ابتو نظام!

مون کي ڪنھن جي خلاف لکڻ جي عادت ناھي پر برداشت کان ڳالھ گھڻي ٿي ويندي آهي ته آواز اٿارڻو پوندو آهي، پنھنجي شھر ۾ پنجويھ سال ڊيوٽي ڪئي آهي، ڪيترا ماڻھو آيا ۽ ويا پر انھن کي ناجائزي ڪرڻ جو حق ڪڏھن به نه ڏنو، جڏھن به ڪوئي جانور نُما انسان اسان تي خراب نظر وڌي ته ان کي اتان ھٽايو ويو، جڏھن کان اليڪشن ٿي ته وڏا وڏا ماڻھو مون سان ملڻ منھنجي در تي ھلي آيا، ماڻھو ان ڳالھ تي حيران ٿي ويا ته ممتاز چانڊيو، ذوالفقار بھڻ، جتوئي صاحب مون انھن کي مان ڏنو، تڏي جو مون کي عزت بخشي، انھن تڏھن کان سينٽر تي ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر معروف سولنگي انچارج ويڪسينيٽرن اسد ملاح ۽ الھيار چانڊيو مون سان بدتميزي تي لھي آيا، برداشت ڪري ٿڪجي پيس. اڄ نيٺ ميڊيا تي ھنن جي نشاندھي ڪرڻي پئي، ھي سينٽر کي پنھنجي ذاتي ملڪيت ٿا سمجھن، جتي ھر ڪم اسان ھنن کي ڪري ھنن جو مان مٿاھون رکيو اتي ھي اسان کي پير جي جتي سمجھيون ويٺا آهن، ان ڪري عزت وڌيڪ آ، جي مان نه مليو ته نوڪري ڇڏي ڏبي، سرڪار ڄاڻي ھي ڏيپارجا جا سرڪاري اسپتال جا مالڪ، جي ڪو حق وارو ڏسندو ته فتح حق جي ضرور ٿيندي.

زرينا ملاح/ ڏيپارجا

ڪنھن در ڏجي

دردن جي دانھن!

