محرم واپس وريو، سنگرار جي پريا ڪماري ڪٿي آھي؟

حصو ٻيون

سنڌ مان ڪو ٻارڙو يا ٻارڙي اغوا ٿئي ٿي ته ان لاءِ قانون صرف ڪاغذي فائلن تائين وڃي محدود رھي ٿو پر ان جاءِ تي جيڪڏھن ملڪ جي ٻين صوبن مان ڪو ٻار يا ٻارڙي اغوا ٿين ٿا ته اسيمبلين ۾ ويٺلن وزيرن، مشيرن سميت طاقتورن ڌرين جون به اکيون کلي وڃن ٿيون ۽ چند ھفتن يا مهينن ۾ اھو ڪيس حل ڪري جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي کين کي سزا ڏني وڃي ٿي. خاص ڪري سنڌ ۾ اقليتن سان گهڻي عرصي کان ڏاڍ، جبر، ظلم ۽ بربريت وارو رويو جاري آھي جنهن ۾ ھنن جي روزگار جي دڪانن تان منٿلين سميت سندن ٻار زبردستي اغو ڪري انهن کان ڪوڙيون شاديون رچايون وڃن ٿيون، اھڙي صورتحال پيدا ڪري انهن کي سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. جڏھن ته سنڌ جا اصل وارث ۽ مالڪ سنڌي ھندو آھن ۽ انهن سان پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي فلسطينين وارو حشر ڪيو وڃي ٿو، پتڪڙي پريا ڪماري ۽ سندس والد راجو مل جو ڏوھ صرف اھو ھو ته ھو مذھبي رواداري کي برقرار رکندي حسين عه ۽ سندس جانثارن جي غم ۾ ماتمي عزادارن کي سبيل پياري رھيو ھو ۽ جنهن جي انهن کي اھڙي سزا ڏني وئي جو سندن جي جگر جو ٽڪرو ٻچو اغوا ڪري کڻي ويا، ٻه سال پورا ٿي ويا ۽ پتڪڙي پريا ڪماري جي گهر ۾ تڏو وڇايل آھي، جيڪو اڃا تائين ناھي کنيو ويو، قانون جي رکوالن کان شايد پتڪڙي پريا ڪماري وسري وئي آھي، تڏھن ئي ته انهن کي اھو خاموش احتجاج نظر ئي نٿو اچي پر جيئن حضرت امام حسين عليه السلام جي ڏنل قرباني کي وساري نٿو سگهجي ۽ سندن ڏنل قرباني بيان ڪري يزيد ۽ سندس ساٿارين تي لعنتون وڌنديون وينديون آھن، اھڙي ريت سنڌ جي نياڻي پتڪڙي پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ سنڌ ھر وقت گهر ڪندي رھندي ۽ وقت جي يزيد کان پڻ اھا گهر ڪندي ته اي اغوا ڪندڙ يزيد ۽ شمر! پتڪڙي پريا ڪماري کي آزاد ڪري سندن والدين حوالي ڪر، پتڪڙي پريا ڪماري جا عزيز ڪوما واري حالت ۾ اڄ به تڏي تي ويٺا آھن ۽ انهن جون اکيون، آسون انهن راھن ۾ آھن ته اغوا ڪندڙ يزيد ۽ شمر ڪڏھن ٿو پريا کي آزاد ڪري گهر موڪلي.(جاري)

