سينگار نوناري جو ڏوهه ڪهڙو آهي؟‎‎
سينگار نوناري کي نصيرآباد جي نوناري محلي مان اڌ رات جو اڻڄاتل ماڻهو پاڻ سان گڏ کڻي ويا، سندس دوست ۽ وارث تمام گهڻا پريشان آهن، ان سلسلي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ڪراچي ۾ پٽيشن به داخل ڪئي وئي آهي. گهڻو وقت اڳ جڏهن ميرپور بٺورو مان شاعر ۽ سياستدان نواز خان زنئور کي مهمان بڻايو ويو هو ته ان جي واپسي بعد لکيل ڪتاب ۾ جن جن جو ذڪر ڪيو هو انهن ۾ هن نوجوان سينگار نوناري جو به ذڪر ٿيل آهي ته هن کان سينگار نوناري جي باري ۾ به پڇاڻو ٿيو هو. سينگار نوناري سياسي سماجي اڳواڻ آهي، گذريل بلدياتي چونڊن ۾ پنهنجي پاڙي مان سوڀارو ٿي ڪائونسلر به رهي چڪو آهي، ان جو ڏوهه ڪهڙو آهي جو کيس اوچتو مهمان بڻايو ويو آهي، منهنجي خيال ۾ ته هن ملڪ ۾ مرضي جي سياست ڪرڻ، مرضي جو ڳالهائڻ، مرضي جو لکڻ، مرضي جو پهرڻ، مرضي جو مذهب اختيار ڪرڻ، مرضي جي تعليم پرائڻ ۽ مرضي سان جيئڻ  وڏو ڏوھ آهي، ڇاڪاڻ ته عام ماڻهن جي مرضي وري پنهنجي مرضي وارن کي پسند ناهي. ڇا توهان ڪڏهن ٻڌو آهي ته ڌاڙيل، چور، لچ، لوفر، جوئاري، منشيات فروش، ڀاٿاريدار کي، دهشتگردن جي ساٿارين کي، ذخيرا اندوزي ڪندڙ، ملاوٽ ڪندڙ، ڪوڙ هڻندڙ، فتنو فساد ڦهلائيندڙ کي ڪنهن کڻي گم ڪري ڇڏيو هجي؟ انهن کي ته ڪجهه نه ٿو ڪيو وڃي ڇو ته هو هن معاشري ۾ آزادي سان سڀ ڪجهه ڪرڻ جو پروانو وٺي آيا آهن. جڏهن ته سينگار نوناري کي پنهنجي مرضي سان سياست ڪرڻ سماجي ڪم ڪرڻ کان اڳ پنهنجي خاندان، دوستن، مٽن مائٽن ۽ دوستن جو خيال رکڻ گهرجي ها جن کي هو تڪليف ۾ وجهي نامعلوم ماڻهن جو مهمان بڻجي ويو آهي.
شفيق احمد ڪانڌڙو/ حيدرآباد 
مظلوم قيديءَ جو آوزا ۽ آخري سنوائي!
(حصو پنجون)
اسان کي ڄامشورو ڪورٽ جي لاڪ اپ ۾ ميڊيا وارن کان تصويرون ڪڍرائيندي دوستن سان ويٺي ويٺي ڪافي ڪلاڪ گذري ويا ۽ اسان کي واپس سينٽرل ۽ نارا جيل حيدرآباد به اچڻو هو. ڇو ته سدائين جيان پهريان اسان کي نارا جيل ۽ بعد ۾ سينٽرل جيل حيدرآباد وڃڻو هو پر ان ڏينهن ته محبت مغيري کي به مون سان گڏ سزا لڳل هئي، سو ان لاءِ اسان کي لازمي نارا جيل وڃڻو هو. پر محبت مغيري ۽ منهنجي سزا جو ٻڌي ڪورٽ تي آيل دوستن جي خواهش هئي ته وڌيڪ وقت ڪچهري هلي، پر وقت بي رحم ڪڏهن به ٻئي ڀاڪر جو موقعو ناهي ڏيندو. اسان دوستن کان موڪلائڻ جي ڪئي ته منهنجو چاچو عطاالله