سنڌ جي تعليم کاتي ۾ پرائمري جي اي ايس ٽي کان ايڇ ايس ٽي ۽ ايڇ ايس ٽي کان ھيڊ ماستر طور ٿيندڙ پروموشن جي پاليسي تمام بھتر ۽ شفاف طريقي سان ھلي رھي ھئي، جنھن ۾ پرائمري جي اي ايس ٽي کان ايڇ ايس ٽي طور پروموشن ڏيڻ لاءِ نوڪري ۾ مقرري واري تاريخ جي سينيارٽي تحت نه پر ان لاءِ ڄاڻايل پروفيشنل ڊگري بي ايڊ جي حاصل ڪرڻ ۽ ان جي رزلٽ جي ظاھر ٿيڻ جي تاريخ آڌار سينيارٽي ٺاھي پروموشن ڪيا ويندا رھيا آھن اھڙي طرح ايڇ ايس ٽي کان ھاءِ اسڪول جي ھيڊ ماستر طور پروموشن لاءِ بي ايڊ جي سينيارٽي تحت ڪيا ويا آھن. ضلعي خيرپور ۾ 2022ع ۾ 65 پرائمري استادن کي به بي ايڊ جي سينيارٽي تحت پروموشن ڏنا ويا. ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ايليمينٽري ۽ ھائير سيڪنڊري سکر ضلعي خيرپور جي 47 مرد ۽ 30 عورت ماسترياڻين کي تعليم کاتي ۾ شروع کان رائج بي ايڊ جي سينيارٽي بدران نوڪري ۾ مقرري واري تاريخ جي سينيارٽي تحت پرائمري مان ايڇ ايس ٽي طور پروموشن ڏيندي آرڊر نمبر 751/17.5.2024 نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آھي پروموشن ماڻيندڙ مان 8 مرد استادن سميت 5 عورت ماسترياڻيون پڻ ڪجھ مھينا اڳ رٽائرڊ ٿي ويون آھن، جڏھن ته 11 مرد ۽ 7 عورت ماسترياڻين جن جا ڪاغذ به اڻپورا جاري ڪيل آرڊر ۾ ڄاڻايا ويا آھن انھن کي به ايڇ ايس ٽي طور پروموشن ڏنو ويو آھي. 2022ع ۾ 139 پرائمري استادن جا پروموشن ٿيڻا ھئا، ان وقت صرف 65 مرد استادن جا پروموشن بي ايڊ جي سينيارٽي تحت ڪيا ويا ھئا، باقي ڇڏيل سيٽن تي به جلد پروموشن ڪرڻ جو چيو ويو، جنھن بعد ضلعر خيرپور جي مختلف تعلقن جا 9 استاد پروموشن نه ملڻ خلاف اپيل ۾ ويا، جن سيڪريٽري تعليم وٽ به اپيل داخل ڪئي، ٻن سالن کان استاد سيڪريٽري تعليم ۽ ڊائريڪٽر ڊي اي او آفيس جا چڪر ڪاٽي رھيا آھن پر کين حق نه ملي سگھيو آھي، تازو جاري ڪيل لسٽ ۾ به کين شامل نه ڪيو ويو، تعليم کاتي جي موجوده پاليسي ڪري 25 کان 27 سال اڳ ايڇ ايس ٽي ٿيڻ جي اميد تي اڌ پگھار تي بي ايڊ ڪندڙ استادن جا خواب چڪناچور ٿي ويا آھن، جن ٽي کان پنج سال اڳ بي ايڊ ڪئي اھي ايڇ ايس ٽي ٿي ويا، تعليم کاتي ۾ پرائمري جي اي ايس ٽي کان ايڇ ايس ٽي ۽ ايڇ ايس ٽي کان ھاءِ اسڪول جي ھيڊ ماستر جا پروموشن بي ايڊ جي سينيارٽي تحت ڪيا ويندا رھيا آھن پر ھي پھريون ڀيرو مقرري واري تاريخ کي بنياد ڄاڻائي پروموشن ڪيا ويا، رٽائرڊ استادن کي ايڇ ايس ٽي طور پروموشن ڏيڻ ڪري پرائمري استادن جون 13 سيٽون خالي ٿي ويون جن تي ٻيھر جڏھن به پروموشن ٿيا ته ان مان اڌ سيٽون جي اي ايس ٽي کي ملنديون، باقي اڌ سيٽن مان به اڌ يعني ٽي سيٽن تي پرائمري استاد پروموٽ ٿيندا. مقرري واري تاريخ تي سينيارٽي ڏئي پروموشن ڪرڻ سب جن به استادن جي سال کان 6 مھينا سروس بچيل ھوندي اھي ھڪ انڪريمينٽ کڻن جي لالچ ۾ جعلي بي ايڊ جا سرٽيفڪيٽ وٺي به پروموشن وٺندا. اھڙي عمل ڪري اھڙا استاد جن جي 7 کان 10 سال سروس بچيل آھي اھي ايڇ ايس ٽي نه ٿي سگھندا. تعليم کاتي جي اھڙي پاليسيءَ سبب تعليم جي بھتري نه پر تباھي ٿيندي. پروموشن کان محروم ڪيل استادن وزير اعليٰ سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ، وزير تعليم ۽ سيڪريٽري تعليم کان فوري طور نوٽيس وٺي ڊائريڪٽر سکر پاران ڪيل پروموشن رد ڪرڻ ۽ تعليم کاتي ۾ شروع کان رائج بي ايڊ انائونسمينٽ تاريخ تحت سينيارٽي تسليم ڪري کين جائز حق ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

اشتياق احمد پنھيار/بگودڙو، ڪوٽڏيجي

قھر ۾ ٿيندڙ ساليانا امتحان!

