جوهي ۽ ڪاڇي جو برسات کان پوءِ جو حال!
برسات رحمت آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي پر جوهي ۽ ڪاڇي ۾ جڏهن به برسات پوي ٿي ته اها رحمت بجاءِ انتظامي لاپرواهي سبب زحمت بڻجي وڃي ٿي، جوهي روڊ جي حالت اها آهي جو گوڏي کان مٿي پاڻي بيٺو آهي، ان پاڻي ۾ هڪ ته بدبو پيدا ٿي وئي آهي، جتي پنڌ ماڻهو ۽ هر گاڏيءَ جو گذرن ٿئي ٿو ته عام ماڻهن جا ڪپڙا خراب ٿين ٿا، پوڙها مرد عورتون ٻٽي عذاب ۾ آهن، اسڪولي ٻارڙا ڪٿان لنگهن، روڊ جي ٻنهي پاسن کان دڪان آهن جتي نه دڪاندار دڪان تي ويهي سگهي ٿو ۽ نه وري گراهڪ دڪاندار کان سامان وٺي سگهن ٿا. ان گندي پاڻي مان الائي ڪيترين بيماريون پيدا ٿينديون هونديون جيڪي هتان جي رهواسين لاءِ عذاب جو سبب بڻجن ٿيون، هتان جا رهواسين مختلف بيمارين ۾ وٺجي وڃن ٿا، سڀني کي خبر آهي ته سنڌ ۾ مريضن جو علاج ڪيئن ٿيندو آهي؟ سواءِ ريفر ليٽر جي ٻيو ڪنهن کي فائدو ناهي ملندو، اسپتالن ۽ ڊاڪٽرن جي آسري تي مريض ڪڏهن به صحتياب ناهن ٿيندا، اسپتال ۾ ڪا موچاري ڪمپنيءَ جي دوا آهي ئي ڪو نه صرف غير معياري ڪمپنين جون بيڪار دوائون آهن، جيڪي بجاءِ ابتو بيمار ڪنديون آهن. ان گندي پاڻيءَ مان الائي ڪيترا آفيسر گذرندا هوندا ۽ انهن آفيسرن جي قلم جي چهنب جو کيل آهي، جي چاهين ته هڪ جهٽڪي ۾ روڊ رستا صاف ٿي سگھن ٿا، پوءِ به آفيسر الائي ڇو چپ آهن. اسين بدبو جا قيدي آهيون، گهمي ڦري نٿا سگهون، لک شابسون هجن هتان جي عوامي نمائندن ۽ انهن جي خاص واٺن کي جيڪي ايڏين بي واجبين باوجود سرخرو گهمندا ٿا وتن، ته ڏسو اسان توهان جي تباهي ۽ بربادي ۾ ٽڪي جي ڪسر ناهي ڇڏي ڇڏي، پوءِ به اوهان جيئرا آهيو ۽ اسان کي ووٽ ٿا ڏيو؟ اسين به لڪير جا فقير بڻجي ڪڏهن به سوچو ئي ناهي ته آخر اسان کي اسان جا حق ڪڏهن ۽ ڪئين ملندا؟ اسين ته هٿ تي هٿ رکي ڀوتار جي ٺلهن آسرن تي پنهنجو رت ست وهائي ڇڏيو آهي، نتيجي ۾ اسان کي در در جا ڌڪا ٿاٻا ئي نصيب ۾ آهن.
عبدالغفور ڏاهري/ ڊرگهه بالا
سنڌ جي تاريخي “پڪي قلعي” کي بچايو!
