ۽ اڃان تائين پيور بلاڪن جو ڪم مڪمل ناهي ٿي سگهيو، ويتر  وڇايل پٿر موٽر سائيڪلن ۽ گاڏين جي هلڻ ڪري نڪرن شروع ٿي ويا آهن جنهن جي ڪري ڳوٺاڻن کي اڃ وڃ ۾ سخت ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. ڳوٺاڻا لاڳاپيل کاتي جي عملدارن کي گذارش ٿا ڪن ته انهيءَ معاملي جو نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري بنا دير پيور بلاڪ لڳائڻ جو ڪم مڪمل ڪرايو وڃي جيئن ڳوٺاڻن کي انهيءَ اسڪيم مان لاڀ ملي سگهي.

 

مجاهد لغاري مسڻ وڏي/ ٽنڊوالهيار

 

ملڪي بجيٽ، زراعت ۾ عدم دلچسپيءَ جو حڪمراني مظاهرو!

 

(حصو پهريون)

 

زراعت جو شعبو ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ئي نه پر اهم ٿنڀ سمجهيو وڃي ٿو، اسان جي حڪمران طبقي پاران وفاقي بجيٽ ۾ ملڪي زراعت جي ترقيءَ لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آھن، جنهن کي ڏسي سگهجي يا پرکي سگهجي ٿو ته زراعت تي دارومدار رکندڙ ملڪ جي حڪمرانن جي زراعت جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار جو اندازو سولائيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو. ملڪي اقتصادي انگن اکرن موجب ملڪي جي ڊي پي ۾ زراعت جو شعبو 24 سيڪڙو حصو وٺي ٿو جڏهن ته ملڪ ۾ روزگار جي پيداوار ۾ 37.4 سيڪڙو زراعت ڪردار ادا ڪري ٿي، هوڏانهن هڪ مشاهدي موجب ملڪ جي فوڊ سيڪيورٽي ۽ ميني فيڪچرنگ جو دارومدار به زراعت تي تمام گهڻو آھي، خود ملڪي اقتصادي سروي جي سامهون آيل انگن اکرن موجب مالي سال 2024ع دوران زرعي شعبي ملڪي ترقيءَ واري شرح ۾ 6.5 سيڪڙو وارو ڪردار ادا ڪيو. زراعت جي پيشي ۽ زرعي ڪاروبار سان واسطو رکندڙ ڌرين جو خيال آھي ته اسان کي وڏي اميد هئي ته حڪومت زرعي پيداوار کي ٻيڻو ڪرڻ خاطر حڪومت زراعت جي ترقيءَ لاءِ ملڪي بجيٽ ۾ بجيٽ ۾ اضافي رقم رکندي پر افسوس جو ايئن نذر ڪونه آيو. عوامي ووٽ سان چونڊيل حڪمرانن جن پنهنجي اليڪشني مهم ۾ ملڪي ترقيءَ ۽ مختلف شعبن ۾ بهتر خواب ڏيکارڻ جو خواب ڏيکاريا هئا جن ۾ زراعت جي ترقيءَ جو خواب سرفهرست پڻ ڏيکاريو ويو هو ۽ اهي دعوائون ته زرعي ملڪ آھي ان زراعت جي ترقيءَ ۽ جديد لاڙن ۾ زراعت جي ترقيءَ تي زور ڏنو ويندو پر افسوس جو جڏهن ملڪي بجيٽ ۾ زراعت جي ترقيءَ لاءِ ڏنل انگن اکرن ۽ رکيل بجيٽ تي نذر پئي ته خاص طور ملڪي ٻھراڙين سان واڳيل عوامي نمائندن ۽ حڪمرانن جي عوام ۽ زراعت جي شعبي ۽ ڪاروبار سان سلهاڙيل ڌرين کي وڏو مايوس ڪيو. بجيٽ 2024 ۾ زرعي ترقيءَ واري اسڪيم ۾ فقط 5 ارب رپيا رکي حڪمران ڌرين پنهنجي ملڪي زراعت لاءِ دلچسپيءَ وارن دعوائن کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. عام اليڪشن ۾ زراعت جي ترقي، هاري مزدور ۽ آبادگار جي بهتريءَ لاءِ ڳالھ ڪندڙ سياسي ڌرين ۽ خاص طور حڪمران ڌر کي سوچڻ کپي ته ملڪ تي حڪمراني ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ حڪومت اچڻ کان اڳ ۾ هارين، مزدورن ۽ آبادگارن جي ڀلائيءَ ڪرڻ جا خواب ڏيکارڻ لاءِ ۽ انهن حلقن کان ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي سونهري خواب ڏيکارين ٿا ۽ پوءِ حڪومت ۾ اچي مٿي ڄاڻايل ملڪي بجيٽ ۾ زراعت جي بهتري ۽ هارين توڙي آبادگارن جي فلاح لاءِ جيڪي پئسا ۽ اسڪيمون رکن ٿا سي پڻ هنن جي ملڪي زراعت جي سڌاري ۽ ملڪي بهتريءَ جي دلچسپيءَ جي پت پڻ وائکي ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ملڪ جو سياسي ۽ اقتداري ڌرين جي بدنيتي ۽ پت تڏهن وائکي ٿئي ٿي جڏهن هو ملڪي سالياني بجيٽ پيش ڪن ٿا، بجيٽ تي بحث ڪن ٿا، بجيٽ جو بائيڪاٽ ڪن ٿا وغيره وغيره. (جاري)