سنڌ ۾ 21 مئي کان 11ھين ۽ 12ھين درجي جا ساليانن امتحانن جو شيڊول سنڌ جي تعليمي بورڊن ڏنو ھو پر گرميءَ جي وڌڻ سبب سالياني امتحانن جو شيڊول تبديل ڪيو ويو آھي، ھاڻي ساليانا امتحان 21 مئي بدران 28 مئي 2024ع کان شروع ٿيندا، ھتي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا 28 مئي کان سنڌ ۾ برفباري ٿيندي ڇا؟ گرميءَ جو زور ٽٽي ويندو؟ يقينن مون سميت سنڌ جي سڀني باشعور ماڻھن جو جواب نه ۾ ئي ھوندو ته پوءِ ھتي ھڪ ٻيو سوال ٿو اڀري ته آخر  تعليمي بورڊن جي ڪھڙي مجبوري آھي جو اھي ھر سال ڇتين گرمين ۾ امتحان وٺڻ کي اوليت ڏين ٿا؟ جڏھن ته سندن ان ھوڏ سبب ڪيترا ئي جاني ۽ مالي نقصان به ٿيا آھن، جنھن جو مثال گذريل سال گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٺيڙھي ۾ ھڪ شاگرد فوت ٿي ويو ھو، سندس والدين مٿان ڇا گذريو ھوندو ۽ ان کان سواءِ ٻيا ڪيترا ئي انويجيليٽر، ايڪسٽرنل، شاگرد ۽ شاگردياڻيون گرمي سبب بيھوش ٿي ويا ھئا پر مجال آھي جو حڪومت ان جو ڪو نوٽيس وٺي ۽ بورڊ انتظاميا کي ھدايت نامون جاري ڪري يا ته لڳي ٿو ته ھي ھڪ گڏيل سازش آھي جنھن ۾ سنڌ سرڪار ۽ بورڊ انتظاميا ڀاڱي ڀائيوار آھن ته سخت ترين گرمين جي مھينن ۾ ساليانا امتحان وٺڻ سان غريب شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن سميت ٻئي عملي جو ڀلي جاني ۽ مالي نقصان ٿيندو رھي ڇو ته کين چڱي ريت ڄاڻ آھي ته سرڪاري تعليمي ادارن ۾ اڪثر غريبن جا ئي ٻار پڙھندا آھن، جتي سھولتن جھڙوڪ ٿڌي پاڻي، بجلي ۽ فرنيچر وغيرہ جي اڻھوند ھوندي آھي، جنھن جو تازو مثال منھنجي پوسٽنگ وارو ڪاليج گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سرائي پيارو خان آھي، جتي لڳ ڀڳ ڏيڊ سال کان وٺي بجلي ناھي، سڄو تعليمي سال ته بنا بجليءَ جي گذري ويو پر ھاڻي امتحان ۾ شاگرد، شاگردياڻيون، استاد ۽ ٻيو عملو انيڪ مسئلن کي منھن ڏيندو اھڙا کوڙ ٻيا به تعليمي ادارا ھوندا باقي وڏيرن ۽ مڊل ڪلاس جي ماڻھن جا ٻار ته خانگي تعليمي ادارن ۾ پڙھن ٿا جتي کين زندگيءَ جون سڀئي سھولتون ميسر ھونديون آھن. ھن اخبار جي ذريعي منھنجي سنڌ جي وڏي وزير، وزير تعليم ۽ تعليمي بورڊن جي سربراھن کي مودباڻي گذارش آھي ته خدارا پنھنجن انائن کي ڇڏي ڪري ھڪ نظر غريبن جي ٻارن تي به وجھو ھن قھر واري گرمين ۾ امتحان ڪرائي سندن زندگين سان نه کيڏو ۽ ھاڻي ايندڙ سال يعني 2025ع کان سيڪنڊري سائيڊ جي سالياني امتحانن لاءِ فيبروري جو مھينو مقرر ڪيو وڃي ۽ ھائير سيڪنڊري درجي جا سالياني امتحانن لاءِ مارچ جو مھينو مقرر ڪيو وڃي،

ستار سنڌي/ ڪنب

سنڌ ھاءِ ڪورٽ کي فيصلي

تي نظرثاني ڪرڻ گھرجي!