دنيا جا سڌريل ملڪ تاريخي ماڳن کي محفوظ ڪندا آهن جيئن ايندڙ نسل ملڪي تاريخ کان واقف هجي ۽ اهي تاريخي جايون پنهنجي اکين سان ڏسي سگھن. مصر جا احرام اڄ به محفوظ آهن، احرام ته ڇا مصر وارن ته “فرعون” کي به محفوظ ڪري ڇڏيو آهي جيئن ايندڙ نسل فرعون بابت ڄاڻي ۽ پنهنجي اکين سان ان جي باقيات ڏسي سگھي پر اسان وٽ قصو ئي ابتو آهي، ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ تاريخي ورثا ڊهي ڀُري تباهه ٿي رهيا آهن، حڪومت انهن تاريخي ورثن کي محفوظ نه ڪري سگھي آهي. دلوراءِ هجي، موئن جو دڙو هجي يا وري حيدرآباد جو پڪو قلعو هجي، سڀ ورثا ميسارجي رهيا آهن، پڪو قلعو ته قبضن جي ور چڙهي ويو، باقي صرف وڏو دروازو ئي وڃي بچو آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪمن تحت قبضا ختم ڪيا پيا وڃن پر هن قلعي تان قبضا ختم ڪرائي ان کي محفوظ بڻائڻ لاءِ حڪومت خاموش آهي. 1768ع ۾ ڪلهوڙا خاندان جي حڪمران غلام شاهه ڪلهوڙي نيرون ڪوٽ واري هنڌ حيدرآباد جو بنياد رکيو ته ان جي تعمير دوران هي قلعو گنجي ٽڪر نالي جبل تي اڏيو ويو، اڏاوتي ڪم گدومل جي نگراني ۾ ٿيو. چيو ٿو وڃي ته غلام شاهه 2 ٻيڙيون ڀري سرمايو ڏنو ۽ قلعي جي تعمير دوران اتي ئي رهيو. قلعي ۾ پڪيون سرون استعمال ڪيون ويون، ان ڪري پڪو قلعو سڏيو ويو، قلعو ڪڏهن باغن، وڏن محلن، درٻارن ۽ ٻين سهڻين اڏاوتن سان ڀريل هو، 33 ايڪڙن تائين قائم هي قلعو ڪنهن شاهڪار کان گھٽ نه هو، غلام شاهه جي وفات بعد 3 کان 4 مهينن ۾ ڪلهوڙن جو دور تنزلي جو شڪار ٿيو. بلوچ سردار جي قتل بعد 1782ع ۾ بلوچ قبيلي ۽ ٽالپرن ۾ جنگ لڳي، فتح علي ٽالپر جنگ جي قيادت ڪئي، سندس قيادت ۾ ڪلهوڙا دور جو خاتمو ٿيو، مير فتح ٽالپر جي دور ۾ هن قلعي ۾ نيون عمارتون ٺهيون، پراڻين عمارتن جي مرمت ٿي، قلعي ۾ 1800 پرآسائش عمارتون، حفاظت لاءِ بلند مينار ۽ ان مينار ۾ 4 توپون به لڳل هيون. 1843 ۾ قلعي جو زال شروع ٿيو، چارلس نيپيئر ٽالپرن کي شڪست ڏني ۽ قلعي تي برطانوي فوج قبضو ڪيو. هن جنگ ۾ قلعي کي وڏو نقصان رسيو. بهرحال جيڪو تباهه ٿيو، اهو واپس نه ٿو اچي سگھي، جيڪو بچيل آهي ان کي محفوظ بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي ڪوششون وٺڻ گھرجن.
مصحب سومرو/سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
دنيا ۾ ڪم ڪندڙ شاگرد سوسائٽيون!