 

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

 

بلاول ڀٽو پاران وزيرن کي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جون هدايتون!

 

سنڌ ۾ سياسي ميدان ۾ لهندي وزيرن جي ڪارڪردگي جاچيندي سياسي صورتحال واريون ڳالهيون ڪندي پ پ چيئرمين پپيپلز پارٽي جي پارلياماني اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته مان سنڌ حڪومت کي گورننس جو روڊ ميپ ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته اليڪشن گذري گهڻا مهينا ٿيا آهن سنڌ ۾ بار بار اسان جي ڪاميابي ۽ پ پ کي حڪومت ملڻ سبب به الائي ڇو وزيرن ۾ سستي نظر اچي ٿي، جيڪي وڃي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ کليل ڪچهريون ڪن، عوام کان راءِ وٺن، سمورا وزير ڪمڪار جي سلسلي ۾ مون کي ڪم ڪندا نظر اچن، هاڻ من پسند ماڻهن جي ٽراسفر پوسٽنگ واري سياست ختم ڪن، خدارا هر هنڌ سٺا آفيسر لڳايو جن جي ڪارڪردگي بهتر هجي، جي آفيسرن جي ڪارڪردگي حڪومت لاءِ بدناميءَ جو سبب بڻجي ٿي ته ايم پي اي ايڪشن ۾ اچي وڏي وزير چيڪ ڪري ته وزير وقت تي آفيس پهچن ٿا؟ اسان وڏي وزير کي ان جي پنهنجي 05 سالا پلان کان آگاهه ڪيو آهي، سولر بجلي فراهمي اسان جي پلان جو اهم حصو آهي، پي ٽي آءِ باني جي ڪيسن ۾ ڇا ٿو ٿئي جيڪو عوام جو مسئلو ناهي، حڪومت ۾ ويٺل شخصيتن واري گروپنگ بابت بلاول چيو ته مون کي ڪجهه وزيرن ۽ ميمبرن جو رپورٽون سٺيون ۽ ڪجهه جو خراب ملنديون آهن گهڻن جون ته تمام خراب ملن ٿيون، وزيرن جي پنهنجن جهيڙن سبب نقصان حڪومت کي نه ٿيڻ کپي، ٽيم ورڪ جي حوصلا افزائي ڪجي، آئون 06 مهينن بعد ڪابينا جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺندس، منهنجي سڄي جاکوڙ تي وزيرن جي خراب ڪارڪردگي پاڻي ڦيري ڇڏي ٿي، اسان جي مخالفن جو ڌيان هٽائي عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيو، سي ايم صاحب وزيرن سان سختي ڪيو، سڀني جي پراگريس رپورٽ ڏسو، اها ئي ڳالهه آهي ته بلاول ڀٽو جي پسند تي وزارتون حاصل ڪندڙ ڪجهه نوجوان وزير ۽ مشير وغيره جن کي پنهنجي سياسي سفر جي شروعات ۾ الزامن کي منهن ڏيڻو پيو آهي بدعنواني ختم ڪرڻ لاءِ قائم ادارو ڪرپشن جو ڳڙهه بڻجي ويو آهي، افسوس ته خوراڪ کاتي، تعليم کاتي، اسپتالن مان به ڀتي جي رقم ورتي پئي وڃي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پي ٽي آءِ سربراهه جي مسئلن کان ڌيان هٽائي عوامي مسئلن طرف ڌيان ڏيو، اهي ان جا پنهنجا مسئلا آهن. هوڏانهن جي ڊي اي الائنس بحراني ڪيفيت، لاقانويت، امن امان جي خراب صورتحال، مخالفن خلاف انتقامي ڪاررواين تي چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جي ڊي اي ڪوآرڊينيٽر صدر الدين شاهه راشدي چيو آهي ته سڄو ملڪ وينٽيليٽر تي آهي پاڪستان جا اصل مالڪ عوام ۽ ملڪ تي رحم ڪن، سنڌ جي عوام سان ٿيل ظلم، زيادتين ۽ احساس محرومين سبب اسان ماڻهن کي روڪي ويٺا آهيون سنڌ ۾ خراب حالتون نٿا چاهيون.

 

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

 

چمبڙ ۾ وڌنڌڙ منشيات جو آزار!

 

چمبڙ تعلقي جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ منشيات جو آزار تمام گھڻو وڌي چڪو آھي، مين پڙي، گٽڪو، سفينا، ڪچو ٺرو، سرعام ٿي چڪو آھي، چمبڙ تعلقي ۾ منشيات جي وڌنڌڙ ڪاروبار جي ڪري موذي مرض ڪينسر ۾ واڌارو ٿي ويو آھي، رڳو چمبڙ شھر ۾ مين پڙي واپرائڻ ڪري پنج قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن، منشيات واپرائيندڙ يا ھلائيندڙن کي ڪابه روڪ ٽوڪ ناھي، ھر شيءِ جي منٿلي مقرر ٿيل آھي، ڪير مري يا بچي پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي ۽ کيس رڳو منٿليءَ سان مطلب آهي، جيڪڏھن پوليس جو ڪو عملدار منشيات فروشن خلاف ڏنڊو کڻي ٿو ته يڪدم ان کي ٿاڻي تان بدلي ڪيو وڃي ٿو يا معطل ڪيو وڃي ٿو. چمبڙ تعلقي جي عوام ايس ايس پي ٽنڊوالھيار کان مطالبو ڪيو آھي ته چمبڙ تعلقي جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن مان منشيات جو خاتمو ڪرائي انساني حياتيون بچايون وڃن.

 

ارشاد لغاري/ چمبڙ

 

استاد غلام مرتضيٰ ڦل هڪ استاد ۽ آدرش!‎

 

استاد جو درجو ته ماءُ پيءُ کان افضل آهي پر ڪجھ استاد توهان لاءِ هڪ مرشد جو ڪردار ادا ڪندا آهن هر وقت توهان لاءِ ڪنهن ڇپر جي ڇانوري مثل هوندا آهن پوءِ سج جا ڀلي ڪرڻا ڪيڏا نه تيز ساڙيندڙ ڇو نه هجن پر انهن جي سچائي ۽ پهنجائپ اهو محسوس ئي ناهي ڪرائيندي،  ڦل شهر ۾ رهندڙ شخصيت ۽ شفيق انسان سائين غلام مرتضيٰ ڦل پڻ انهن ڇپر ڇانءَ ٿيندڙ انيڪ ڪردارن مان هڪ املھ ڪردار آهن، هو نه رڳو استاد پر بهترين دوست سڏڻ جي به لائق آهن! سائين جن جي وصف بيان ڪجي ته هو سڀ ڪجھ پاڻ آهن هو پنهنجي صف ۾ بيهندڙ اڪيلا ئي ماڻهو آهن ۽ هر نيڪ ڪم لاءِ رهنمائي ۽ مدد لاءِ سڀ کان اڳيان هوندا آهن، پوءِ ڀلي اهو شخص سائين لاءِ زندگي جي هڪ گهڙي گڏ گذاريندڙ ڇو نه هجي، سائين جن جي پروفيشنسي جي ڳالھ ڪجي ته سائين جن جي سرپرستيءَ هيٺ رهندڙ هر ماڻهو لاڀائتو ٿيندو آهي، پوءِ استاد هجي يا شاگرد! هڪ شخص جنهن جو ڪردار دوستاڻو هجي پوءِ اهو ڪيئن نه پنهنجي شاگردن سان دوستاڻي نموني سان پيش ايندو هوندو ۽ دوستي ۾ پڙهندڙ هر شاگرد هوشيار ٿي ويندو آهي، اهو هڪ پيڊيگاجي جو اصول آهي پر اهو اصول سائين جي طبيعت ۾ سمايل آهي. سائين اڪثر ڪري انگلش پڙهائيندا آهن ۽ اهڙي انگلش گرامر جيڪا توهان کي سنڌي گراميريئن جي ڪتابن ۾ اڻلڀ ۽ رائمنڊ مارفي، جان ايسٽ ووڊ ۽ مائيڪل سئان جي ڪتابن مان ئي ملندي. ان کان سواءِ سائين جن سماجي ڀلائي لاءِ پڻ ڪوشان هوندا آهن، جيئن سائين جن سگا شاخ ڦل ۾ پنهنجي خدمتن جي ڪري صدر ته ڪڏهن وري سيڪريٽري طور ڪم پيا ڪندا آهن نه رڳو اهو پر سائين تنظيم کان سواءِ ماڻهن جي سهائتا پيا ڪندا آهن، سائين جن جي خلوص طبيعت جي ته ڪھڙي ڳالھ ڪجي، هر شاگرد کي پنهنجي ٻچن جيان پيار ۽ محبت سان پيا سڌي دڳ سان لائيندا آهن. سائين سان جيڪي به گهاريل گهڙيون هونديون آهن وڏي خوش قسمتي هوندي آهي. هن وقت پاڻ گورنمينٽ ايليمينٽري اسڪول الھ ڏتو جتوئي ۾ هيڊ ماستر آهن وڏي پابنديءَ ۽ اصول سان پنهنجون خدمتون انجام ڏين پيا. سائين جن منهنجي نظر ۾ هڪ مثالي استاد آهن، اسان سڀني کي استاد صاحبان جي عزت ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن جي فضل ۽ دعائن سان اسان به وڃي ڪنهن منزل تي رسون ۽ انهن کي پنهنجو آدرش سمجهي کين فالو ڪيون.