بروهي جيڪو ملڪ اسد سڪندر جي ويجھن ساٿين مان آهي اهو به منهنجي سزا ٻڌي اچي پهتو، اي ايس آءِ صدرالدين قمبراڻي کان ڪجھه وقت ورتم ۽ ويهي چاچي سان ڪچهري ڪيم، ان دوران چاچي مون کي چيو ته ايوب توکي ته سزا لڳي اهي هاڻي ته تون پوڙهو ٿي پوءِ جيل مان ٻاهر ايندي، چاچي جي واتا اهڙا لفظ ٻڌي آئون روئڻهارڪو ٿي ويس ۽ دل ۾ سوچڻ لڳس ته مون چاچي جو اهڙو ڪهڙو گناهه ڪيو آهي؟ جو هن مون لاءِ اهڙا لفظ ڪڍيا، اهي لفظ ٻڌي آئون محبت مغيري ڪاوڙ مان اٿياسين ته چاچو به اٿي بيهي رهيو. مون چيو ته چاچا سائين توهان ويهو توهان ٺيڪ نه آهيو، پر چاچي مون کي چيو ته اهڙي ڳالهه ڪانهي، مون موت کي موٽائي ڇڏيو آهي، تون گھٻراءِ نه آئون ٻيو جنم تنهنجي آزاديءَ واري ڏينهن وٺندس جنهن ڏينهن تون جيل مان ٻاهر ايندي چاچا سائين جا اهي لفظ ٻڌي دل ۾ سوچيم ته چاچو ڪهڙي مٽيءَ جو ٺهيل آهي.(جاري)
محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد
پ پ پ، قيادت کان وسري ويل ڳوٺ حاجي صالح مڪراني!
30 سالن کان پاڪستان پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيندا پيا اچون پر افسوس ۽ ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته هن ڳوٺ کي هر طرح سان نظرانداز ڪيو ويو آهي، اسان جي دانهن ٻڌڻ وارو ڪو به نه آهي ۽ ڪيتري وقت کان وٺي اسان بيروزگاري واري زندگي گذاري رهيا آهيون. تازو گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ پوري ٽنڊي ڄام ۾ سولر پليٽون، پکا ۽ بيٽريون ڏنيون ويون آهن پر اسان کي انهن مان ڪا به شيءِ نه ملي آهي، جنهن جي ڪري ڳوٺاڻا ويتر پريشانين جو سبب بڻيل آهن، هتي واٽر سپلاءِ جي ڪا به سهولت موجود نه آهي نه وري ڪو آر اوو پلانٽ جي سهولت موجود آهي، ڳوٺاڻا پيئڻ جي صاف پاڻي کان به محروم آهن، ڳوٺ جي جر جو پاڻي ڏينهون ڏينهن کارو ۽ ٻاڙو ٿي رهيو آهي، ڊرينيج سسٽم مڪمل طورتي ناڪاره بڻيل آهي، سالن کان نالين جي صفائي نه ٿي آهي، گٽرن جو پاڻي گهٽين ۾هر وقت بيٺل رهي ٿو، ڳوٺاڻا پنهنجي خرچ سان گٽرن جي صفائي ڪرائي رهيا آهن، اهڙن مسئلن جون شڪايتون بلدياتي نمائندن کي ڪيون اٿون پر انتظامي عملدارن جي ڪن تي جونءِ به نٿي سري، ووٽ وٺڻ کان پوءِ چونڊيل نمائندن ڳوٺ جو منهن به ناهي ڏٺو. منهنجي سنڌ حڪومت کي گذارش آهي ته اسان جي ڳوٺ جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن.
راشد بلوچ/ ٽنڊوڄام
اسان جي پوليس ڪڏھن غريب دوست بڻجندي؟‎‎
پوليس کي عوام جو محافظ سڏيو وڃي ٿو، جنھن جي ذمي عوام جي جان، مال ۽ عزت  جي حفاظت ڪرڻ آھي، ماڻھن سان ٿيندڙ ڪنھن به زيادتيءَ جو بنا دير تدارڪ ڪرڻ آھي پر بدقسمتيءَ سان ملڪ جي ٻين صوبن جيان  سنڌ جي پوليس به ھيترا سال گذرڻ باوجود به غريب دوست ناھي بڻجي سگھي، جنھن جي ڪري غريب عوام سخت ڏکيائين ۽ مونجھارن کي منھن ڏيڻ تي مجبور آھي. ڪنھن غريب سان ڪنھن به قسم جو ڪو ظلم يا زيادتي ٿئي ٿي ته پوليس بجاءِ مظلوم پارٽي جي مدد ڪرڻ جي ظلم ڪندڙ بااثر پارٽي کان پئسا وٺي ابتو مظلوم ڌر کي لاڪپ ڪري ڇڏي ٿي، جنھن ڪري غريب ظلم جو نشانو بڻجڻ باوجود پوليس وٽ نٿو وڃي، ھا باقي ڪنھن امير سان ڪنھن غريب جو ڪو معمولي جھيڙو ٿي پوي ته پوليس يڪدم ڪارروائي ڪندي شڪ جي بنياد تي ئي صحيح سڄي ڳوٺ جي نه صرف مرد پر عورتن کي به کڻي لاڪ اپ ڪري ڇڏيندي آهي، ڇا انصاف جو اھو معيار آھي؟ ڇا پوليس کي ڳري پگھار اھڙي انصاف ڪرڻ لاءِ سرڪار پاران ڏني ويندي آهي ته اھا بااثرن جي ونگار وھي؟ ھن معاملي ۾ سنڌ حڪومت جو به هاڪاري ڪردار نظر نٿو اچي، جيڪا ڳالھ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آھي، جيتوڻيڪ ھن کاتي ۾ بھادر پوليس آفيسر، اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو جھڙا ماڻھو به آھن پر اھي اٽي ۾ لوڻ برابر آھن، پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ کي ھن مسئلي کي سنجيدگيءَ وٺي پوليس جي کاتي ۾ موجود ڪارين رڍن کي ٻاھر ڪڍي پوليس کي غريب دوست کاتو بڻائڻ گھرجي.
مجاھد لغاري/مسڻ وڏي، ٽنڊوالھيار
احساس ڪفالت سينٽر نوشھروفيروز تي ٿيندڙ ڪٽوتي!
ڊگري ڪاليج نوشھروفيروز ۾ قائم احساس ڪفالت سينٽر ۾ سرعام هر مستحق عورت کي ملندڙ وظيفي جي رقم 12 هزارن مان هڪ هزار کان 2 هزارن تائين ڪٽوتي ڪئي ٿي وڃي، گڏوگڏ ڊوائيس ايجنٽ روزانون ڪيترين ئي عورتن جا فنگر نه لڳڻ جو چئي کين موٽائي پريشان ڪري رهيا آھن ۽ ڪجھ اٻوجھ عورتن جا فنگر لڳڻ باوجود انهن کي موٽائي سندن پئسا پاڻ هڙپ ڪيا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ هڪ پيرسن عورت مسمات نوري لغاري لافي عرصي کان پئسن لاءِ دانهيندي رهي ٿي ۽ مختلف ماڻھن پاران کيس احساس ڪفالت جي ايجنٽن ڏانهن موڪلي بيوه عورت کي پئسا ڏيڻ جو پڻ چيو ويو پر هر ڀيري کيس اهو چئي موٽايو ويو ته سندس فنگر نه ٿا لڳن ۽ ويچاري روز روز احساس ڪفالت سينٽر نوشھروفيروز جا چڪر ڪٽي ڪٽي ٿڪجي پئي آهي پر کيس اڃا تائين رڳو آسرا ڏنا ٿا وڃن. شايد ايجنٽ سندس پئسا ڪڍي کائي ويا آھن يا ڪو ٻيو مسئلو آھي پر مان ان پيرسن جون روز دانهون ٻڌي ڏاڍو پريشان ٿي ويندو آھيان ۽ سوچيندو آھيان ته جي حڪومت هن کي مستحق نه سمجهي هن جي اڪائونٽ ۾ پئسا نه موڪليا آھن ته پوءِ مستحق آخر ڪهڙا آھن؟ ڇو ته هن جو مڙس فوت ٿيل، پٽ هن کي گڏ نه ٿا رهائين، سندس نياڻيون ۽ ڏوهٽيون به صفا غريب مسڪين آھن ۽ هي انهن جو پيٽ پالڻ لاءِ در در تان پني انهن جو پاپي پيٽ پاليندي آھي، پاڻ به پيرسن ۽ بيمار آھي، يا وري ايجنٽ هن مسڪين جا پئسا هڙپ ٿا ڪن، ته انهن کي ڪو شرم ۽ حياءُ ناھي جو هن نپٽ غريب بيوهه رن زال جا پئسا ٿا کائين. ان جي لاءِ منهنجي وفاقي حڪومت، احساس ڪفالت جي اعليٰ عملدارن کي گذارش آھي ته ڊگري ڪاليج نوشھروفيروز احساس ڪفالت سينٽر تي ٿيندڙ غير قانوني ڪٽوتي بند ڪرائي هن پيرسن بيوه کي پئسا وٺرائي ڏنا وڃن.
محمد خالد ميمڻ/ ڦل
اسان جي ڳوٺ کي گئس جي سهولت ڏيو!
جيئن ته ھن جديد دور ۾ دنيا چنڊ تي وڃي پھتي آھي، ھتي اسان جي ڳوٺ ريتيءَ جا ماڻھو اڄ به گئس جھڙي نعمت کان محروم آھن، جڏھن ته ريتي جي ڀرسان ئي OGDCL گئس پلانٽ لڳل آھي. جنھن جي گئس لائين ريتيءَ ڀرسان ڪراس ڪري وڏي وڏي ڪمپينن تائين ۽ وڏن وڏن شھرن کي سپلاءِ ڪئي ويندي آهي. ھتي اسان جي ڳوٺ جا ماڻھو ڪاٺيون ۽ ڇيڻان ٻارڻ تي مجبور آھن، جڏھن ته ڪمپني کي ملڪ جي قانون ۽ آئين تحت اسان جي ڳوٺ ريتي کي گئس ڏيڻ گھرجي ته جيئن ھن جديد دور ۾ اسان جو ماڻھو ننڍي ننڍي مسئلن مان نڪري دنيا جي جديد دور ۾ پير پائين. اسان اعليٰ عھدن تي مقرر آفيسرن ۽ اڳواڻن کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان جي ڳوٺ ريتي کي گئس جھڙي بنيادي نعمت مھيا ڪئي وڃي.
مزمل حسين/ سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي، ڪراچي
آئون ٻيلو کان ٻجورا روڊ آھيان!‎‎
آئون يوسي ٻيلي ۾ واقع “ٻيلو کان ٻجورا روڊ” اهو بدنصيب روڊ آھيان جنهن کي هر دور ۾ نظرانداز ڪيو ويو آھي،  ڳوٺ حاجي پير ڏنو ٻجورو، محمد خان ٻجورو ۽ ڳوٺ حاجي طالب ٻجورو جي آبادي تقريبن 3 هزار جي لڳ ڀڳ آھي پر ڳوٺن جي وڏيرن کان ويندي ڳوٺ جو ڪو به ماڻھو منهنجي مرمت ڪرائڻ لاءِ سنجيده ناهي. ڀانيان ٿو منهنجي مرمت ٿيندي مون کي 18 کان 20 سال ٿي ويا آھن. ٻين روڊن جا جاري ٿيندڙ ٽينڊرن بابت ٻڌندو آھيان ته خوشي ٿيندي آھي پر منهنجو  شايد نالو نشان به واڳ ڌڻين وٽ ناهي. هڪ ته ٽريڪٽرن وارن مون کي تيز بليڊن سان زخم ڏنا ٻيو ته هيترن سالن کان منهنجي مرمت نه ٿيڻ ڪري آئون هنڌان هنڌان اکڙي ويو آھيان، جنهن ڪري موٽرسائيڪلن جا ٽائر پنگچر ٿيڻ معمول بڻيل آھي، جنهن ڪري موٽر سائيڪلن وارا پنهنجو نقصان ٿيڻ ڪري مونکي گٿا لفظ ڳالهائيندا آھن نه رڳو موٽرسائيڪل وارا پر پنڌ ويندڙ ماڻھو منهنجي اجڙيل حالت ڏسي مون کي ئي ڏوهي قرار ڏيندا آھن. جنهن ڪري آئون وڌيڪ ڏکارو ٿي ويندو آھيان، منهنجي ڀرسان هڪ واٽر سپلاءِ پلانٽ آھي جنهن سان آئون پنهنجا سور سليندو آهيان، ان واٽر سپلاءِ کي به اڌ ۾ ٺاهي ان جو به ڪم بند ڪيو ويو آهي، جيڪو مون جيان اڄ به اجڙيل حالت ۾ پيل آھي. ڄاڻايل ڳوٺاڻا اليڪشن وقت ڏينهن رات هڪ ڪري جيتري محنت پنهنجي تڪ جي نمائندن کي کٽرائڻ لاءِ ڪندا آھن ان جي تر جيتري به جيڪڏهن سڀ گڏ ٿي منهنجي مرمت لاءِ جاکوڙ ڪن ته هوند آئون هڪ سٺي روڊ طور سڃاتو وڃان ۽ آئون پاڻ مٿان گذرندڙ ماڻھن جا طعنا ۽ مهڻا نه سهان. ھاڻ منهنجون اميدون صرف ڄاڻايل ڳوٺن جي انهن ماڻھن ۾ آھن جيڪي اليڪشن وقت ووٽن لاءِ ايندڙ ڀوتارن کي سڌيون ٻڌائين ته هاڻي گهڻو ٿيو، پهرين روڊ جي مرمت ڪرائي ڏيو پوءِ ووٽ وٺو.
غلام علي گل/ٻيلو، سجاول
جسٽس صلاح الدين پنھور کي سلام!‎‎
عوام جو ويساھ انصاف ڪندڙ ادارن تان کڄي ويو آھي، ان ۾ پوليس، ڪورٽون ۽ ٿاڻا شامل آھن پر ڪي ڪي جج تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجي فيصلن سان تاريخ رقم ڪندا آھن، اھي ڀلي ڪٿي به ھجن ۽ ڪيتريون ڇو نه انھن کي تڪليفون عذاب ۽ ڏکيائن کي منھن ڏيڻو پوي پر اھي پنھنجي پروفيشن کي نظر ۾ رکندي سنڌ ڌرتيءَ سان پاڻ ملهائيندا آهن، ميرپورخاص جو جج صلاح الدين پنھور جنھن پنھنجي سنڌ ڌرتيءَ جي حلالي پٽ هجڻ جو ثبوت ڏنو آھي، جنھن سنڌ دشمن منصوبن خلاف بحريا ٽائون، ملڪ رياض خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي ته سنڌ سان ظلم آھي، سنڌ سان ناانصافيون آھن، سنڌ ڌرتي ڌارين جو قبضو ٿي ويو آھي، سنڌ جون زمينيون آخر ڌارين کي ڇو ٿا وڪڻي ڏين؟ ظلم ته ظلم آھي، قومپرست پارٽين گڏجي آواز اٿاريو ته انھن خلاف دهشتگرديءَ جا ڪيس داخل ٿيڻ شروع ٿي ويا ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ اڃا به گرفتاريون ٿي رھيون آھن پر پ پ پ سنڌين لاءِ خالي حوالن کان ڪجھ به نه پئي ڪري، وري به سلام آھي جج صاحب کي جنهن سنڌ جي بقاءَ لاءِ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ چيو آهي.
شفيق حسين وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ 
وڻ پوکي ماحولياتي آلودگيءَ کان بچو!
وڻ پوکيو، پنهنجي ماحول کي هوائي آلودگي ۽ تيز گرمي کان بچايو، وڻ ٽِڻ ٻوٽا جنهن ماحول يا علائقي ۾ گهڻا هوندا اتي گرمي به گهٽ هوندي ۽ اتي برساتون به گھڻيون پونديون آهن. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته جيئن چقمق لوھ کي ڇڪيندو آهي ايئن ئي وڻ ٽڻ ٻوٽا ڪڪرن ۽ جھڙ کي پنهنجي طرف ڇڪيندا آهن، تنهن جي ڪري جنهن به علائقي ۾ وڻ يا گهاٽا ٻيلا هوندا آهن اتي لاڳيتو برساتون پونديون رهنديون آهن. وڻ اسان انسانن کي جيئڻ لاءِ آڪسيجن ڏين ٿا، وڻن مان اسان کي ميوو، ڪاٺ سميت ٻيون انيڪ قيمتي شيون حاصل ٿين ٿيون، وڻ ماحول کي تازو توانو رکن ٿا، وڻ اسان انسانن کي سج جي گرميءَ کان بچڻ لاءِ ٿڌي ڇانو ڏين ٿا. جيترو توهان کان ٿي سگهي اوترا گھڻا وڻ پوکيو ۽ خدارا وڻ نه وڍيو، جي دنيا مان وڻ ختم ٿي ويا ته شايد انسان به دنيا مان ختم ٿي ويندا، وڻن جي اھميت کي سمجهو ۽ زندگيءَ جي اهميت کي سمجھو.
ثقلين حيدر/ رتوديرو
هٿ جي هنر کي جيئاريندڙ نياڻي!
سنڌ ۾ جتي هٿ جو هنر تباهه ٿيندو پيو وڃي اتي سنڌ جون نياڻيون اڃا به پنهنجي هٿ جي هنر کي اڳتي آڻڻ جي ڪوشش ڪن پيون، اڄ جي هن ڊجيتل دور ۾ سڀ هنر هن ڌرتي تان ختم ٿيندا پيا وڃن پر اڪثر والدين کي جس هجي جن پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ سان گڏ هٿ جي هنر جو ڪم ۾ به سيکاريو ته جيئن هو اڳتي هلي وڏا آرٽسٽ ٿين، اهڙي طرح هڪ ننڍڙي نياڻي جڏهن پنهنجي هٿ جي هنر کي مان ڏنو ته ڏاڍي خوشي محسوس ٿي، مان ڳالهه کندس نياڻي عروسا حڪيم راڄپر جي جيڪا پارس پبلڪ اسڪول ڀنگوبهڻ جي ستين ڪلاس جي شاگردياڻي آهي، جنهن پنهنجي هٿ جو هنر سکيو ۽ پنهنجي پڙهائي به ڪندي رهي، ننڍڙي عروسا پنهنجي هٿن سان ٽڪ جي رلي ۾ سنڌ ڌرتي نقشو ۽ ڪهاڙي جو نشان سان اهو ثبوت ڏنو ته مان به هن ڌرتيءَ جي ڄائي آهيان، جنهن ان ڳالهه کي ظاهر ڪيو آهي ته سنڌ ۾ اڃا هٿ جو هنر جيئرو آهي، جڏهن ته ٻيون نياڻيون پڙهي ڪا ڊاڪٽري يا انجينئر ٿيڻ جون سوچينديو آهن پر عروسا حڪيم پنهنجي ذهانت کي آزمائيندي هٿ جي هنر کي هٿي ڏني، هونئن ته عروسا جو والد عبدالحڪيم راڄپر نهايت غريب خاندان سان تعلق رکي ٿو پر سندس پنهنجي نياڻي جي همٿ افزائي ڪري پڻ گهر ۾ هٿ جي هنر کان به نه روڪيو. مان سلام پيش ڪريان ٿو ننڍڙي عروسا کي جنهن اهو ٻين شاگردياڻين ۽ نياڻين کي به ٻڌايو ته هٿ جي هنر کي زنده رکڻ اسان جو فرض آهي.
شهزاد سليم راڄپر/ ڀنگوبهڻ
شاگرد سيات ضروري ڇو ٓآهي؟
اسان جي معاشري ۾ سياست کي ايترو ته خراب ڪري پيش ڪيو ويو آھي جو ھر ٻار جا والدين ۽ معاشرو کين سياست کان پري رھڻ جي تنبيهه ڪندو آهي ۽ سياست کان پاسو ڪرڻ تي سختي پڻ ڪري ٿو. انھن جو به انهن ۾ ڪو ڏوهه ناھي، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ شاگرد سياست کي ايترو ته خراب ۽ پرتشدد بڻايو ويو آهي جو اڄ جو معاشرو اڃان تائين سياست جي خلاف ڳالھائي رھيو آھي ۽ انھن ۾ ٿورو ڏوهه معاشري ۾ رھندڙ نظرن جو پڻ آھي. ڇاڪاڻ ته جتي ماضي ۾ شاگرد سياست ۾ ڪجھ ڌريون ڇڙواڳ رھيون آھن، ان جاءِ تي گھڻا بھترين سياسي ڪردار پڻ رھيا آھن، بھترين سياستدان اسان کي ھميشه شاگرد سياست ئي ڏنا آھن جن ۾ وڏي بشير خان جھڙا بھترين ڪردار سامھون آيا. ماضي جي سياست ۾ ايئين ٿيندو ھو ته جيڪو بيروزگار نوجوان ھوندو ھو اهو سياست کي روزگار سمجھي سياسي تنظيم جي آڙ ۾ ڏوھ ڪندو ھو، ان عمل سبب اسان جو معاشرو اڄ تائين سياسي سگھ کان محروم آھي. ان ڪري اڄ جي ماڻھن کي ماضي جي سياست تي نظر وجھي ۽ اڄ سياست ڏي پڻ نگاھ ڪرڻ گھرجي ته وقت به وقت اسان جو معاشرو تبديل ٿي رھيو آھي ۽ ھاڻ جي سياست ماضي جي سياست کان مڪمل الڳ بڻجي چڪي آھي، شاگرد جو سياسي نه ھجڻ تعليمي ادارن ۾ انھن لٽيرن کي ھٿي وٺرائي ٿو، جيڪي اسان جي سياسي نه ھجڻ جو فائدو وٺي غريب پورھيت طبقي کي ڦري رھيا آھن. اڳ جي ڀيٽ ۾ اڄ جو شاگرد مختلف سياسي ڪردارن، اديبن، دانشورن، تاريخدانن ۽ دنيا جي انقلابين کي پڙهي انهن مان اتساھ وٺي رھيو آھي، جيڪا اسان جي فتح آھي، ان ڳالھ جو مثال سنڌ يونورسٽي ۾ شاگرد سياست ڪندڙ شاگردن جو آھي جن مطالبن جي مڃتا لاءِ لاڳيتو پرامن جاکوڙ ڪري پنھنجا مطالبا مڃرايا ۽ سوڀ حاصل ڪئي. اچو ته ھاڻ نئون سماج جوڙڻ لاءِ شاگرد سياست کي مضبوط ڪريون ۽ معاشري کي تبديل ڪرڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪريون.
آزاد ارسلان خاصخيلي/بدين
ناري واسين جو ڊگري ڪاليج وارو خواب ڪڏهن ساڀيان ٿيندو؟
خيرپور ضلعو علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ زرعي حوالي سان تمام گهڻو زرخيز آهي، ماضيءَ ۾ هن ضلعي کي رياست جي حيثيت حاصل هئي. رياست جي حڪمران جو تعلق ٽالپر گهراڻي سان هو، ٽالپرن پنهنجي دور حڪومت ۾ علم ۽ ادب کي ترقي وٺرائڻ ۾ پنهنجي وسان ڪين گهٽايو. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ هن رياست جو 1954-55ع ۾ پاڪستان سان ڳانڍاپو ٿيو ۽ بعد ۾ هي رياست ضلعي ۾ تبديل ٿي وئي. خيرپور ضلعو 8 تعلقن تي ٻڌل آهي. هن ضلعي جو تعلقو نارو ايراضي جي لحاظ کان ٻين تعلقن کان وڏو آهي. سندس هيڊ ڪواٽر چونڊڪو شهر آهي. هي تعلقو قدرتي دولت سان مالا مال آهي پر تعليم جي لحاظ کان هي تعلقو ٻين تعلقن کان پوئتي پيل آهي. ٻين مڙني تعلقن ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ الڳ ڪاليج ٺهيل آهن پر هي واحد تعلقو آهي جتي نه ڇوڪرن ۽ نه وري ڇوڪرين لاءِ ڪاليج ٺهيل آهي. ناري جي عوام وقت به وقت ڊگري ڪاليج لاءِ تحريڪون هلايون پر انهن جو ڪو کڙ تيل ناهي نڪتو. ڪجهـ سال اڳ هن ڪاليج جي تعمير لاءِ سنڌ سرڪار اعليٰ آفيسرن تي جي هڪ ڪاميٽي جوڙي هئي ان ڪاميٽي حڪومت ڏانهن پنهنجون سفارشون پڻ موڪليون هيون پر اڃا تائين انهن تي ڪو عمل ناهي ٿيو. گذريل ڪجهه ڏينهن کان ناري جي عوام هڪ ڀيرو ٻيهر ڊگري ڪاليج لاءِ تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ ڏنو آهي، ان سلسلي ۾ سورهيه بادشاهه هاءِ اسڪول ۾ سول سوسائٽي، استادن ۽ وڪيلن جو ميڙاڪو پڻ ڪوٺاريو ويو. ميڙاڪي ۾ شامل سڀني ناري واسين سنڌ سرڪار کان پرزور مطالبو ڪيو ته خيرپور ضلعي جي 8 تعلقن مان نارو واحد تعلقو آهي جيڪو ڊگري ڪاليج جي سهولت کان وانجهيل آهي. روزاني “پنهنجي اخبار” وسيلي اسين خيرپور واسي جائز مطالبي جي حمايت ڪندي اعليٰ اختيارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ جي ٻين شهرن جيان چونڊڪي کي به جلد ڊگري ڪاليج جي سهولت ڏني وڃي.
عبدالستار کوکر/ڪنب