حيدرآباد جو

قيدي پارٽ-II!

صبح جو سوير ئي اسد علي ملاقات تي اچي ٿو، هُن چيو ته جيلر شڪيل مير مرتضيٰ کي چيو اهي ته آصف جي بازي سزا 17 کان 18 مهينا رهي ٿي، هُن چيو ته اڄ مير درخواست داخل ڪندو ڪورٽ ۾ ۽ آئون هتان سڌو ڪورٽ ئي ويندس، سوچڻ لڳس ته اها ڪهڙي سزا آهي جيڪا روز به روز وڌندي پئي وڃي! آئون جڏهن خيرپور مان آيو هئس تڏهن منهنجي باقي سزا 14 مهينا هئي پر هنن ٻن مهينن کان پوءِ اها سزا وري وڌي 17 کان 18 مهينا ٿي وئي آهي! اهو ڪهڙو قانون ۽ آئين آهي جيڪو اونڌو ٿو هلي. خبر پئي ته ايس ايس پي منهنجي درخواست تي ڪورٽ ۾ پيش ٿيو هو، شام جو ايس ايس پي سان ملڻ لاءِ بُک هڙتال جي ڌمڪئي ڏنم، سمورن آفيسرن سمجھايو ته اها ملاقات سڀاڻي ئي ٿي سگھندي ڇو جو ايس ايس پي اڄ موجود آهي ئي ڪونه. شام جو دير تائين سپاهي اياز کوسي سان ڪچهري ٿئي ٿي، جيڪو پڻ ظالم جيلر کان نفرت ٿو ڪري، هُو مظلوم قيدين جو يار آهي ۽ ٻڌائي ٿو ته ماضيءَ ۾ هو جيلر شڪيل کي موچڙا به هڻي چڪو آهي. رات جو زوهيب ٿيٻي سان گڏجي ونگز جي ورزش ڪريان ٿو. دير تائين سنگت جاڳندي ٿي رهي. (14 مارچ 2024).  صبح جو خبر پئي ته ڀائو بدر موٽي آيو آهي، نيرن ڪري سڌو وڃي پنهنجي پراڻي دوست سان مليس. تمام گھڻا قيدي دوست هئا جن کيس اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا، ڪو ڪو ماڻهو هُن کي نوٽن جو هار به پارائي رهيو هو. مون به اهو فرض پورو ڪيو. F.A gen جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ٺاهي ماسٽر دانش کي ڏيان ٿو، وارڊن امجد کي ڪرسي هٿ ڪرائي ڏنم. اسپتال مان بلڊ پريشر، شوگر ۽ وزن وغيره چيڪ ڪرائي آيس. ماما منير سان ڪارڙي تتر تي وڏا ڀوڳ ڪيم. حجام مريءَ کي گھرائي هُن کان شيو سيٽ ڪرايم، شام جو دير تائين ڀائو بدر سان گڏ رهان ٿو. ڪجھه ڏينهن جي جيل انچارج طالب هنڱوري سان به وڏا ڀوڳ ڪيم. سج لٿي کان پوءِ کوليءَ ۾ اڇي زوهيب سان گڏجي بائسپس جي ورزش ڪيم. اڄ اسان جي کوليءَ ۾ بلڪل به مڇر ناهن، ان جو سبب اهو آهي جو اڄ حسين (مشقتي) ۽ رشيد ڪريم جوابدار سان گڏجي کوليءَ ۾ چانهه ٺاهي هئي، ان باهه جو دونهون سموري جيل ۾ پري کان نظر آيو هو، جنهن جي ڪري سپاهي امجد اچي منهنجي ڇوڪرن کي اهو سمجھايو هو ته باهه گھٽ ڪيو، باهه ٻارڻ جيل ۾ وڏو ڏوهه آهي.(15 مارچ 2024)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

ھي بجيٽ ٽئڪس بار پيش ڪئي وئي آھي!