عامر خان مهيسر/ڪراچي

مون سون جون برساتون، سورجاڻي بند ۽ درد!‎

گل! مينهوڳي جي مند ۾ اسان جا نيڻ به الائي ڇو ڪڪرن جيان وسي پوندا آھن، برسات رب جي رحمت آھي ۽ برسات مان اهي ماڻھو لطف اندوز ٿيندا آھن جن جا گهر پڪا ۽ روزگار وارا هوندا آھن پر اسان جا “آڻين ۽ چاڙھين” وارا والدين اسان ڀلا ڪهڙو لطف اندوز ٿيندا هونداسين؟ گل! برسات جي ڏينهن ۾ اميرن جي گهرن ۾ لذيذ طعامن جي ايندڙ خوشبو ۽ هيڏانهن وري اسان غريب ماڻھو صرف اٽي لاءِ به پريشان هوندا آھيون. گل، وسندڙ مينهن جو صرف انهن کي احساس ٿيندو آھي جن جا گهر ڪچا ۽ دليون نازڪ هونديون آھن. گل، اٽو، لٽو ۽ اجهو اسان ماڻھن لاءِ ڄڻ هڪ خواب بڻيل آھي، اسان جي ڪکائن گهرن مان ٽمندڙ برسات ۽ اسان جي پسيل جسمن جو درد صرف اهو ڄاڻي سگهي ٿو جنهن غربت جا ڏينهن گهاريا هجن پر ٿڌن ڪمرن ۾ سمهندڙ ۽ فاسٽ فوڊ کائي وڏيون اوڳرايون ڏئي ٽھڪ ڏيندڙن کي ڀلا ڪهڙي خبر ته ٽٽل ڀونگن ۽ بکن ۾ باهه ٿيندڙ وجودن جو درد ڇا هوندو آھي! گل، وقت ڏکيو سکيو گذري ٿو وڃي پر درياهه بادشاھ جڏهن موجن ۾ هوندو آھي ته هانءُ ڏڪي ويندو آھي. 2010ع ۾ سورجاڻي بچاءَ بند وٽان لڳل گهاري جڏهن بي گهر ڪري مڪلي بدر ڪيو هو تڏوهڪا دربدري وارا سور ساري جيءُ جهري پوندو آھي. گل! هي پهريون چڪر ناهي جو سورجاڻي بچاءُ بند وارو خطرو هجي، اسان ٻڌندا پيا اچون ته 1988ع واري ٻوڏ، 1994ع وارو سيلاب، 2010ع واري ٻوڏ ۽ 2015ع وارو سيلاب جنهن سڄو ڪچو ٻوڙيو هو ۽ اسان جو ساھ مٺ ۾ هو ۽ هينئر وري درياهه بادشاهه جون موجون، مٿان مون سون جون برساتون ۽ ڪمزور سورجاڻي بند، جنهن تي آبپاشي کاتي جي ڪا نظر نٿي پوي. آخر ڇو ٻوڏون ۽ سوڪهڙا اسان سجاول ضلعي وارن جو مقدر بڻيل آھن؟ گل، ڪو ته ڪمزور بچاءُ بندن خلاف آواز اٿاري؟ گل پنهنجا ڪکاوان گهر ئي سهي، اسان بکن تي ئي سهي پر ٻوڏ جي ڪري دربدريءَ وارا ڌڪا جيءُ جهوري ٿا ڇڏين..گل! سانوڻ جي برسات ۾ ڪڏهن ڪڏهن من ڪندو آھي ته اندر جا سڀ غم وساري برسات ۾ لطف اندوز ٿجي پر وري احمد فراز جو شعر چپن تي تري ايندو آھي ته:

بارشوں سے تیری دوستی اچھی نهیں فراز،

کچا ہے مکان تیرا، کچھ تو خیال کر۔

فقط تنهنجي دوست.