سنڌ ھاءِ ڪورٽ نوڪرين تان اسٽي آرڊر ختم ڪري سنڌ حڪومت کي نوڪرين لاءِ نئين سر اشتھار جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي، آءِ بي اي طرفان ھڪ کان 15 اسڪيل  تائين ورتل ٽيسٽ ۾ پاس نوجوانن کي پاس سرٽيفڪيٽ مليا آهن ۽ انھيءَ ٽيسٽ لاءِ سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کان بئڪ چالان جي ڏس ۾ ڪروڙين رپيا وصولي ڪئي وئي آهي ۽ ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ پري پري کان نوجوان خرچ ڪري ٽيسٽ سينٽر پھتا ۽ ٻيا به ڪيترائي خرج ڪري ٽيسٽ پاس ڪئي، وري ڪيترائي مھينا ھاءِ ڪورٽ انھن نوڪرين تي پابندي لڳائي ڇڏي پر تازو سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي پاس ٿيل نوجوانن جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آھي، نئين سر اشتھار ڏيڻ سان وري بيئڪ چالان جي مد ۾ ڪروڙين رپيا بيروزگار نوجوان کان اوڳاڙي ڪندا جيڪڏهن نوڪريون غريبن لاءِ ناهن ته غريبن کي پريشان ڇو ڪيو پيو وڃي؟ سنڌ ۾ نوڪريون سدائين پئسن عيوض وڪرو ٿيون آھن، تڏھن سنڌ اندر ھر کاتي ۾ ڪرپشن لڳي پئي آھي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي انھيءَ فيصلي ۾ ٽيسٽ وٺندڙ اداري جي ساک متاثر ٿيندي ڇو ته پاڪستان ۾ نوڪريون سدائين اميرن کي مليون آھن، سنڌ حڪومت کي سوچڻ گھرجي ته خدارا ھاڻ سنڌ جي نوجوانن سان اھڙو ڀوڳ بند ٿيڻ گھرجي، شفاف نموني ميرٽ جي بنياد تي نوڪريون بيروزگارن کي ڏنيون وڃن، ميرٽ جي ٽيسٽ پاس نوجوانن کي نوڪريون ڏئي انھن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