 

مومن محبتي/ڦل شھر

 

انسان دوست جانور سان دھشتگردي ڪندڙن خلاف قدم کڻو!

 

انسان ۽ اٺ جي زندگي مختلف دورن ۾ گڏ رھندي آئي آھي، اٺ بظاھر جانور آھي پر اڄ به ڪيترن ڏورانھن علائقن توڙي شھرن ۾ اٺ جھڙو وفادار جانور انسانن جو مددگار ڏسجي ٿو، ٿر ھجي يا بر، اٺ جو خدمتون ساٿ ۾ رھڻ ٿيون. سخت سفرن جو ساٿي، وڏا بار ڍوئيندڙ جبلن جو جھاز، بکن ۽ اڃن تي رھندڙ سدا ماٺيڻو جانور اٺ ڪيترن ڪم ڪارين ۾ انسانن سان مددگار رھندو اچي، ڪالھ سنڌ جتي اڄ ڪلھ بدامنيءَ جي اوڙاھ سبب ڪٿي نه ڪٿي، ڪو نه ڪو دردناڪ ھيبتناڪ وحشتناڪ روايتن کان بلڪل ابتڙ اھڙا واقعا رونما ٿيڻ لڳا آھن جن سان انسان جھڙوڪر جانورن ۽ پکين آڏو شرم وچان ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو آھي. ھڪ معمولي غلطي، چئجي جو فصل جي ڀيل جي نالي تي ڪنھن ظالم وڏيري جي حڪم تي معصوم بي زبان اٺ جي ٽنگ ڪٽي ڇڏڻ جو بي رحيماڻو ڏوهه ڪرڻ سان ان گڏ کي معذورين جي ور چاڙهي اداس ۽ غمناڪ ڪري ڇڏيو آھي، ڇا ھن ظلم توڙي ظالم جي ظلم تي خاموش ويھندڙن کي الله سزا نه ڏيندو؟ ان کان اڳ جو رب پاڪ جو قھر نازل ٿئي اسان جي حڪومت کي اٺ سان ٿيل دھشتگردي جي ازالي لاءِ سرڪاري انتظامي قدم کڻڻ گھرجن. جيئن انسانذات سميت سرڪاري خاموشي ۽ درگذري ڪٿي سڄي قوم جي مٿان عذاب نازل ٿيڻ جو سبب نه بڻجي. اھڙي ظالماڻي ڪارروائي ۾ جيڪو جيڪو ملوث ھجي تن کي پوليس، رينجرز يا آرمي بس! جلد کان جلد گرفتار ڪري انصاف جون گھرجون پوريون ڪندي عوامي راءِ موجب ملوث وحشي جوابدارن جي به ھڪ ڄنگھه ڪٽي وڃي. ان انصاف ٿيڻ سان اڳتي ڪو اھڙو قانوني اخلاقي اسلامي ۽ انساني بيدردي وارو قدم کڻندي ضرور سوچيندو. ھن گناھ تي سانگھڙ ضلعي جي پوليس سچي ٿئي ته جوابدارن کي ٻرن مان به ڪڍي اچي سگهي ٿي ڇو جو ظلم، ظلم آھي، جنھن جو تدارڪ ٿيڻ گھرجي. اٺ ھجي يا ماڻھو ان سان ناحق ٿئي ته ظلم جي زمري ۾ اڇي ٿو. انصاف جو تقاضائون پوريون ٿيڻ ۾ دير ڪنھن عذاب کي دعوت ڏيڻ ھوندو. سنڌ جون معزز عدالتون، معتبر وڪيل، جانورن سان ھمدردي رکندڙ، جانورن ۽ انساني حقن لاءِ آواز بلند ڪندڙ شخص يا ادارا سنڌ ۾ ٿيندڙ قھري ڪاررواين جي خوفناڪ واڌاري تي ڪيستائين خاموش رھندا؟ اڄ محسوس ٿيو آھي ته امن پسند سنڌ واسين کي جفاڪش محنتي سدا انساني حڪمن ۽ ھدايتن تي ھر وقت لبيڪ چوندڙ معصوم جانور اٺ جا ڳوڙها ۽ سندس سوڳ ڏٺو نٿو ٿئي. ان لاءِ جلد انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪندي پاڻ به ڏک جي ڪيفيت ۾ ڏسجن ٿا.