غلام علي گل ٻجورو/ سجاول

ڇا پنجاب جي 112 ماڻهن جا ڪيس سنڌ جي لکين برسات متاثرن کان وڌيڪ آهن؟

شايد جيتريون ٻڌڻيون پنجاب سان تعلق رکندڙ 112 ماڻهن جي حقن لاءِ ٿيون آهن، ان جي اڌ حصي جيتريون به سنڌ جي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي حقن لاءِ ٿين ها ته اڄ 2022ع جا ٻوڏ متاثر 2023 جي برساتن ۾ کلي آسمان هيٺ ويٺل نه هجن ها. 2022ع جي برساتن دوران بي گهر ٿيل ماڻهن کي هڪ سال گذري ويو پر انهن کي وفاق ۽ سنڌ حڪومتن طرفان اعلانيل گهر يا رقم نه ملي آهي، گذريل سال برساتن دوران ان وقت جي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، سنڌ جي برسات متاثر علائقن جا دورا ڪري اعلان ڪيو هو ته متاثرن کي گهر ٺاهي ڏنا ويندا، فوج طرفان سروي به ڪئي وئي هئي پر هن وقت تائين اهي گهر نه ٺهي سگهيا. ان وقت جو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه رٽائر ٿي ويو، هاڻ وري سنڌ حڪومت جو به مدو ختم ٿيڻ وارو آهي پر اڃا تائين ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺاهي ڏيڻ واري اعلان تي عمل ناهي ٿيو. چيو پيو وڃي ته سنڌ اسيمبلي 8 آگسٽ تي ٽٽي ويندي ۽ نگران حڪومت ايندي، برسات متاثرن جي گهرن جي تعمير وارو منصوبو وري ٻي حڪومت اچڻ تائين رولڙي جو شڪار رهندو، وري نئين حڪومت ايندي ۽ فنڊ نه هجڻ جا جواز ڄائيندي، 9 مئي 2023ع جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتارين بعد فوجي تحويل ۾ 112 ماڻهن جي بنيادي حقن تي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي جاري آهي، انهن ٻڌڻين دوران چيف جسٽس آف پاڪستان به ريمارڪس انساني بنيادي حقن تي ڏنا هئا، چيف جسٽس چيو ته اسان انساني حقن جا محافظ آهيون وغيره، منهنجو سوال اهو آهي ته ڇا سنڌ ملڪ جو حصو ناهي؟ جيڪڏهن آهي ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال هڪ سال کان برساتن دوران بي گهر ٿيل هزارين ماڻهن جي حقن تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇو انهن کي حق ناهن ڏياريا؟ سپريم ڪورٽ کي حڪومت کان اهو پڇاڻون ڪرڻ گهرجي ها ته 2022ع جي برسات متاثرن لاءِ ٻاهرين ملڪن کان ڪيتري رقم ملي ۽ ڪهڙن ضلعن ۾ ڪيتري رقم ورهائي وئي؟ سپريم ڪورٽ کي حڪومت کان اهو به پڇاڻو ڪرڻ گهرجي ته هڪ سال کان ڇو برسات متاثرن کي اعلانيل رقم نه ملي آهي؟ سپريم ڪورٽ اڃا به نوٽيس وٺي سنڌ جي بي گهر ٿيل متاثرن کي سال انصاف ڏياري سگھي ٿي ۽ حڪومت کي نگران حڪومت اچڻ کان اڳ فوجي نگراني ۾ ٿيل سروي جي حقيقي متاثرن کي اعلانيل رقم ڏيڻ جو حڪم ڏئي سگھي ٿي.

فضل ابڙو/ڪراچي

مذھب تبديلي زبردستي نه محبت آھي!‎

ھر روز اخبارن، سوشل ميڊيا ۽ ٽي وي چينلن تي ھڪ نه پر ڪيترائي مذھب تبديليءَ جا واقعا ڏسون ٿا، ڇا اھو زبردستي ۾ ڪن ٿا؟ پنهنجو مذھب اھو ڪيئن ٿا ڇڏي سگھن، اھي سوال پوءِ ڪجهه ماڻھن کي الڳ الڳ رستن تي وٺي ويندا آھن. جيترا ماڻهو اوتريون ڳالهيون. اڄ ڪلهه مذھب تبديل ڪرڻ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ جيڪو آھي اھا محبت آھي، محبت ۾ انسان پنھنجيون زندگيون ختم ڪري ڇڏيندا آھن، آپگھات جو رستو اختيار ڪندا آھن، مذھب تبديلي انھن لاءِ ڪھڙي وڏي شيءِ آھي. نوجوانن کي محبت ڪرڻ جو پورو حق آھي، ڪنھن ملڪ جي قانون ۾ اھو لکليل ناھي ته پنهنجي مذھب کي ڇڏي محبت نٿا ڪري سگھو! ماڻهو صحيح چوندا آھن ته محبت انڌي ھوندي آھي، اها ڪنهن سان به ٿي سگھي ٿي. محبت جو مذھب سان ڪھڙو واسطو!؟ گذريل ڏينھن جي ڳالهه ڪيون ٿا ننگرپارڪر جي ھڪ ڳوٺ ڪاسبو ۾ نوجوان جئه ڪمار ولد ڪانجي ميگھواڙ اسلام قبول ڪري مسلم نياڻي رخسانا سولنگي سان نڪاح ڪري ڇڏيو آھي. ھاڻ ساڳئي جڳهه تي ھينئر ھندو ڇوڪري مذھب تبديل ڪري ھا ته مذھب جا ٺيڪيدار سوشل ميڊيا تي باھ ٻاري ڇڏين ھا پر ھي ھڪ ڇوڪرو ھو، جنھن مذھب تبديل ڪيو، ھو انھي ڪري اسان جا ٺيڪيدار خاموش ھئا. ھاڻ ڪنهن به سوال نه پي ڪيا ته ھن زبردستي ۾ مذھب تبديل ڇو ڪيو؟ ڇو جو ان پنهنجي محبت جي ڪري پنهنجي مذھب کي ڇڏڻ صحيح سمجھيو، انڊين فلم جو ھڪ مشهور گانو ھو ته (محبت عبادت محبت ھي پوجا محبت سي بڙه ڪر نهين ڌرم دوجا) بلڪل سچ ھو ته محبت کان وڏو ڪو به وڏو ڌرم ناھي، جڏھن محبت ٿيندي آھي ته اھو نه ڏسندي آھي ته محبوب جو مذھب ڪھڙو آھي! عاشقن جا  حوصلا حماليا کان به اوچا ٿي ويندا آھن، پنهنجي حياتي جي فڪر ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آھن، پنهنجي محبوب کي پنھنجو ھمسفر بڻائڻ لاءِ ھو دنيا جي ھر ڏکيائيءَ کي پار ڪندا آھن ۽ مذھب به تبديل ڪري ڇڏيندا آھن. اھو ڪنهن به قسم جي زبردستي نه ھوندي آھي، اھي پنھنجي خوشي سان پنهنجو مذھب تبديل ڪندا آھن.

جيتيش گوسوامي/چيلھار

هڪ چٺي هيلٿ ڊپارٽمينٽ ٿرپارڪر ڏانهن!

تعلقي ڪلوئي جي ڳوٺ کوهي مورا، ڳوٺ نڀڙوڪر مورا، ڳوٺ ويسرياٻھ سميجا، ڳوٺ ليواري مورا، ڳوٺ ٻانڌو مورا، ڳوٺ لڳڊيو مورا، ڳوٺ ڇڇيءَ مورا، ڳوٺ ست سڙو سومرا ۽ همنپوٽا ۽ ٻين مختلف ڳوٺن ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو مليريا جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، چوماسي جي برسات وسڻ کان پوءِ ٿر جي مختلف ڳوٺن ۾ مڇرن جو آزار گذريل ٽن مهينن کان وڌي ويو آهي، ڀرپاسي جي ڳوٺن جا ماڻهو مليريا ۽ ڊائريا جي بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن، جڏهن ته ضلعي انتظاميا مڇرمار اسپري ڪرڻ کان نابري واري ڇڏي آهي، جنهن سبب ٿر ۾ مليريا بيماري ڪر کنيو آهي. ميڊيا جي نشاندهي کان پوءِ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته ٿرپارڪر جي مليريا کاتي جي عملدارن ٿرپارڪر جي ڪنهن به ڳوٺن ۾ مڇرمار اسپري نه ڪرايو آهي، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو مليريا جي بيماري ۾ وٺجي ويا آهن. ياد رهي ته مڇر هڪ اهڙو خطرناڪ جيت آهي جنهن مان ڊينگي وائرس يا ڪانگهو وائرس به ٿي سگهي ٿو، جنهن جو علاج انتهائي ڏکيائيءَ سان ٿئي ٿو، جيڪڏهن مڇرن جي اهڙي صورتحال رهي ۽ اسپري نه ٿيو ته اهڙيون ٻيون به ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺنديون. اسين هن چٺي وسيلي سڀني ڳوٺن جا رهواسي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ۽ هيلٿ ڊپارٽمينٽ ٿرپارڪر مٺي کي پرزو اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي ڳوٺن ۾ مڇرمار اسپري ڪرايو وڃي جيئن مڇرن جو خاتمو ٿي سگهي.

صوفي محمد حسن نهڙيو/ٿرپارڪر‎

سنڌ حڪومت SEF ۽ IBA جي اسڪالرشپ ۾ سرڪاري اسڪولن سان انصاف ڪري!