اسد زرداري/ سرھاڙي

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

سمورو ڏينهن رجب لنڊ قلندر جي نگريءَ جا قصا ٻڌائيندو ٿو رهي، هُن ٻڌايو ته هڪ ڏينهن سائين مراد علي شاهه صاحب سان هن اسنوڪر راند به کيڏي آهي، آچر جو پورو ڏينهن گذارڻ لاءِ ورزش ۽ آر جي ڪم جو سهارو وٺان ٿو. (25 فيبروري 2024). رات جو 02:00 وڳي روزو رکڻ جي لاءِ سمورا هانڊيوال جاڳي ٿا پئون، آئون ۽ رشيد ٿيٻو به ماني کائي وري سمهي ٿا رهون پر اسان شعبان جو روزو ڪونه رکيو، رجب لنڊ ۽ علي غلام مستوئي جوڙي کان پوءِ ڪورٽ هليا ٿا وڃن ۽ رشيد ڏيٿي کي اهو فڪر آهي ته آئون جوڙي انتظاميه کي ڇو نٿو ڏيان؟ مُرڪي چوانس ٿو ته هن جيل وارا مون کي غير قانوني جيل ۾ رکيو ويٺا آهن ان جي لاءِ آئون انهن کي ڪڏهن به ڪا عزت نه ڏيندس. هي مون کي باغي قيدي چئي ۽ لکي به رهيا آهن ته پوءِ ڇو نه آئون هر طرح جي بغاوت جو مظاهرو به ڪندو رهان! لائبريريءَ ۾ رشيد ٻرڙي ۽ ايوب بروهيءَ سان گڏ ويٺو هئس ته ملاقات جو سڏ ٿيو، شيشي جي پويان ننڍڙي اسد علي کي ڏسي تمام گھڻي خوشي ٿئي ٿي. هُن ٻڌايو ته وڪيل امتياز علي عباسي صاحب وٽ ويو هئس جنهن جيلر شڪيل بيگ کي وائيس ڪيو هو ۽ چيو هو ته آصف ڇلگريءَ جو مسئلو حل ڪر. هُن جو ڀاءُ هينئر به مون وٽ ئي ويٺو آهي. اسد چيو ته سڀاڻي آئون ۽ ڊاڪٽر صاحب ٻئي تنهنجي ملاقات تي اينداسين ۽ ڊاڪٽر صاحب چيو آهي ته انشاءُ الله پٽيشن جي پاڻ کي ضرورت ڪونه پوندي ۽ جيل وارا پاڻ کي ايئن ئي ڪم ڪري ڏيندا. سموري خاندان جا سلام به مليا، طئي اهو ٿيو ته سڀاڻي اسد علي ۽ وڪيل امتياز علي عباسي صاحب ملاقات تي ايندا ۽ جيلر شڪيل سان اچي ملندا. جوابدار موڪلي ڊاڪٽر صاحب لاءِ هڪ اجرڪ گھرايم جيڪو سڀاڻي هن کي پارائيندس. اڄ ورزش ڪونه ڪيم، شهر تي هلڪي هلڪي برسات پوڻ جي ڪري اڄ وري ٿڌ وڌي وئي آهي. دوست پلاسٽڪ جي بوتل ۾ چانهه ٺاهي ٿا پيئن. رشيد ڏيٿو رڳو ڪراچي سينٽرل جيل جي ماحول ۽ دوستن جي ڪچهري ڪري رهيو آهي، هُو اتان جي ڪامريڊن کي ڏاڍو ٿو ياد ڪري. (26 فيبروري 2024)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

زندان جي جھروڪن مان!

رات وارو وقت پاس ڪرڻ جي لاءِ پاڻ ۾ هانڊيوال لوڊو راند کيڏڻ جي لاءِ ويهي رهياسين، جنهن تي منهنجي هانڊيوالن مان بلاول شر مون کي چوڻ لڳو ته رڳو راند مان ڪهڙو فائدو؟ جي راند سان گڏ چانهه جو شرط رکو ته آئون به اوهان سان گڏ راند کيڏان، باقي ٺلهي راند آئون نه کيڏندس. تنهن تي آئون سندس مُنهن ۾ ڏسي کيس چيم ته ڀاءُ پوءِ شرط تي چانهه ڇو؟ جي شرط جي ڳالهه آهي ته پوءِ چانهه جي جاءِ تي شرط ۾ ڏهه ڏهه هزار ٿا رکون! منهنجي ڏهن هزارن جي ڳالهه ٻڌي سجاد ملاح ٽهڪ ڏيندي اسان ٻنهي کي چيو ته توهان ته سولائيءَ سان هڪ ٻئي کي ڏهه هزار شرط ۾ رکڻ لاءِ ته چئو پيا پر اهو ڪڏهن سوچيو اٿو ته اُهي ڏهه هزار پنهنجا مائٽ اسنا کي ڪهڙِي حال ۾ ڪمائي اسان کي اچي جيل ۾ ڏئي ويندا آهن؟ ڪڏهن انهن کان به پڇيو اٿو ته اُهي پئسا ڪيئن ٿا گڏ ڪن؟ سجاد ملاح جي انهيءَ ڳالهه تي آئون ۽ بلاول يڪدم لوڊو ڪڍي ورتوسين ۽ سائيڊ وٺي ويهي رهياسيون. مٿان وري ڀائو حيدر کوسو پريشان پريشان کوليءَ ۾ ويٺو هو، جيڪو مون کان پهرين بلاول کان لُوڊو راند کيڏڻ تان شرط هارائي ويٺو هو. مون ڏانهن ڪاوڙ ۾ نهاري چيائين ته سردار متان بلاول سان شرط رکي اٿئي، هينئر هينئر مون کان پنج چانهيون کٽيون اٿس!

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد