گلا، غيبت جا انسان ۽ سماج تي ناڪاري اثر!

اسان جي معاشري ۾ ڪيترائي اھڙا سماجي لاڙا آهن جن جا فرد ۽ سماج تي مجموعي طور اهم اثر پوندا آهن ۽ ان ئي موجب انسان جي سوچ، شخصيت، ڳالھائڻ نظر اچڻ شروع ٿي ويندو آهي، جنھن مان ڪجھ اھڙا ڀه اثر آھن جيڪي انسان جي روزمره جي زندگيءَ ۾ عام ٿي رھيا آھن ۽ اڪثر ماڻھن انھن جي ناڪاري اثرن کان واقف به آھن، جھڙوڪ، گلا، غيبت، چغلي، پرپٺ ڪنھن انسان لاءِ ناڪاري سوچ رکڻ يا ڳالھائڻ وغيره. اھڙا ناڪاري اثر نه رڳو ٻڌائڻ واري انسان تي پر ٻڌڻ واري انسان سان گڏ ھن سماج تي پڻ گھَرو اثر چڏين ٿا، جن جا ڪيترائي خراب نتيجا سامھون اچن ٿا. حقيقت ۾ جيڪو انسان پنھنجي ذاتي زندگيءَ ۾ ڪنھن به طرح پاڻ کي ڪنھن هاڪاري يا ڪارائتي مشق ۾ پاڻ کي مصروف رکڻ جي ڪوشش ناھي ڪندو ته ان جي دماغ ۾ فضول خيال گھمندا رهندا آهن، جيڪي اصل ۾ گھٽ ھجن ۽ انهن خيالن کي ڊگھو ڪري ناڪاري سناريو بڻائي ٻين تائين منتقل ڪرڻ شروع ڪندو آھي ۽ جڏھن ان انسان تائين اھا ڳالھ پھچائي ويندي آھي ته اھو انسان به بنا تصديق جي عمل ڪرڻ لڳندو آھي ۽ ٻڌل لفظ ان انسان کي ڊپريشن، پريشاني، سوچن، تڪليفن جو شڪار ڪري ڇڏيندو آھي پوءِ وري آھستي آھستي اھو ئي انسان ان عمل ٻڌڻ ۽ ڪرڻ جو عادي ٿي ويندو آهي. جيتوڻيڪ قرآن پاڪ جي سوره الحجرات جي آيت ۾ بيان آھي ته “ھڪ شخص جيڪو غيبت ڪري ٿو اھو پنھنجي مئل ڀاءُ جي گوشت کائڻ جي برابر  آهي” ان باوجود به اسان جي سماج ان خراب عمل کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، جيڪو سراسر خدا جي نافرماني آهي. گلا، غيبت، چغلي جا ته ڪيترائي اثر آھن جيڪي معاشري کي ھر ڏينھن تباھيءَ طرف وٺي وڃن ٿا جنھن مان ڪجهه اهم اثر هي آهن: ناڪاري گفتگو جو تيزيءَ سان وڌڻ، زهريلي ماحول جو پيدا ٿيڻ، اعتماد ۽ رشتن جي تباهي، برادرين جي مجموعي ماحول کي نقصان پهچائڻ، ذهني ۽ جذباتي صحت تي اثر، اڪيلائي ۽ اجنبي جو شڪار، تڪرار ۽ دشمني، ٽيم ورڪ جو ڪمزور ٿيڻ، ذاتي واڌ ويجهه تي ڌيان نه ڏيڻ، پيداوار تي اثر، سماجي جوڙجڪ جو خاتمو، بي بنياد افواھن سبب ڪنهن جي عزت ۽ موقعن کي نقصان پھچائڻ وغيره شامل آهن. هڪ وسيع مفهوم ۾ ته، گلا، غيبت، چغلي، ٻين جي باري ۾ صحيح ڄاڻ نه رکڻ ۽ وري اھا ٻين تائين منتقل ڪرڻ جو رواج ڪنهن سماج يا برادريءَ جي سماجي جوڙجڪ کي ڪمزور ڪرڻ سان گڏ هڪ ناڪاري روايت کي هٿي ڏئي ٿو، جيڪو اجتماعي ترقي ۽ اتحاد کي روڪي يا قطعي ختم ڪري سگهي ٿو. پر افسوس! اسان مان ڪيترائي ان تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش نٿا ڪريون. جيڪو به گلا، غيبت، چغلي ڪري ٿو يا ان ۾ شريڪ آھي، ان کي فوري طور چپ ڪرائڻ يا اهو هنڌ ڇڏي به سگهي ٿو، جتي اهو ڪم ڪيو پيو وڃي يا موضوع کي ڪنهن ٻئي طرف ڦيرايو وڃي جيئن اھڙن اثرن کان بچي سگهجي. اسين ھر روز پنھنجي ننڍن ننڍن عملن تي غور و فڪر ڪيون ۽  ناڪاري لاڙن وارين سوچن کي آھستي آھستي ختم ڪري سگھون ٿا جنھن ڪري نه رڳو اسين پنھنجن عادتن کي بدلائي سگھون ٿا پر ھڪ خوبصورت معاشري جي پڻ تخليق ڪري سگھون ٿا.