تعليم جي حوالي سان دنيا جي ملڪن تي نظر وجھبي ته هر سال انهن جو لٽريسي ريٽ وڌندڙ آهي يا تعليم لاءِ بهترين قدم کنيا ويندا آهن، تعجب جي ڳالهه ته بنگلاديش ۽ افغانستان به اسان کان لٽريسي ريٽ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، هندستان ته گهڻو اڳتي آهي، پاڪستان ۾ خاص ڪري سنڌ جي ڳالهه ڪريون ته هتي تعليم جا طبقا ٺهيل آهن، وڏن ۽ امير ماڻهن لاءِ مهانگا اسڪول آهن، جتي غريب يا وچولو طبقو پنهنجا ٻار پڙهائي نه سگهندو، غريبن ۽ پورهيتن لاءِ سرڪاري اسڪول آهن جن جي حالت خراب آهي هر حڪومت تجربا ڪندي آهي، انهن جي رزلٽ مطمئن ڪندڙ نه آهي. هتي تعليم تي اربين رپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا پر اهي گهڻي قدر راشي ڪامورن جي حوالي ٿي وڃن ٿا. تعليم کاتي ۽ ٽريزري آفيسن ۾ انتهائي درجي جي ڪرپشن آهي. اٽڪل 20 سيڪڙو آفيسر بهتر ڪم ڪن ٿا، سنڌ ۾ سيف جي ماتحت آءِ بي اي اسڪولن ۾ اسڪالر تي هر سال ڪيترائي سرڪاري اسڪولن جا شاگرد ڪامياب ٿي ڪواليٽي ايجوڪيشن حاصل ڪندا آهن، هن ڀيري 4 جون 2023ع تي سکر سميت ٻين سينٽرن تي امتحان ورتو ويو، جتي سخت گرمي ۽ بهتر انتظام نه هجڻ سبب ٻارڙا پريشان ٿيندا رهيا. سنڌ حڪومت هر سال سيٽون گهٽائي رهي آهي، جنهن سان 70 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ شاگرد به رهجي وڃن ٿا، ان سان ٻارڙن ۾ مايوسي ڦهليل آهي. هن ۾ سيف جي اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارڙن کي اوليت يعني 60 سيڪڙو کڻندڙ وارا به سليڪٽ ٿي ويا آهن، جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن وقت سرڪاري اسڪولن جا ٻار سخت محنت ڪري رهيا آهن ۽ سيف جي اسڪولن جي مقابلي ۾ بهتر رزلٽ ڏئي رهيا آهن ته سيٽون گهٽائي انهن سان ناانصافي ڪئي وئي آهي. اهڙو ڀوڳ بند ڪيو وڃي، منهنجي سنڌ حڪومت ۽ تعليم جي وزير کي گذارش آهي ته اميراڻا خرچ گهٽائي آءِ بي اي اسڪالرشپ جون سيٽون وڌايون وڃن، جنهن سان غريب ۽ پورهيتن جا ٻار اڳتي نڪرندا ۽ سٺا آفيسر ٿي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندا. سرڪاري اسڪولن جو به چيڪ ۽ بيلنس بهتر رکيو وڃي ته بهتر نتيجا نڪرندا. ضلعي ۽ تعلقي تعليم آفيسر سفارشي آهن، اهي بهتر نتيجا نه پيا ڏين، انهن کي پنهنجي اسڪولن جي به خبر ناهي. ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي تعليم سان ڪا دلچسپي ناهي، يونين جي دوستن جو تعليم سان واسطو ناهي، هو فقط اقتدار لاءِ ڪم ڪندا آهن. والدين بهترين ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا پر انهن جو قدر نٿو ڪيو وڃي. هن وقت استادن جي نئين کيپ آئي آهي جيڪا ٽيلينٽيڊ آهي، انهن کان بهتر ڪم ورتو وڃي ته ٻهراڙين جا اسڪول اڃا به سٺو نتيجو ڏيندا، آخر ۾ منهنجي ننڍڙي گذارش آهي ته سرڪاري اسڪولن لاءِ سيف ۽ ٻين ادارن ۾ سيٽون وڌائي انهن کي انصاف ڏنو وڃي.

آخوند نور احمد ڏهوٽ/ڦلجي اسٽيشن

پنھنجن جي مالڪي!