وفاق ڪالھ بجيٽ پيش ڪئي آھي جنھن ۾ 25 سيڪڙو 1 کان 16 گريڊ تائين ۽ 17 کان 22 گريڊ پگھارون ۾ 20 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي پر هن بجيٽ ۾ انگن اکرن جي هيرپير. ڪاريگري ڏيکاري وئي آھي. مثال طور جنھن جي پگھار 15000 وڌنڌي ته اھو 22000 ھزار  ٽئڪس ادا ڪندو. پگھار وڌڻ جي باوجود اھو 7000 ھزار پنھنجي پگھار مان ٽئڪس جي مد ۾ سرڪار کي واپس ڏيندو. ان سان گڏ جيڪو فائلر آھي اھو 15 سيڪڙو ٽئڪس ڏيندو ۽ نان فائلر 45 سيڪڙو ٽئڪس ڏيندو. سرڪاري ملازمن کي ته ھر پاسي کان ڪچليو ويو آھي. فائلر جي لاءِ 10 سيڪڙو مان گھٽائي 5 سيڪڙو ٽئڪس ڪئي وڃي ھان پر ويتر 5 سيڪڙو ٽئڪس جو وزن وڌائي ڇڏيو. باقي اھڙي بجيٽ جو ڪو سرڪاري ملازمن کي ڪو مثبت فائدو ته نه ٿيو. سيمينٽ، سرون، لوھ، کنڊ ۽ پئٽرول به مھانگو ڪيو ويو آهي. غريب عوام کي سبسڊي ڏيڻ بجاءِ ان جي مٿان ھي بجيٽ ته مھانگائي جو طوفان آڻيندي! غريب عوام جون اميدون ھيون ته کائڻ پيئڻ جون شيون سستيون ڪيون وينديون پر عوام جي لاءِ ڪنھن قسم جو رليف نه ڏنو ويو. اسان سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي عرض ٿا ڪيون ته ڳرين ٽئڪسن جو وزن گھٽايو وڃي ۽ بجيٽ ۾ غريبن کي ياد ڪيو وڃي ۽ ملڪ ۾ کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ پئٽرول کي سستو ڪيو وڃي. عوام دوست بجيٽ ھجڻ گھرجي، پھريائين عوام غربت جي لڪير کان ھيٺ واري زندگي گذاري رھيو آھي.

شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

عمرڪوٽ شھر جي

بازارن ۾ ٻاڙائي ڇانيل!

عمرڪوٽ شھر جي اناج منڊي سنسان، نه ڪا خريداري نه ڪو وجڪرو، روزمره جي شين کان وٺي ھر ڌنڌي ۾ ٻاڙائيءَ جي لھر ڇانيل آ، مٿان واري ھن سال جي گرمين سمورا رڪارڊ توڙي ڇڏيا آهن، شھر جي مک بازار ۾ به رش معمول کان گھٽ آھي، تنھن ڪري واھپي جون شيون نه وڪامڻ سبب خراب ٿيڻ لڳيون آهن ۽ دڪاندارن کي نقصان ٿيڻ لڳو آهي، ھلندڙ سال ڪڻڪ جي فصل جو مناسب اگھ نه ملڻ ڪري زميندار ۽ واپاري به پريشان آهن، شھر جي ناليوارن واپارين موجب ٻن ڏهاڪن کان پوءِ هي واحد سال ڏسون پيا جنھن ۾ ڪڻڪ به نقصان ڏئي رھي آھي، ايڪسپورٽ جي گھٽ دمانڊ ۽ وڌندڙ گرمين جي ڪري آڳاٽي انبن جو اگھه به متاثر ۽ باغائي گھٽ اگھه تي وڪرڻ تي مجبور آهن ۽ گھٽ اگھه ملڻ جي ڪري سندن چھرن تي مايوسي ڇانيل آهي، جائز اگه نه ملڻ جي ڪري عوام جو ايندڙ مند لاءِ زرعي ڀاڻ ۽ دوائن ڏانھن به لاڙو گھٽ نظر ٿو اچي. عيد ۾ به باقي چند ڏينھن وڃي بچيا آهن پر مال پڙيءَ ۾ به ڪي سودا ٿيندي نظر نه آيا، نه وري شھر ۾ عيد جي ڪا خاص رونق نظر آئي، مارڪيٽون ويران نظر آيون ته اتي شھر جي ڪپڙن، جوتن جي واپارين سميت درزين ۾ به پريشاني ڇانيل آهي، اتي عمرڪوٽ بس اسٽاپ جو رخ ڪجي ته اندازو ٿي ويندو ته وڌندڙ گرمين جي ڪري ماڻھو ننڍري ڪمن لاءِ شھر جو رخ نٿا ڪن،.

ديپڪ لانگھڻي/ عمرڪوٽ

نوشھروفيروز جي سرڪاري اسپتال سھولتن کان محروم ڇو؟

اسان ننڍپڻ کان وٺي ٻڌو ۽ پڙھيو آهي ته “صحت دولت آهي.” سٺي صحت سڌو سنئون هڪ انسان جي شخصيت سان ڳنڍيل آهي، جيڪڏهن هڪ ماڻهو صحتمند آھي ته ھو خوش ھوندو ۽ ھڪ بيمار جي مقابلي ۾ خوشگوار ۽ متوازن ماحول ٺاھيندو پر جڏهن ماڻهو ان بنيادي ضرورتن کان ئي محروم ھجي؟ نوشهروفيروز جي عوام جي اها ئي افسوسناڪ حقيقت آهي. نوشهروفيروز سنڌ جي ساھتي پرڳڻو ۽ وڏن ضلعن مان هڪ آهي پر بدقسمتيءَ سان صحت جي بنيادي سهولتن کان بلڪل به محروم بڻيل آهي. نوشهروفيروز جي سرڪاري اسپتال کي ضلعي سطح تي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ شھري ايڪشن ڪاميٽيءَ ڪيترن ئي سالن کان  احتجاج ڪندي رھي آهي ۽ گڏوگڏ اعليٰ عدالتن تائين درخواستون پهچائيندي رهي آھي جتان سندن حق ۾ فيصلا اچڻ باوجود حڪومت جي ڪن تي ڪا جونءِ ئي نه سُري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عوام کي صحت جي سهولتن کان وانجھيل اسپتالن ۾ تڪليفون برداشت ڪرڻيون پون پيون. حد جي مهانگائيءَ جي دور ۾ هڪ ڏھاڙيءَ وارو مزدور 700 رپيا ڪمائي ٿو، جڏهن ته الٽراسائونڊ تي 800 رپيا خرچ اچي ٿو پوءِ اھو ماڻھو ڪھڙي بنيادي تشخيص لاءِ ويندو؟ دوائن جي ادائيگي ڪندو يا گھر جي ٻين خرچن سان گڏ ڊاڪٽر جي فيس به ادا ڪندو؟ ڪيترن ئي ماڻهن کي علاج جي لاءِ نوابشاهه ضلعي ڏانهن وڃڻو پوي ٿو، جنهن جي ڪري سندن مالي ۽ جسماني تڪليفن ۾ اضافو ٿيئي ٿو. نوشهروفيروز جي سرڪاري اسپتال کي ضلعي سطح تي اپگريڊ ڪرڻ ۽ صحت جون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ سان عوام جي ڪلھن تان گهڻو وزن گھٽجي ويندو، پوءِ اھي ٻين سماجي ڏکيائين کي منهن ڏئي سگھندا ۽ پنهنجن ٻارن ۽ گھروارن لاءِ سٺي تعليم ۽ بھتر زندگي يقيني بڻائي سگھن ٿا پر سوال اهو آهي ته: ڇا سنڌ حڪومت اها ترقي نٿي چاهي؟!

سٻاجهي رمضان/ نوشھروفيروز