تانيه شاھجھان/قمبر علي خان

ميرپورخاص جو قيدي!

(حصو ٻيون)

ميرپور خاص جي شام ڏسي جناب دلدار بلوچ صاحب (چاچا سائين) جا هي اکر ياد پيا اچن:

ميرپورخاص جون شامون، اداس شامون زندگيءَ جون، نراس شامون، سارو جوڀن، ڪنهن بيوهه عورت جي ٻانهن جيان، جنهن ۾ هڪ به چوڙي نه هجي.

مون کي خبر ناهي ته هُنن ايترو هن شهر جي شامن کي اُداس ڇو لکيو آهي: “ڏکويل شامون، پراڻا رڪارڊ، پراڻون پينگھون ۽ تنهنجي ياد.” ياد رهي ته اسان جي گھرن ۾ پينگھي کان بنا ته گذارو ئي ڪونه ٿيندو آهي، منهنجو وڏو ڀاءُ سجاد علي ڇلگري جڏهن هڪ نازنين جي عشق ۾ ڦاٿو هو ته سموري سموري رات هيڊ فون ڪنن ۾ هڻي ويهي پراڻي پينگھي ۾ ويٺو لڏندو هو ۽ پراڻا رڪارڊ ٻڌندي روئيندي ان ڇوڪريءَ کي پيو ياد ڪندو هو پر ڪنهن به گھرجي جي وڏي کي اُن جي عشق جو خيال نه آيو ۽ نه ئي ڪنهن خادم ڇلگريءَ سان ئي ان موضوع تي ڳالهايو، اڄ ادو سجاد ته خوبصورت ٻارن جو پيءُ آهي پر اُها نازنين نازش اڃا به هُن جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آهي، جنهن جو مون کي به تمام گھڻو ڏُک آهي، سموري رات جاڳڻ کان پوءِ جڏهن صبح جو منهنجو موڀي عاشق ڀاءُ آرامي ٿيندو هو ته ڪنهن جو به گوڙ برداشت نه ڪندو هو، هر وقت ڪاوڙ ۾ رهندو هو پر هن جي ان ڪاوڙ جي پويان لڪيل عشق کي ڪنهن به نٿي سڃاتو، جنهن جو مون کي به هميشه افسوس رهندو. پيارو سجاد..!

ميرپورخاص جون شامون، آسمان تي اڏامندڙ پکين جا ٽولا، لهندڙ سج جي ڳاڙهاڻ، ڄڻ آسمان تي منهنجي جگر جو خون لڳل آهي، ان ۾ پيڙا ۽، توکي ماڻڻ کان پوءِ به، توکي نه ماڻڻ جو احساس، زهر جا ڍڪ، ڳوڙها، ٿڌا شاهه، سڏڪا، دل جي ڪربلا ۾، تنهنجي جدائيءَ جا مرثيه، ڳائي ڳائي، هاڻ جوڀن جو سج لهي چڪو آهي، توبن، تو سوا، مرپورخاص جون شامون، اداس شامون، زندگيءَ جون، نراس شامون….

آئون سوچيان پيو ته چاچا ديدار بلوچ صاحب جا ڪتاب “يادون، درد، وڇوڙا ۽ چميا چنڊ گلاب” جو ٻيو ڇاپو به اچڻ گھرجي ۽ ان مور ۽ دلير شاعر تي ميلا ٿيڻ گھرجن. هينئر PTI وارا قيدي پنهنجي کولين ۾ سج لٿي جي نماز ادا ڪري رهيا آهن، مون ڏاٽي جھڙي چنڊ کي تڪيندي ٻانهن جي آزاد ورزش مڪمل ڪئي آهي ۽ هن وقت منهنجو جسم پگھر ۾ شرابور آهي. زاهد گوپانگ ڪتاب “يادون، درد، وڇوڙا” جي سحر ۾ وڪوڙيل آهي، هُن کي هاڻ هي وارڊ کائي رهيو آهي، جنهن جو اظهار اڄ ڪندي هُن مون کي لکي چيو ته مون کي هتان شفٽ ڪراءِ، هن جون ڳالهيون ٻڌي ديدار صاحب جا هي اکر ذهن تي تري ٿا اچن:

“ڪيڏانهن ڪاهيان قافلو، چوڌاري چور،

مري ويا مور، باغن کي آ باهه لڳي.”

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل ميرپورخاص (25 مئي 2023)

احمدپور ۾ بيگناھه قتل ٿيل صحافي جا قاتل گرفتار ڪريو!

حق ۽ سچ جي راھ تي ھلندا رھنداسين، توھان جي بندوق کان منھنجي قلم جي طاقت وڌيڪ آھي، تڏھن ته خوف کان شھيد اصغر کنڊ کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو، ان مان اھو ثابت ٿئي ٿو ته اوھان خوف ۾ ورتل آھيو، شھيد اصغر کنڊ کي ھن شئير سان ڀيٽا پيش ڪيون ٿا:

رت ديس تنھنجي راھ ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وھي وڃي،

تنھنجو به قرض لھي وڃي منھنجو به نصيب ٺھي وڃي.

مرڻ ڪو مھڻو نه موت برحق آھي قلم ڌڻين کي هيسائڻ ۽ انھن کي حق ۽ سچ کان روڪڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر سچا صحافي ڪڏھن به سچ لکڻ کان پوئتي نه ھٽيا آھن ۽ نه ئي وري پوئتي ھٽندا، شھيد عزيز ميمڻ، شھيد اجي لال واڻي ۽ گذريل ڏينھن شھيد اصغر کنڊ جن شھادت جو جام ته پيتو پر حق ۽ سچ لکڻ کان پوئتي نه ھٽيا، حقيقت ۾ ڪالھ جڏھن خبر پئي احمدپور جو شھيد صحافي اصغر کنڊ کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو آهي حقيقت ۾ اڄ قلم ڌڻين ۾ بيچيني پکڙيل آهي ۽ حقيقت ۾ دلي صدمو به ڏاڍو پھتو آھي ۽ شھيد عزيز ميمڻ ۽ شھيد اجي لال واڻي ۽ احمد پور جي شھيد صحافي اصغر کنڊ جي شھادت کي ڏسي اڄ اسان جو روح تمام گھڻو زخمي ٿيو آهي. شھيد عزيز ميمڻ جو محرابپور شھر جي ٻاھران ڳودو شاخ مان لاش مليو ۽ جڏھن پوسٽ مارٽم ٿيڻ لاءِ محرابپور جي اسپتال ۾ ڪيو ويو ان وقت ڪو به قلم ڌڻي حق ۽ سچ ڳالھائڻ لاءِ تيار نه ھو ۽ جڏھن اسان کي خبر پئي ته ترت محرابپور پھتاسين ۽ اسپتال کان وٺي محرابپور ٿاڻي اڳيان رات جو 1:30 تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيوسين ڇو جو اھو اسان جي فرض ۾ شمار ھو ۽ ان وقت جي ايس ايڇ او ۽ ڊي ايس پي يقين ڏياريو ته 24 ڪلاڪن اندر شھيد عزيز ميمڻ جا قاتل گرفتار ڪنداسين پر اصلي قاتل اڄ تائين گرفتار نه ٿي سگھيا آھن ۽ شھيد اصغر کنڊ جي بيرحماڻي قتل جي باري ۾ به ساڳيا ئي سوال تري ٿا اچن، شھيد جي وارثن سان انصاف ٿيڻ گھرجي ۽ شھيد جا اصلي قاتل گرفتار ڪري انھن کي ڪيفر ڪرادار تائين پھچايو وڃي مختلف صحافي تنظيمن ۾ بيچيني پکڙيل آهي.

عبدالجبار چانگ/ ھنڱورجا

آزادي ڪيئن ملهائجي ۽ ڪهڙي تبديلي آڻجي؟‎

اسان اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ رهون ٿا. وطن عزيز پاڪستان 14 آگسٽ 1947ع تي هڪ ڊگهي جدوجهد ۽ جاکوڙ بعد آزاد ملڪن جي فهرست ۾ شامل ٿي وجود ۾ آيو. هن سال 14 آگسٽ تي پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کي 76 سال مڪمل ٿيندا. جيئن اسان کي ڌارين جي غلاميءَ کان وطن عزيز پاڪستان آزاد ٿي مليو آهي، تيئن اسان کي به وطن جي بنيادي حقن کي ديس جي ڏاڍن ماڻهن جي قبضي کان آزاد ڪرائڻ ۾ حوصلي ۽ همت سان ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اسان جا آئيني ۽ سماجي طور بنيادي حقن جا جيڪي مرڪز آهن، انهن تي ڪرپشن جهڙي سوچ جا حامي ماڻهو رڪاوٽ بڻيل آهن، انهن کي آئينو ڏيکارجي. مثال طور، تعليمي ادارا، صحت مرڪز، زمينن، آر او پلانٽس، معدنياتي کاڻين، ٻيلا، تفريح گاهه، تاريخي ماڳ، ثقافتي ۽ تهذيبي شين کي قبضي مان آزاد ڪرايون. جيستائين اسان انهن سماجي شين جي رکوالي ۽ پنهنجائپ نه ڪنداسون، تيستائين اهي ميرين اکين سان ڏسندا رهندا ۽ مقتدر طبقو هٿن سان ملڪ کي لُٽيندا رهندو ۽ اسان فقط آزادي جو نعرو ئي لڳائيندا رهنداسون. باقي ملڪ جي ترقي جي راهه ۽ خوشحالي ۾ ڪو فائدو نه ٿيندو ۽ نه ئي عالمي سطح تي پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهنداسون.