سماج ماڻھن جي ميل جول واري لاڳاپي کي چئبو آھي، شاگردن جي سماج مان مراد آھي شاگردن جو ميل جول جو لاڳاپو، اسان جي تاريخ ۽ سماج ۾ ھر طرح سان شاگرد سوسائٽي شاگردن جي قدرتي فن کي هٿي ڏئي ٿي، جيئن شاگرد پنھنجي فن ۾ مھارت ماڻي سگھن. اسٽوڊنٽ سوسائٽي ڪھري به ٿي سگھي ٿي ۽ ھن تي ڪم به ڪري سگھن ٿا. اسٽوڊنٽ سوسائٽيز سائنس جون به آھن، پوليٽيڪل ۽ ماحول جون به آھن ته ايسٽرانامي سائنس جو به، ته ايڪانامي جون به آھن. اسٽوڊنٽ سوسائٽيز شاگردن لاءِ بھترين ذريعو ان ڪري آهن ته ھو پنھنجي سماجي لاڳاپي کي مضبوط ڪري سگھن ۽ ٻين شاگردن کان هو گھڻو ڪجھه سکي سگھن ٿا. ھنن سوسائٽيز جو مقصد شاگردن جي ذاتي واڌ ويجھه ۽ پروفيشنل هابيز کي وڌائڻ ھوندو آھي. ھيٺ ڪجھ ملڪي سطح جون اسٽوڊنٽ سوسائٽيز ڏنل آھن، جن مان هڪ ماڊل يونائيٽيڊ نيشن اسٽوڊنٽ سوسائٽي آهي، ھيءَ اسٽوڊنٽ سوسائٽي جرمن يونيورسٽي هيڊل برگ يونيورسٽيءَ ۾ ملي ٿي جنھن جي شاگردن جو مقصد حڪومت يا يونائيٽيڊ نيشنس لاءِ ڪم ڪرڻ آھي ۽ اهو ڪم ھر بھار جي سيميسٽر ۾ ڪيو ويندو آھي. ٻي آرٽ ايڪس اسٽوڊنٽ سوسائٽي، ھيءَ اسٽوڊنٽ سوسائٽي آمريڪا جي ماشسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي آھي، جنھن جو مقصد شاگردن ۾ آرٽ ۽ ڪلچر کي ھٿي ڏئارڻ آھي، ھن ۾ شاگردن کي پريڪٽس ڪرائي وڃي ٿي جيئن شاگرد آرٽ ۾ مھارت حاصل ڪن. ٽين آلما ميٽر اسٽوڊنٽ سوسائٽي آهي، ھيءَ اسٽوڊنٽ سوسائٽي ڪينيڊا جي ڪوئين يونيورسيٽي ۾ آھي، جنھن ۾ ايگريڪلچر ۽ فوڊ سائنس سان چاھ رکندڙ ٻار شامل آھن. چوٿين مينٽ ميگزين اسٽوڊنٽ سوسائٽي آهي، ھيءَ سوسائٽي آمريڪا جي يونيورسٽي اسٽينفورڊ ۾ آھي، جنھن ۾ شاگرد آرٽ، فيشن، راڳ ۽ ڪلچر کي هٿي ڏني وڃي ٿي، ھيٺ ڏنل ڪجھ اھم ۽ لڳ ڀڳ ھر يونيورسٽي ۾ ملندڙ اسٽوڊنٽ سوسائٽيز آھن جن جو ساڳيو ئي ڪم آھي. ڪلائييميٽ چينج اسٽوڊنٽ سوسائٽي ڊبيٽس اسٽوڊنٽ سوسائٽي، نڊراماٽڪ اسٽوڊنٽ سوسائٽي، گيمينگ اسٽوڊنٽ سوسائٽي، اسپورٽ اسٽوڊنٽ سوسائٽي پڻ آهن.
اقرا لنڊ/ سنڌ يونيورسٽي، دادو ڪئمپس
هڪڙي چٽي ايم اين اي دادو ڏانهن!‎‎
سڀ کان پهرين اسلام عليڪم، رفيق احمد جمالي صاحب ايم اين اي دادو جوهي سيد صالح شاهه، ايم پي اي جوهي سائين اسين ڳوٺ پريو جمالي واسي اوهان جا پراڻا ووٽر آهيون، ڳوٺ پريو جمالي واسي هن گرمي جي سخت موسم ۾پيئڻ جي پاڻي لاءِ سخت پريشان آهن، ڳوٺ پريو جمالي واسي اوهان جا ووٽر آهن، سدائين اوهان کي ووٽ ڏيندا آهن، هن وقت ڳوٺ پريو جمالي جي واٽر سپلاءِ اسڪيم ناڪاره بڻيل آهي، ڳوٺ پريو جمالي واسي مرد توڙي عورتون تمام گهڻو پري پنڌ ڪري پاڻي ڀرڻ ويندا آهن. سائين هڪ مهرباني ڪيو، ڳوٺ پريو جماليءَ ۾ سولر واٽر سپلاءِ اسڪيم ڏني وڃي. اسين سڀ ڳوٺاڻا مطالبو ٿا ڪريون ايم اين اي دادو جوهي رفيق احمد جمالي، ايم پي اي جوهي سيد صالح شاهه کان ته ڳوٺ پريو جمالي ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جو مسئلو حل ڪرايو وڃي.
سمير احمد بروهي/ ڳوٺ پريو جمالي، ڪاڇو
کپري کان عمرڪوٽ ڏانهن ويندڙ روڊ ٺھرائي ڏيو!