سجاول جو ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي سچ پڇو ته انسانذات لاءِ ڪنھن رحمت کان گھٽ ناھي. پاڻ ٻوڏ ھجي يا برسات، طوفان ھجي يا عوام تي ڪا ڏکي گھڙي ھجي، پاڻ سدائين عوام سان گڏ رھيو آھي ۽ عوام جي ڏکيائين کي گھٽائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو آھي. ايئن ئي ھڪ ھونھار نياڻي جيڪا فيس نه ھجڻ سبب پنھنجي يونيورسٽي جي تعليم مڪمل نه پي ڪري سگھي، تنھن جي جڏھن ايم اين اي سائين اياز علي شاھ شيرازي کي خبر پئي ته پاڻ يڪدم تحرڪ ورتو ۽ راھي درس جي نياڻي جي يونيورسٽيءَ جي فيس وارو معاملو حل ڪري نياڻيءَ کي تعليم جاري رکڻ ۾ مدد ڏني. لاڙ سنڌ جي ايم اين اي اياز علي شاھ جي اھڙي انسان دوست عمل سان نه رڳو ھڪ پاسي ھڪ نياڻيءَ کي پنھنجا خواب پورا ڪرڻ جو موقعو مليو ته ٻئي پاسي سيد اياز علي شاھ شيرازي اھو پڻ ثابت ڪري ڏيکاريو ته پاڻ روايتي ڇاپ لڳل انھن ايم اين ايز جيا نه آھن جيڪي چاھيندا آھن ته سندس ووٽر اڻ پڙھيا ۽ جاھل رھن ۽ بس غلام بڻيل ھجن پر سندن سوچ ۽ عمل مان اھو ڀليءَ ڀت ظاھر ٿئي ٿو ته پاڻ جھالت جا حامي نه پر علم دوست آھن، اسان سائين اياز شاھ جي اھڙي عمل جي ساراھ ڪندي اميد ٿا ڪريون ته پاڻ علم دوستيءَ جو ثبوت ڏيندي پنھنجي عوام جي تعليم ۽ ترقيءَ لاءِ ھميشه جيان سدائين پاڻ پتوڙيندا رھندا.

خالد طاهراڻي/سجاول‎

ٺري ميرواھه کي ڪرڪيٽ گرائونڊ ڏيو!‎

جيئن ته تعلقي ٺري ميرواھ جيڪو تعليمي شعبي ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن جي شهر طور سڄي سنڌ ۾ سڃاتو ويندڙ تعلقو آهي، هن تعلقي کي سڀ کان وڌيڪ ڪرڪيٽ گرائونڊ جي ضرورت آهي، ڇو جو هتان جا نوجوان مڃيل رانديگر آهن، هتان جي نوجوانن کي ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ هڪ ڪرڪيٽ گرائونڊ جي سخت ضرورت آهي، جيڪو تعلقي جي نوجوانن جو بنيادي حق به آهي، جيڪو تعلقي جي نوجوانن کي ڏنو وڃي. هڪ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ آهي، هتان جا نوجوان اتي وڃي ڪري ڪرڪيٽ کيڏن ٿا، جتي ڪنهن به قسم جون سهولتون ناهن، جيڪي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ هئڻ گهرجن. ٺري ميرواھ جي ڳوٺن جي نوجوانن کان ڪرڪيٽ گرائونڊ جو حق کسيو ويو آهي جيڪڏهن ڪرڪيٽ گرائونڊ هوندو ته هتان جا نوجوان پنهنجي دل وندرائڻ ۽ صحت کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجي ڪرڪيٽ ۾ جوهر ڏيکاريندا، ٻيو ته هتان جي نوجوانن کي پنهنجي پرفامنس بهتر بڻائڻ جو موقعو ملندو ۽ اهي اڳتي هلي قومي ڪرڪيٽ جو به حصو بڻجي سگهن ٿا. اسين راندين جي صوبائي وزير، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور، سکر جي اسپورٽس ڊائريڪٽر کي گذارش ٿا ڪريون ته جلد کان جلد ڪرڪيٽ گرائونڊ جو مسئلو حل ڪري ٺري ميرواھ جي نوجوانن لاءِ ڪرڪيٽ گرائونڊ منظور ڪري ڏنو وڃي.

ارسلان جاويد شر/ٺري ميرواھه

مون کي ڪنهن به وڏيري يا سردار جي ضرورت ناهي!