سجاد الرحمان سمون/ٿرپارڪر

آدمشماريءَ جو معاوضو جاري ٿيڻ ۾ ايتري دير ڇو؟

2017ع ۾ جڏهن مينوئل آدمشماري شروع ٿي هئي ته شروع کان وٺي آخر تائين تمام بھتر طريقي سان ڪم پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو هو. شروعات ۾ سڀني استاد صاحبان کي ٽريننگ ڪرائي وئي ۽ ان جو معاوضو فورن وصول ڪيوسين. صبح جو سوير ستين وڳي اسان ڪاليج ۾ گڏ ٿيندا ھئاسيـن، اتي سڀني جي حاضري لڳندي ھئي ۽ ان کان پوءِ سڀ استاد گاڏين ۾ سوار ٿي پنهنجي پنهنجي بلاڪ اندر پھچي ڪم ۾ مصروف ٿي ويندا ھئا ۽ شام جو چئين وڳي ڌاري بلاڪن کان واپسي ڪري رزلٽ جمع ٿيندي ھئي. پھريان 3 ڏينهن لسٽنگ جا ۽ 12 ڏينهن انيومريشن جا ھئا. مئي مھيني جي سخت کان سخت گرميءَ ۽ استاد پنهنجي ڪم کي بخوبي سٺي نموني سان نڀائيندا رھيا ۽ ايئن آدمشماري جو ھڪ مھيني جو ڪم پنهنجي بهتر پڄاڻيءَ تي پهتو ۽ ڪجهه ڏينهن اندر سڀني استاد صاحبان کي پنهنجو معاوضو به ملي ويو. جڏهن 2023ع ۾ سوشل ميڊيا تي پاڪستان جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ڊجيٽل آدمشماري جو ٻڌوسين ته ڏاڍي دلي خوشي محسوس ٿي پر اھا خبر نه ھئي ته مزدور کي پنهنجي مزوري پگهر سڪڻ کان اڳ ۾ ادا ڪئي ويندي پر بدقسمتيءَ سان ايئن نه ٿي سگهيو. صبح جا اٺ ۽ شام جا پنج ٿيندا ھئا ته فيلڊ تان واپسي ٿيندي ھئي ۽ ٽيبليٽ تي پھريون ڀيرو ڪم ۾ سولائيءَ سان ٿي ويو ۽ ان ڪم ۾ مزو به آيو. ڪم ڏينھون ڏينهن وڌندو رھيو ۽ 2 کان 3 مھينن تائين ھلندو رھيو. نيٺ ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ڪم کي پورو ٿيڻو ھو. اسان کي اڌ معاوضو ادا ڪيو ويو باقي اڌ پئسا اڃان تائين ادا نه ڪيا ويا آهن ۽ 5 مھينا گذري چڪا آهن. آدمشماري جو سمورو مٽيريل پڻ پي بي ايس وارن وٽ جمع ٿيل آهي. آخر ڪھڙو سبب آهي جو بقايا جي رقم اڄ تائين اسان کي نه ملي سگهي آهي. ھڪ استاد جي حيثيت سان اھو چوندس ته استادن کي پنهنجي ڪيل ڪم جو پورو پورو ۽ بروقت معاوضو ادا ڪري سندن منجهان وڌندڙ بيچيني ختم ڪئي وڃي. معاوضو استادن جو حق آهي ۽ ان حق کان اسان کي محروم نه رکيو وڃي. پي بي ايس اداري کي ملازمن جو ٿورو احساس ھجڻ گهرجي.

آفتاب احمد راھو/ قاضي احمد

انساني سماج ۽ برداشت!

(حصو پهريون)

ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ هي انساني سماج ۾ نفرتن جو وڌڻ ۽ برداشت جو ختم ٿيڻ جا آخر سبب ڪهڙا آھن جو هي سڀ ڪجهه تيزيءَ سان تبديل پيو ٿئي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇو ۽ ڪيئن؟ ته ان جو پهريون سولو منطق اهو آھي ته پوري دنيا ۾ تيزيءَ سان انساني معاشري ۾ ايندڙ تبديلي ۽ ڇڙواڳي ان جو پهريون دليل آھي، جنهن جا اثر انساني رشتن ۽ لاڳاپين تي پون ٿا، جيڪي هاڪاري ناهن پر اهي ناڪاري آھن. هن ترقي يافتا معاشرن کان ويندي ترقي پذير معاشرن کان ملڪن تائين ورتل جائزي ۾ سنهون نتيجو اهو بيٺو آھي ته انساني يا معاشرتي قدر ۽ رشتا ترقي يافتا معاشرن يا سماجن ۾ گهٽيا آھن، چوڻ وار ته اهو به چون ٿا ته اسان جي سماجن ۾ جتي ٻڌو ويو آھي ته هي حلقا معاشري ۾ ترقي  ڪري پئسا ڪمائي ويا آھن ۽ پئسن ذريعي دنيا جي هر آسائش هنن کي ملي رهي آھي ۽ دولت ۽ سهولتن جي بنياد تي بانور ڪندڙ معاشرا چون ٿا ته اسان رشتن تي يقين ڪو نه ڪندا آھيون، اسان مارڪيٽ جي ٻوليءَ کي سڃاڻون! مارڪيٽ جو اگھ هنن جي مجبوري ناهي هوندو، هو ان جا عادي هوندا آھن، جنهن ڪري دولت ۽ اختيار تي ناز ڪندڙ معاشرا پنهنجا انساني قدر ۽ پنهنجائپ وارو احساس وڃائي ويهي رهندا آھن ۽ پاڻ کي ترقي يافتا  سمجهندي پوئتي ورائي ڏسڻ جي مهلت کان به انهن روين ڪري وساري ويهندا آھن، ان بنياد تي اتي انهن معاشرن ۾ رشتا نه پر هڪ ڪلاس، ٻي ڪلاس کي گهٽ سمجهڻ ڪري انڌو ٿي ويهندو آھي، جنهن سبب نفرت جو طوفان تيزيءَ سان جنم وٺي اڳتي وڌي ٿو. ان نفرت جي نگاھ يا نفرتي رويو هجڻ سسب سڀ کان پهريان ناپسنديدگي سامهون اچي ٿي ۽ ان ناپسنديدگيءَ جي ڪري دوستي ۽ رشتن ۾ ويڇا وڌن ٿا ۽ اهي ويڇا نفرت جي اظھار جو کليل دليل هوندا آھن ۽ ان دليل سبب ٻئي هنڌ يعني سامهون واري تعلقدار جنهن کي توهان ناپسند ڪريو ٿا اهو به انساني ناتي هجڻ سبب پنهنجو نفسياتي احساس ڪندي اڳتي ڪو نه وڌنڌو ۽ هو به ان Ignorance Attitude سبب اوهان کان دوري اختيار ڪندو. جنهن جي ڪري اڳتي هلي اوهان اهو رشتو، تعلق، دوستي ۽ مٽي مائٽي وڃائي ويهو ٿا. هوڏانهن رپورٽن موجب جڏهن ماڻھون پاڻ کي ترقي يافتا سمجهندي پاڻ کي ڪنهن درجابندي جي آڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته پنهنجو پاڻ سامهون وارا رشتا اوهان کان ٽٽڻ جو رستو اختيار ڪندا.(جاري).

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

وڻن تي ڪهاڙيون ڄڻ ته منهنجي سيني تي ڪهاڙيون!‎

اڃا ٻوٽا ته لڳايا ئي ڪو نه هئم جو مٿان ڪڪر ڇانو بڻجي پيو هو. پکي پکڻ ڪنڌ نمائي اچي منهنجي ڀرسان ويٺا هئا ۽ پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا ته جڏهن هي ٻوٽا وڌي وڻ ٿيندا ته پاڻ ان ۾ آکيرا ٺاهي ڪجهه پل سڪون جا گهارينداسين ۽ مٺيون ٻوليون ۽ لاتيون لنونداسين. تيستائين چوپائي مال جي چڙن جو آواز ٻڌم، منهنجي ويجهو اچي بيهي رهيا ڄڻ چوندا هجن ته هي وڻ جڏهن وڏا ٿيندا ته اسان جهنگ ۾ چري نٽھڻ اس ۾ ٿڪ اچي هتي ڀڃنداسين. ان کان پوءِ ڌنارن جو هڪ ٽولو اچي مون سان مليو جن منهنجي وڻ لڳائڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. ڪنهن کڏو کنيو ڪنهن پاڻي ڀريو ته ڪنهن وري وڻ جي بچاءَ لاءِ ڍنگهرن جو بندوبست ڪيو. مون کي چيائون هي وڻ جڏهن وڏا ٿيندا ته اسان مانجهاندو اچي هنن وڻن جي هيٺان ڪنداسين، سر ۽ سنگيت جا ساز ڇيڙينداسين. سندن چھرن تي خوشي ڏسڻ وٽان هئي. وڻ لڳائي پنهنجن پنهنجن ڪمن ۾ جنبي وياسين. ڪجهه وقت کان پوءِ هي ننڍڙا ٻوٽا وڌي وڻ ٿي ويا. پکين اچي پنهنجا آکيرا اڏيا هئا، ٽاڪ منجهند جو چوپايو مالو اچي اتي ٿڪ ڀڃندو هو، موڪل واري ڏينهن آئون به ڪجهه گهڙيون ڪڍي وڻن هيٺان اچي ويهندو هئس. ڇا ته ڌنارن جي بانسرين جا دلفريب آواز هئا، من کي پيا سرور بخشيندا هئا، وڻن جي ڇانو، پکين جون مٺڙيون لاتيون ۽ ڌنارن جي ياد ماضيءَ جا قصا ڇا ته ڏينهن هئا، ۽ پوءِ هڪ ڏينهن ايئن ٿيو جو پکي ڦٿڪي اچي زمين تي ڪريا، چوپائي مال جي چڙن جي آواز بدران رڙيون منهنجي ڪنن سان ٽڪرايون ۽ ڌنارن جي اکڙين ۾ لهي آيل ڳوڙھن پي ٻڌايو ته زمين کي ٽريڪٽر هڻي ۽ وڻن کي ڪهاڙين سان وڍيو ويو آھي. تنهن وقت محسوس ڪيم ته ڪنهن ماڻھو منهنجي جسم مٿان بلڊورز هلائي ۽ منهنجي سيني ۾ ڪهاڙين جا وار ڪري ڇڏيا آهن ۽ رت ٽمي رهيو آھي، پکي پکڻ، جانور ۽ ڌنار نٽھڻ اس ۾ پنهنجي بيوسيءَ تي ڳوڙھا ڳاڙھي رهيا هئا. ادل سومرو به اداس هو جنهن پي ڳايو ته:

ڪهاڙين وڌو اچي وڻن ۾ ماتم،

لوڀي هي آدم، اجاڙي ٿو سونهن کي.

غلام علي گل ٻجورو/ سجاول

پٽيءَ جي آبادگارن سان زيادتيون بند ڪيو!

راڻيپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڦٽي جو فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿي ويو آهي، ڦٽي جو مناسب اگھه آبادگارن کي نه پيو ملي، ڦٽي جو سرڪاري اگھ 8500 رپيا مقرر ته ڪيو ويو آھي پر ان تي عمل نه ٿي رهيو آھي، واپارين ڪارخانيدارن ڦٽي جو ھٿرادو 5000 کان 6000 هزار في مڻ مقرر ڪري ڇڏيو آھي ۽ في مڻ تي 5 کان 6 ڪلو ڪنتو پڻ ھڻي رھيا آھن، جيڪا ھارين نارين ۽ آبادگارن سان سراسر ظلم ۽ زيادتي آھي، لاڳاپيل ادارا خاموش تماشائي بڻيل آھن، ڪارخانيدار ۽ واپاري ھارين کي ٻنھي ھٿن سان ڦري لٽي رھيا آھن، واسطيدار ادارن جي نااھليءَ سبب ھارين جو معاشي قتلام ٿي رھيو آھي، گذريل سال برساتن سبب سندن فصل، گھر، مال، سميت سڀ ڪجھ تباھ ٿي ويو، سندن حڪومت ڪا به سار سنڀال نه لڌي ھئي، ھن سال حڪومت کي گھٽ ۾ گھٽ ڦٽي جو اگھ 10000 ڏھه ھزار  رپيا في مڻ ڪرڻ گھرجي ھا، جڏھن ته ھارين جي سڄي سال جو گذارو انھي پوک تي ھوندو آھي، غمي، شادي، مرڻو پرڻو سڀ اميدون ۽ آسرا انھيءَ پوک تي ھوندا آھن، سڄو سال زميدار ۽ سيٺن کان انھيءَ فصل جي آسري قرض پکو کڻي گھر جو چرخو هلايو ويندو آھي، سڄو سال محنت مزدوري ڪري ٻارن ٻچن سميت لوڙي لوچي نانگ بلائون لتاڙي گرمي سردي، تتي ٿڌي تڪليفون ۽ ڪشالا ڪاٽي فصل تيار ڪري ٿو، مارڪيٽ ۾ آڻي ٿو پر ھتي ان کي مناسب اگھه نٿو ملي ته سندس سور ٻيڻن ٽيڻان ٿي وڃن ٿا. ھتي سڀ ادارا مھا ڪرپٽ ماڻھن جي ھٿ وس آھن سڀ سور تڪليفون ۽ اھنج عوام جو مقدر بڻيل آھن، ڪارخانيدارن ۽ واپارين کي لاڳاپيل ادارن پاران کليل ڇوٽ مليل آھي، تڏھن ته سرعام آبادگارن کي ٻنھي ھٿن سان ڦري لٽي رھيا آھن. اسان جي “پنھنجي اخبار” جي لکڻيءَ ذريعي واسطيدار ڌرين کي اپيل آھي ته ڦٽيءَ جي سرڪاري اگھه تي عمل ڪرائي في مڻ تي ڪنتو ڪٽڻ بند ڪرايو وڃي ۽ ھارين جو معاشي قتلام بند ڪيو وڃي.