کپرو کان عمرڪوٽ ڏانهن ويندڙ روڊ کي 23 سال گذري وڃڻ باوجود به ھن روڊ جي مرمت ناهي ٿي سگهي. هي روڊ 77 ڪلوميٽر آهي، روڊ هنڌان هنڌان اکڙي وڃڻ ڪري عوام لاءِ موت بڻجي چڪو آهي. کپرو کان 25 ڪلوميٽر عمرڪوٽ روڊ تي هڪ ڳوٺ ڀٽ ڀائٽي جي نالي سان به اچي ٿو، جيڪو منهنجو ميدائشي ڳوٺ آهي، منهنجي هينئر رهائش ميرپورخاص ۾ آهي. گذريل ڪيترن ئي سالن کان آئون هن روڊ تي سفر ڪندو پيو اچان، اڪثر ڳوٺ وڃڻ ٿيندو رهندو آهي، جيڪڏهن روڊ ٺھيل هجي ته کپرو کان ڀٽ ڀائٽي اڌ ڪلاڪ جو سفر آهي، موٽرسائيڪل تي اڌ ڪلاڪ واري سفر ۾ هن وقت سوا کان ڏيڍ ڪلاڪ لڳي ٿو، هن روڊ تي حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، هن ٽٽل روڊ جي ڪري منهنجي سئوٽ جو ٻه ڀيرا حادٿي جو شڪار ٿيو آهي. هتان جي رهواسين روڊ ٺھرايو تحريڪ شروع ڪئي جنهن جو نالو “روڊ ايڪشن ڪاميٽي” رکيو ويو آهي، جنهن 7 مهينا اڳ هن ڪم جي شروعات ڪئي. هن روڊ جي ڪري هتي جا رهواسي تمام گهڻي تڪليف ۾ آهن، خاص غريب طبقو جيڪو موت جو کاڄ بڻجي ٿو، روڊ ايڪشن ڪاميٽي جي ميمبرن، هتي جي رهواسين، شاگردن، استادن، ڊاڪٽرن، وڪيلن، هارين، مزدورن، ٽيڪسي ڊرائيورن، نوجوان سڄاڳ اتحاد ۽ ميگهواڙ يوٿ فورم جي نوجوانن سميت هر شخص گذريل ست مهينن کان چونڊيل نمائندن کان هڪ ئي مطالبو ڪري رهيا آهن ته کپرو کان عمرڪوٽ روڊ ٺھرائي ڏيو. اسان گذريل 7 مهينن کان روڊ جي زبون حاليءَ خلاف احتجاج پيا ڪريون ته روڊ ٺھرايو، زندگيون بچايو پر کپري ۽ عمرڪوٽ سان لاڳاپيل چونڊيل نمائدا اگهور ننڍ ستل آهن، سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته حادثن ۾ ٿيندڙ موت جا ذميوار ڪير آهن؟ روڊ ايڪشن ڪاميٽي وارا گذريل ستن مهينن ۾ احتجاج ۽ ريليون ڪڍي چُڪا آهن، سواءِ هڪ ڀيرو زبردست ٽرينڊ ھلايو ويو، جنهن ۾ صحافين، اديبن، ليکڪن، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ سنڌ جي باشعور دوستن پڻ حصو ورتو ۽ پنهنجو پاڻ ملهايو، جيڪو ٽرينڊ 33 هزار پلس ۾ هو.
امتياز علي ڪنڀر/ميرپورخاص 
نياڻي جي اسڪول کي فرنيچر ڏيو!