سنڌ جو عوام وڏي وقت کان تبديلي چاهي ٿو پر ڪڏهن به تبديلي ناهي آئي، ان جو شايد وڏو ڪارڻ اهو آهي ته نواز ليگ ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومتن ڪڏهن به سنڌ تي ايترو ڌيان نه ڏنو آهي جيترو ڏيڻ گهرجي ها، يا کڻي ايئن چئجي ته سنڌ جي عوام جا درد ڪهڙا آهن يا هو ڇا ٿا چاهين، اهو به ڄاڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته انهن جي نگاهن جو مرڪز به صرف ڪراچي ئي رهيو ۽ ڪراچي کان سواءِ سنڌ جي بقايا آبادي کي نظرانداز ڪيو ويو، ان ڪري انهن پارٽين کي سنڌ ۾ به اها موٽ نه ملي سگهي پر سنڌ جو عوام پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل کي متبادل سمجهي ٿو ۽ سنڌ جو عوام پير پاڳاري کي ئي سنڌ تحفظ جو ضامن سمجهي ٿو ۽ سنڌي عوام سمجهي ٿو ته جي سنڌ مٿان ڪو ڏکيو وقت آيو ته پير پاڳارو ئي سنڌ جي حفاظت ڪندو، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٻٽي نظام تي پير پاڳارو سنڌ حڪومت کان الڳ ٿيو ته اڃا تائين الڳ آهي. سنڌ جو عوام گذريل اليڪشن ۾ به گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي اميدوارن کي ڀرپور ووٽ ڪيو پر سڀني کي خبر آهي ته سنڌ ۾ اليڪشن ڪيتري به صاف ۽ شفاف ٿيندي آهي، بهرحال سنڌي عوام پير پاڳاري سان پاڻ ملهايو. سنڌ جي سياست جي هن غير يقيني واري صورتحال ۾ سربراھ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل پير پاڳاري سيد صبغت الله شاھ راشدي جي فرزند سيد راشد شاھ راشدي جا خيرپور جي ڪجهه تعلقن جي دورن سان سنڌ جي نوجوانن ۽ سنڌي عوام جي هڪ اميد جاڳي آهي، سيد راشد شاھ راشدي جو چوڻ آهي ته مون کي ڪنهن به وڏيري يا سردار جي ضرورت ناهي، ڇو ته مون سان غريب عوام گڏ آهي. هن اهو به اعلان ڪيو ته جتي ظلم هوندو اتي مان پهچندس، ڇو ته عوام کي حق ڏيارڻا آهن، ڇو ته منهنجي نظر ۾ خدمت خلق عبادت آهي، سنڌ جي سياست جي غير يقيني واري صورتحال ۾ سيد راشد شاھ راشدي جا دورا ۽ سندس ان قسم جو بيان وڏي اهميت وارا آهن، اسان پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراھ سيد صبغت الله شاھ راشدي المعروف پير سائين پاڳاري جن کان مطالبو ٿا ڪريون ته سيد راشد شاھ راشدي کي سڄي سنڌ جو ٽاسڪ ڏنو وڃي ۽ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻن، ڪارڪن کي متحرڪ ڪيو وڃي جيئن سنڌي عوام ۾ ڦهليل بيچيني ختم ٿي سگهي ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ ۾ به ڪا تبديلي اچي سگهي.

غلام نبي ڀنڀرو/نوابشاھ

وقت ھڪ خدا جي نعمت آھي!‎

وقت ھڪ ھيرو آھي، جي ھا حقيقت ۾ وقت ھڪ انمول تحفو به آھي، اسان جا سنڌي ڀائر پنھنجو انمول وقت وڄائي رھيا آھن، ان ۾ ڪو به شڪ شبو ناھي ته ڪافي ماڻھون وقت وڄائي چڪا آهن ۽ ڪافي ماڻھو وڄائي رھيا آھن، اڄ ڪل ھوءَ پنھنجي ٻارڙن جو به وقت وڄائي رھيا آھن، منھنجو اڄ شھر وڃڻ ٿيو، منهنجي رستي ۾ ھڪ ھوٽل تي نظر پئي ته ڪافي اسان جا سنڌي ڀائير نوجوان ھوٽل تي ھرون ڀرون به ويٺا ھئا، جيڪڏهن اسان جا سنڌي ڀائر ھوٽلن تي ويھڻ بجاءِ لائيبريرين ڏانھن ايندا ته اسان جي ايندڙ نسل کي تمام وڏو فائدو ملندو، توھان ته پنھنجو انمول وقت وڄائي چڪا آھيو، خدا تعاليٰ تي يقين ڪريو، توھان جو ايندڙ نسل ان منزل تي ھوندو جو توھان سوچي به نٿا سگھو، پاڻ سڳورن (ﷺ) جو قول آھي ته علم پرايو پينگھي، کان قبر تائين ۽ پاڻ سڳورن (ﷺ) جن جيئن به فرمايو آهي ته آئون علم جو شھر آھيان ۽ علي ڪرم الله وجه اُن جو دروازو آھن، بيبي عائشه رضه کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن جن جي پوري زندگي ماڻھن کي علم سيکاريندي گذاري، خدارا پنهنجي پاڻ کي سڌاريو، ڀلا توھان نٿا سڌرو ته پنھجي ٻارن کي ئي سڌاريو.

محسن علي ٿھيم/ ٽنڊوآدم