 

منظور ڪالرو/ حيدرآباد

 

خدا کي ڏوراپو!‎

 

اھا اٺڙي جيڪا بي زبان جانور آهي، ھن کي انسانيت حيوانيت جي ڪا پرک ناهي ھي اٺڙي پڻ اھا بي زبان جانور آهي جيڪڏهن چار ئي ڄنگھون ھن جون ڪٽيون وڃن تڏهن به گھاوَ ڏيندڙ کي ڪا معيار ڪونه ڏيندي پر ھو اٺ ان اذيت ۾ مبتلا ضرور ھوندو جيڪو درد ئي اندر ۾ ڳاري آخرڪار ھو موت جو شڪار ٿي سگھي ٿو. الله سبحانه تعاليٰ انسان کي دماغ ڏنو آهي ته ھو عقل سان ڪم ڪري پر جيڪڏهن ھو وحشين وارو سلوڪ ڪري ته ڪيترائي پڻ زندگي ۾ اپاھج ڪري سگهي ٿو. منهنجي نظر جڏهن سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل پوسٽ تي پئي ۽ مون سان گڏ منهنجي امان ھئي جنهن ھي قيامت جھڙو منظر ڏٺو، اسان ٻئي پاڻ ۾ توبهه ڪئي ھي ڪم به ڄڻ ڪنهن جانور ڪيو ھجي. منهنجا لڱ تڏهن ڪانڊارجي ويا جڏهن اٺڙي جي ڀرسان ماڻهن جو ھجوم جمع هو سندس ھڪ پير گوڏي کان ڪپيل ڏٺو ته اٺڙي جا لڙڪ لڙي رهيا هئا، ان سان گڏ اسان احساس وارن جي دل به روئي پئي، اٺڙي جي اکين ۾ جيڪي لڙڪ ھياسي رب تعاليٰ کي التجا ڪري رھيا ھئا. منهنجا رب ڪريم! ھي تنهنجي خلق اڄ منهنجي ڄنگھه ڪپي ڇڏي آهي، مان بي زباني ۽ بي ذماغ جانور آھيان، مون کي ڪھڙي ڪل ته آئون فصل جا ڪي ڪک کائينديس ته منهنجي ڄنگھه ڪپي ويندي مون کي ڪھڙي خبر ته هي فصل تنهنجا نه پر انسانن جا آهن، رب سائين مون کي ڪا به خبر نه ھئي ھي ماڻهو مون کي جڏو ڪندا! منهنجا رب ڪريم تنهنجي عدالت ۾ بلڪل انصاف آهي، مونسان انصاف ڪر! اٺڙي روئي ڏنو، ان سان گڏ سمورو لوڪ پريشان هو. جيڪڏهن آئون قانون سان وابسطا ھجان ها ته ھي مامعلو کڻي ظالم کي ھڪ عبرتناڪ سزا اٺڙي جي سامهون ملي ھا! ته پوءِ آئون گذارش ٿو ڪيان اعليٰ اختيارن کي ته ھن اٺڙي سان انصاف ڪيو وڃي. اڄ اٺڙي جي ڄنگھه ڪپجي وئي آهي، متان سڀاڻي ڪو ماڻهو نه ڪپجي وڃي!

 

شبير احمد ڪوري/ خليفو قاسم بدين