سجاول جي سرڪاري اسڪول ۾ هڪ سال کان فرنيچر نه هئڻ ڪري نياڻيون پٽ تي ويھي تعليم حاصل ڪري رهيون آهن، سجاول جي وارڊ نمبر هڪ ڪهرائي محلي جي قديمي گورنمنٽ مڊل اسڪول جي هڪ سال اڳ ۾ ٺهيل نئين عمارت ۾ سرڪار پاران اڃا تائين فرنيچر نه ڏنو ويو آهي، تعليم کاتي جي بيحسيءَ سبب اسڪول ۾ فرنيچر نه هئڻ ڪري گذريل هڪ سان کان ٻه سئو کان اڍائي سئو نياڻيون پٽ ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته ڪرسين جي به کوٽ هئڻ ڪري ماسترياڻيون پڻ بيهي نياڻين کي پڙهائين ٿيون. سخت گرمي هئڻ ڪري گرم ۽ سياري ۾ ٿڌي فرش تي تعليم حاصل ڪندڙ نياڻين کي سخت ڏکيائيون پيش اچن ٿيون. هڪ سال اڳ اسڪول جي نئين عمارت ته جوڙائي وئي هئي پر هڪ سان گذرڻ باوجود اڃا تائين فرنيچر نه ڏنو ويو آهي. اسان ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي جي آفيسرن سميت انتظاميا ۽ ٻين وس وارن سان اسڪول ۾ فرنيچر نه هجڻ جون شڪايتون ڪيون آهن پر سواءِ کوکلي ها ۽ حاضر جي ڪو به کڙ تيل ناهي نڪتو. اسان وزير اعليٰ سنڌ ۽ وزير تعليم سميت چونڊيل نمائندن کان مطالبو ٿا ڪريون ته نياڻين تي رحم ڪري اسڪول کي فرنيچر ڏنو وڃي ته جئين نياڻيون وڌيڪ پريشانين کان بچي سگهن.
وفا بابو پٺاڻ/ سجاول
دودو ڀيل جو لاش ۽ ٿر اينگرو ڪول!‎‎
ملڪ ۾ لاقانونيت، رياستي ڏاڍ ۽ مڙهيل ڪيل قانون، رياست اندر رياستون ٺاهي سرڪاري عقوبت خانا، خانگي جيل، عوامي ماڻھن سرڪاري زمينن تي ڪوڙيون ليزون وٺي مافيائون ان جي بدلي ۾ وري سرڪاري ۽ نيم سرڪاري آئيني ايڪٽ جي ابتڙ رجسٽرڊ سامراجي ڪمپنيون قائم ڪيون ويون آهن، جيڪي عوام جو رت چوسي رھيون آھن، جن ۾ تازو ٿر ۾ موجود اينگروڪول ڪمپني ۽ سنڌ سرڪار جي پاڱي ڀائيواريءَ سان ھلندڙ پاور ھائوس علائقي ۾ مزدوري ڪندڙ دودو ڀيل کي سيڪيورٽي اھلڪارن چوري جي الزام ۾ اغوا ڪري جھڙي طرح ڏنڀ ڏنا، سي ميڊيڪل رپورٽ ۾ پڙھي تشدد جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. ٿرڪول ايريا جتي سيفٽي پاليسيءَ تحت اتان جي خطرناڪ جيوت نانگ به جي ڪئمپ ۾ داخل ٿئي ته ڪيچر سان پڪڙي واپس جھنگ ۾ ڦٽي ڪرڻ جو حڪم آهي، ان نانگ کي مارڻ قانوني گناھ آھي، اتي تشدد ۾ ھڪ مزدور جو موت ٻن مزدورن جي ڳڻتي جوڳي حالت سواليا نشان بڻيل آھي. سيڪيورٽي پوليس جو ڪم ڪري رھي آھي، پوليس وري ڪو ٻيو ڌنڌو ڪري رھي آھي. سنڌ سرڪار کي گھرجي ته دودو ڀيل جي خون جو سودو ڪرڻ بجاءِ شفاف جاچ ڪري قاتلن کي وائکو ڪري انجام تائين پھچائڻ گھرجي جيئن اڳتي ٻيو ڪو دودو ڀيل اهڙي بي وسيءَ جي حالت ۾ تشدد جو شڪار نه بڻجي.
منظور ھاليپوٽو/ ٽلٽي
سنڌ حڪومت کي تعليم جي بھتري لاءِ قدم کڻڻ گھرجن!‎‎
سنڌ جي تعليم تي ڪورونا جي ڪري خراب اثر پيا آھن، لاڳيتو تعليم ادارا بند ھجڻ ڪري ٻارڙن ۾ اسڪول ۾ دلچسپي ناهي رهي، اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ٻارن جو تعليمي نقصان ٿيو آھي، جنھن جو خال ڀرڻ ۾ ڪافي سال لڳندا. سنڌ ۾ گھڻي کان گھڻو نقصان پرائمري تعليم جو ٿيو آھي، سنڌي ۾ چوڻي آھي ته ڀت پيڙهه تي ھلندي آھي، سڀ کان پھريان ٻارڙن جو بنياد بھتر نه آھي، ٻارڙن کي صحيح طرح سنڌي لکڻ پڙھڻ ۽ اُچارڻ نٿو اچي، اسان کي پنھنجي مادري سنڌي ٻولي به صحيح پڙھڻ لکڻ نه اچڻ جو سبب ته ھاڻي پرائمري تعليم جو کوٽ آھي، ڀلي ٻارڙن جا امتحان ورتا وڃن ۽ انهن کي پروموٽ ڪيو وڃي پر اھو تعليمي خال ڪيئن ڀربو؟ اھي 25 لکن جي لڳ ڀڳ ٻار جيڪي اسڪولن کان ٻاھر آھن، انھن ٻارڙن جو  ڇا ٿيندو؟ اھو سڀ کان اھميت وارو سوال آھي ۽ حڪومت ان تي سنجيده ٿي سوچي ته انھن معصوم ٻارڙن جي تعليم جو ڇا ٿيندو؟ ڪاليج جي تعليم لاءِ جيڪو ٻار ميٽرڪ پاس ڪري ڪاليج پھچي ٿو ته ان جي ذھن ۾ رڳو ڊاڪٽر ۽ انجنئير ٿيڻ جو خواب هوندو آھي، انھن ٻارڙن ۾ اڪثريت ٻارڙن کي لکڻ پڙھڻ جون اسڪلز نه آھن، پوءِ اھي نه ته ڊاڪٽر ٿين ٿا نه وري انجنئير، نه وري يونيورسٽي ۾ داخلا جي ٽيسٽ پاس ڪري سگھن ٿا. سنڌ جي استادن پنھنجي اصل پڙھائڻ واري ڌنڌي کي ڄاڻي واڻي وساري ڇڏيو آھي، شاگردن سان يونيورسٽين جون ناانصافيون آھن، وقت تي خانگي ڊگرين جا امتحان نٿا ورتا وڃن. ھن وقت اھي شاگرد پريشان آھن جيڪي ڪاليجن مان ڳريون فيون ڀري ڊگريون ڪن ٿا پر ڪا به خبر ناھي ته اھي امتحان به وٺندا يا نه؟ جن ۾ شاھ عبدالطيف يونيورسٽي ٻين سڀني يونيورسٽين کان پوئتي آھي. تعليمي ۽ مالي طور سنڌ جي يونيورسٽين کي ھٿ سان تباھ ڪيو ويو آھي. سنڌ حڪومت کي گھرجي ته تعليم جي بھتري لاءِ قدم کڻي ادارن کي سھولتون ڏئي.
شفيق حسين وساڻ/جھنگو وساڻ
موسمي ۽ برساتي ڏيڏر!
برسات وسڻ کان پوءِ آسپاس مختلف قسم جا ڏيڏر ٽان ٽان ڪندي ميدان تي نڪري ايندا آهن، طفيل ٻھراڙيءَ جو ٻار عمر لڳ ڀڳ 5 سال اٿس، رات جو ستل هو ته اوچتو آسمان تي ڪارا ڪڪــر بجلي ۽ گجگوڙ سان تيز برسات شروع ٿي وئي، ايتري ۾ رلي ڪلھي تي رکي سڀ ڪکائن گھرن جي جھوپڙي ڏانهن ڊوڙيا. طفيل گوڙ کان ڊڄندي بابا جي هنج ۾ لڪي ويو. ھڪ ته ٻھراڙيءَ جو ماحول، مٿان وري گهر ڪچو، لاڳيتو 2 ڪلاڪ برسات بعد اڱڻ تي به پاڻي بيھي رھيو.  آڌي رات هر طرف گھپ اوندهه ۽ پاڻي بـيھڻ ڪري مڇرن جو آزار. رات 4 وڳي اوچتو عجيب قسم جا آواز محسوس ٿيا، ويگوٽيل موبائل جو لائٽ ٻاري ڏسون ته عجيب قسم جا ڏيڏر پھچي ويا آهن. ڪي اڇا، ڪي ڪارا، ڪي ڀورا،  ڪي ڳاڙا وڏن پيٽن وارا. سڄي رات ٽان ٽان ڪري طفيل کي ڊيڄاريندا رهيا. صبح جو آرس ڀڃي پوڙهي ڏاڏي کان پڇيائين ته رات جن ٽان ٽان پي ڪئي اهي ڇا هئا؟ وڏي عمر جي پوڙھي وراڻيو، پٽ انهن بلائن کان اسان واقف آھيون، انهن جو نه دين نه ڌرم، پھريان برساتي موسم جي شروعات سان پھچندا ھئا، ھاڻ ان قسم جا پنج سالن تائـين آسپاس ناهن لڀندا. انهن ڏيڏرن جي پرورش لاءِ ڪي وري وڏا ڏيڏر رکيا ويا ھئا، جن ننڍن ڏيڏرن جي پالنا ڪرڻ جي نوڪري ڪئي. ڪجهه ڪلاڪن بعد ننڍا ڏيڏر صلاح مشورو بعد سوچڻ لڳا ته ھتي بھترين پرورش نه ھئڻ ڪري پنھنجو وقت ڇو زيان ڪريون! ھن وقت ميڪ اپ وارا ڏيڏر ان راڄ جو بادشاهه آهي، ميڪ اپي ڏيڏر ھن وقت ننڍن ڏيڏرن کي سٺو کاڌو ڏئي خريد ڪري ٿو، ھاڻي 5 سال به اچي پورا ٿيڻ وارا آهن، سڀني ڏيڏرن جو لاڙو ان ميڪ اپي ڏيڏر طرف آهي. ميڪ اپ ڏيڏر سان گڏجي وري ڪجهه مھينــن کان پوءِ ساوا، ڪارا، نيرا ۽ اڇا ڏيڏر گھوٽ جيان سينگھاريل  ميڪ اپي ڏيڏرن سان گڏجي ٽان ٽان ڪرڻ لاءِ پھچي ويندا.
ظفر حسين مري/ ڀٽ ڀـائٽي
سنڌ جي تباھي جا ڪارڻ!‎‎
ايڪانامڪ سروي آف پاڪستان جي گذريل سال واري رپورٽ موجب ملڪي آبادي جو 42 سيڪڙو اڻ پڙهيل آهي، ان مان سنڌ صوبو تعليم جي ميدان ۾ تمام گهڻو پٺتي پيل آهي ۽ آباديءَ جو 45 سيڪڙو اڻ پڙهيل آهي، ان مان به سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اڻ پڙهيلن جو انگ 50 سيڪڙو آهيآبادي کان به وڌيڪ آهي، سنڌ ۾ بنيادي پرائمري تعليم تي ڌيان ڪجي ته گذريل سال سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس دوران اسيمبلي ميمبر نصرت سحر عباسي جي پڇيل سوال جي جواب ۾ سنڌ جي تعليم واري وزير چيو هو ته سنڌ ۾ اٽڪل 30 لک ٻار اسڪولن ۾ داخل ناهن، ڄام مهتاب ڏهر جو چوڻ هو ته 28 لک 76 هزار 324 ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. ان کان سواءِ سنڌ حڪومت پاران تعليم جي بجيٽ جو وڏو حصو صرف پگهارن لاءِ رکيو ويندو آهي، جنهن ڪري اسڪولن جو فرنيچر ۽ ٻين سهولتن لاءِ بجيٽ نه بچندي آهي. سنڌ جي اڪثر اسڪولن، جيڪي پرائمري جا هجن يا سيڪنڊري جا، اتي صاف پيئڻ جو پاڻي، باٿ رومز ۽ صفائي سٿرائي جو نظام ناهي، جنهن ڪري به ڪيترائي ٻار اسڪولن ۾ پڙهائي ڪرڻ لاءِ نٿا اچن. سنڌ سرڪار مالي سال 2017ع ۽ 2018ع لاءِ 21 بلين رپيا بجيٽ رکي آهي، تنهن باوجود به 45،555 اسڪولن مان 5483 اسڪول بند پيل آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ ۾ ملندڙ تعليم دنيا ته ٺهيو پر پنجاب ۽ خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان جهڙو به معيار ناهي. پاڪستان ۾ 45 سيڪڙو ماڻهو اڻ پڙهيل آهن، انهن منجهان سڀ کان وڌيڪ اڻ پڙهيل جو انگ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ آهي. سنڌ اندر پرائمري تعليم جي معيار ۽ مقدار ۾ گهٽتائي سبب ماسٽرز يا ايم فل ڪندڙ شاگردن جو انگ ٿورڙو آهي.
خالد حسين شر/ احمدپور، خيرپورميرس