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

ڪاڇي جا روڊ رستا ڪڏهن بحال ٿيندا؟‎

ڪاڇي جا روڊ مڪمل بند آهن، ڪاڇو شايد بلوچستان جي حد ۾ آهي ان جي ڪري ته دادو ضلعي انتظاميا ۽ ڊي سي دادو ۽ چونڊيل نمائندا ڪاڇي کان لاتعلق بڻيل آھن، عوام ذليل ۽ خوار ٿي رهيو آهي پر هن وقت تائين ڪاڇي جو ڪو وڏڙو سردار، ڪنگ عوام جي سامهون ناهي آيو، ته همدري طور ڪاڇي ۾ برسات کان پوءِ مختلف بيمارين ڪر کنيون آهي، گيسٽرو، مليريا، مڇرن جو آزار وڌيل آهي پر سائين سرڪار پنهنجي بنگلن تائين محدود آهن، واهي پانڌي-گورک هل اسٽيشن، ٽنڊو رحيم خان ڳوٺ پريو جمالي سميت ڪيترن ئي ڳوٺن شهرن جو جوهي دادو سان زميني رابطو ڪٽيل آهي، علائقي ۾ کاد خوراڪ جي پيدا ٿي وئي آهي، علائقي واسي سخت پريشان آهن، تڪ جا چونڊيل نمائندا غائب آهن، واهي پانڌي روڊ بحال نه ٿيڻ خلاف علائقي واسين پاران ڇني پل تي احتجاجي ڪئمپ لڳائي مظاهرو ڪيو پيو وڃي، احتجاجي ڪئمپ تي ويٺل اڳواڻن موجب نيئن گاج ۽ ٻين نئين جي وهڪرن جي ڪري واهي پانڌي گورک هل اسٽيشن جوهي روڊ گذريل هڪ مهيني کان شهرن کان ڪٽيل آهي، جنهن جي ڪري ڪاڇي جا هزارين ماڻهو اچ وڃ لاءِ دربدر ٿيل آهن ۽ متاثر ڳوٺن جي رهواسين جي شهرن تائين رسائي تمام ڏکي بڻيل آهن پر سرڪار سميت تيل ۽ گئس ڪمپني مڪمل طور رستو بحال ڪرڻ کان لاتعلق بڻيل آهي. اسان سنڌ سرڪار سميت پولش آئل اينڊ گئس جي انتظاميا سميت سڀني وس وارن کان گهر ٿا ڪريون ته جلد کان جلد واهي پانڌي جوهي روڊ بحال ڪري ڪاڇي واسين جو اهم مسئلو حل ڪرايو وڃي.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو