جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

 

(حصو چوٿون)

 

هوءَ پنهنجي چور ۽ لوفر ڀاءُ مام رزاق جا به ڏنل سور ٻڌائيندي هئي ۽ اُن کان بيزاري ظاهر ڪندي هئي، خير شان ٺيڪ ٿي گھر ته اچي ويو پر هو پوءِ ڪڏهن به اسڪول ڪونه ويو، ڊاڪٽرن چيو ته هن جي مٿي ۾ ڌڪ لڳو آهي ان لاءِ هُن جي اڳيان تيز ٿي به نه ڳالهائجو. ان لاءِ اُن سان ڪو به ڊيگھه نه ڪندو هو، سڀ جوان ٿي ويا، ڪم، ڌنڌن ۾ لڳي ويا پر شان رڳو پاڙي جي ٻارن سان پيو وقت گذر ڪندو هو، سڀن کي رشتا به ملي ويا پر شان کي ڪو به سڱ نٿي مليو، ڇو جو هڳ سڀ سمجھن ٿا ته ڪنهن به ڪم جو ناهي. هو هاڻ ماءُ پيءُ کان پوءِ گھڻو پريشان آهي ۽ مزوري ڪري وقت پاس ڪري رهيو آهي. منهنجي خيال ۾  هاڻ آئون وڌيڪ پنهنجي خاندن جو ذڪر ڪندس ته هيءَ ڊائري جيل مان ڦري منهنجي آٽو بائيوگرافي ٿي ويندي. برسات رات کان بيهڻ جو نالو ئي نٿي وٺي. سمورا قيدي پريشان آهن، اشرف ڀٽي ڪچهري ڪرڻ آيو، هن پيپرن جي معافي جو پڇو ته مون هُن کي چيو ته ماستر دانش قيدين جا رڳو پئسا ميڙڻ ۾ پورو آهي ۽ توهان رڳو آفيسرن جا بوٽ پالش ڪرڻ ۾. رڳو آئون هڪڙو ماڻهو ڪيترا مسئلا ڏسي ڪيترا ڏسندس. هو تمام گھڻو اداس ٿي ويو، هُن جي آفيس ۾ ماستر دانش لاءِ ۽ اُن جي لالچ لاءِ هڪ عجيب نفرت هئي. اڄ ريس ٿري فلم ڏٺم، برسات ڪجھه جھَڪي ٿي ته ونگز، ليگز جي وڃي پارڪ جم ۾ ورزش ڪيم ڪيسپ نالي CAC جو فارمولو ڏاهاڻي ٺاهي کڻي آيو، مون ورزش جي دوران ڍڪ ڍڪ ڪري استعمال ڪندو آهيان، گھڻي دير پارڪ ۾ عابد سان گڏجي پسار ڪيم، مون هُن کي ابابيلن سان گڏ اُڏامندڙ شڪري جي به ڪهاڻي ٻڌائي ته ڪيئن هو طالبانن جي کوليءَ ۾ هڪ جھرڪيءَ جي پويان گھري آيو هو ۽ پوءِ افغانين ان شڪري کي موچڙا هڻي ٻڌو هو. هينئر عابد سج لٿي جي نماز پڙهي رهيو آهي ۽ ڏاهاڻي خالي فرش تي ڍير لڳو پيو آهي. مون کي شان، فياض ۽ اسد جي ڏاڍي ياد اچي رهي آهي.

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (20 آگسٽ، شام جا 07:12 وڳا)

 

فلسطين ۾ رت جي راند آخر ڪيستائين؟‎‎

 

فلسطين جيڪا نبين جي سرزمين ڪوٺجي ٿي، اتي گذريل ڪيترن ئي سالن کان رت جي راند جاري آھي، آمريڪا جي پاليل ۽ مسلمانن جي ڪٽر دشمن اسرائيل جون قابض فوجون مسلمانن جي پراڻي قعبي ۽ پاڪ زمين تي معصوم فلسطينين تي ظلمن جا پھاڙ ڪيرائي رھيون آھن ۽ ايستائين ان ظلم ۽ جبر جو نشانو بڻجي ھزارين فلسطيني جوان، پوڙھا، عورتون ۽ معصوم ٻارڙا اجل جو شڪار ٿي چڪا آھن، کين اتي عبادت کان به روڪيو ٿو وڃي پر افسوس جو سڄي دنيا ۾ 2 ارب مسلمان ھوندي ڪو به اسرائيل جو وار ونگو نٿو ڪري سگھي. سڀ مسلمان ملڪ او آءِ سي ۽ گڏيل قومن جي خالي مذمت تائين محدود آھن. ڪو به ملڪ ھمت ڪري اسرائيل خلاف عملي قدم کڻڻ لاءِ تيار ناھي، جڏھن ته ڪجھ مسلمان ملڪن جن ۾ سعودي عرب جتي مڪو ۽ مدينو آھي ۽ گڏيل عرب اماراتون شامل آھن انھن باقاعده طور اسرائيل کي تسليم ڪري ان سان واپاري معاھدا پيا ڪن، جيڪو ڪٽر اسلام مخالف ۽ معصومن جو رت وھائيندڙ آھي، ان کان وڌيڪ شرم جوگي ڳالھ ٻي ڪھڙي هوندي؟ ڇا اسان جي غيرت ايتري گھٽ ٿي چڪي آھي؟ پاڪستان ۽ ترڪي سوڌو ڪيترن ئي مسلمان ملڪن اسرائيل کي تسليم ناھي ڪيو ۽ نه ئي ان سان ڪنھن به قسم جو ڪو واپار ڪيو آهي، اھي ڪڏھن به ان ظالم کي تسليم نه ڪندا پر اسرائيلي ڏاڍ ۽ ظلم تي رڳو مذمت کان سواءِ اسان کي عملي جدوجھد ڪندي ظالم جا ھٿ روڪڻا پوندا جي اڄ اسان خدا جي گھر بيت المقدس جي حفاظت نه ڪئي ته سڀاڻي سعودي عرب ۽ اسان سڀني جا پنھنجا گھر به ظالمن جي نشاني تي هوندا. خدا تي ڀروسو رکي سڀئي مسلمان ملڪ پنھنجا ذاتي اختلاف وساري يڪجھتيءَ جو مظاھرو ڪن ته اسرائيل جو فوجون ٻن ڏينھن اندر فلسطين مان نڪرڻ تي مجبور ٿي وينديون. فلسطينين کي بيت المقدس ۾ عبادت ڪرڻ به نٿي ڏني وڃي، ٻين مذھبن کي  پنھنجي عبادتگاھن تي وڃڻ کان ڪو روڪي نٿو ته پوءِ فلسطينين لاءِ ايئن ڇو آھي، گھڻو رت وھي ويو، ھاڻ مسلمانن کي اکيون کولي غيرت جو مظاھرو ڪندي اسرائيل جي ظلمن جو منھن ٽوڙ جواب ڏيڻ گھرجي.

 

مجاھد لغاري/ مسڻ وڏي، ٽنڊوالھيار

 

بھار خان ميرجت روڊ جي سالگرهه‎‎

 

ٽنڊو الهيار جي تعلقي جهڊو مري جي ڳوٺ بھار خان ميرجت جي روڊ جو ڪم گذريل هڪ سال کان رولڙي جو شڪار آهي، خوش قسمتي چئجي يا بدقسمتي، هن علائقي جو چونڊيل ايم پي اي پيپلزپارٽي جو صوبائي وزير ته آهي پر وزارت به سائين جن وٽ هاءِ وي کاتي جي آهي. بھار خان ميرجت اڳ ئي گھڻين سھولتن کان محروم آهي پر هن روڊ جي خوشي علائقي واسين کان ٻيون سڀ تڪليفون وساري ڇڏيون پر اڄ روڊ جي ڪم کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي آهي، جتي روڊ جي پڄاڻي ٿيندي اتان ڪم ڪن پيا پر ايماندار ٺيڪيدار ٺاهيندو اچي، پويان روڊ ختم ٿيندو وڃي، پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم هتي جا رهواسي ايترا ته مجبور آهن جو پنهنجي حق لاءِ ڳالھائڻ کان ڊڄن ٿا. ٻڌايو پيو وڃي ته گذريل برساتن جي ڪري ڪم رولڙي جو شڪار ٿيو، منهنجو هڪ سوال آهي ته مرشد برساتن کي به ڪافي وقت گذري ويو آهي، آخر اوهان هتان جي غريب عوام تي ڪڏهن رحم ڪندا؟ پنج هزار کان مٿي آبادي رکندڙ هتي جي عوام بس سرڪاري پٽيوالي جي آسري ۾ پنهنجن ايندڙ نسلن جو نقصان ڪري پيو بس غلامي ۽ وڏيرڪي نظام جي پويان لڳل هتي جي عوام پورو سال تڪليف ۽ سورن سان گذاريو، ڪڏهن وڏي سائيز جي پٿرن ۾ بائيڪ جو ٽائر پنگچر ته ڪڏهن گاڏين ۾ بي سبب ڪم نڪرن پر مجال آ جو ميرجت ڳوٺ جا رهواسي هڪ لفظ به ڪڇن؟ بس سائين جي مهرباني جو اهو روڊ ڏنو، اسان تي احسان نه ڪيو، هن ووٽ ورتو ان جي بدلي ۾ پنجن سالن ۾ صرف اهو روڊ ڏنو، خير 2023ع جون اليڪشنز ويجهو آهن نظر وجھو ٿا 2018 واري اليڪشن تي جنهن ۾ موجوده صوبائي وزير سيد ضياءَ عباس شاهه 51293 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو، مخالف پي ٽي آءِ جي اميدوار ايڊووڪيٽ علي پلھ 34726 ووٽ کنيان مطلب مرشد 16567 ووٽن جي ليڊ سان کٽيو، هاڻ عوام تي آهي ته 5 سال آسرن ۾ رهي به ساڳين کي آزمائيندا يا تبديلي آڻيندا؟ ان سوال جي جواب لاءِ ٽي مهينا انتظار ڪرڻو پوندو.

 

اجمل ميرجت/ڪراچي

 

نيٺ ڇا ڪجي؟‎‎

 

ھڪڙو ڪلاس آھي جيڪو پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ھن وقت تائين اسان مٿان هڪ هٽي قائم رکيو اچي، انھن جو مخصوص ڪلچر آھي اھي ڏوھاري پالين ٿا، انھن جي معرفت عام ماڻھو کي ھيسائين ٿا، پنھنجو ڳيجھو بڻائين ٿا، ھزارين ايڪڙ زرعي زمينن تي اھي قابض آھن، رياست انھن ماڻھن کي سپوٽ ڪري ٿي، ٿاڻا ۽ پوليس ڪلچر پڻ انھن جو سھولت ڪار بنيل آھي، جي ٻيلن جي پڻ غير قانوني واڍي ڪري ڪرڙون ۽ اربن جو ڪاٺ کپائي اوگرائي به نه ڏنن، انهن ٻيلن جي زمين تي قبضو ڪري قدرت جي ايڪو سسٽم تباھ برباد ڪري ڇڏيو اٿن، مختلف جيت جڻيا پکي پکڻن جي جياپي جا گس بند ڪري سندن موت جو سبب بڻيل آھن، ڪيترن ئي پکين جا جيتن ۽ جانورن جو خاتمو ٿي ويو آھي، ماحولياتي تبديلي جو به سبب بڻيل آھن، جن ٻيلن ۾ ڀاڳين جو مال چرندو ھو ۽ پاڻھي وٿاڻن تي وري واپس ايندو هو، جنھن جو ڀاڳيا کير ڏھائي ڪندا ھئا، وري مال پنھنجي مرضيءَ سان چرڻ نڪري ويندو ھو، ڪيترين مينھن، ڍڳين، ٻڪرين جو کير ڀاڳيا ڏھائي به نه سگھندا ھئا، ان ڪري ڪري اھو پھاڪو جڙيل ھو ته ادا فلاڻي وٽ ايترو مال آھي ايترو سکيو آھي جو سندس مينھون ڍڳيون اڻ ڏڌيون ٿيون پھرن. ھاڻ ائي ڀاڳيا لسي ڍڪ لاءِ سڪي مئا آھن، وڏيرا شاھي ٻيلن جا گس رستا سڀ بند ڪري عام ماڻھو لاءِ سندن گھرن گھاٽن کان به بيدخل ڪري ڇڏيو آهي، اھڙو ظلم اڄوڪي دور جي وڏيرا شاھي ظلم جي خبر گذري ويل فرعونن کي به پئي مات ڏئي، رياست ھنن ظالمن جي ظلم خلاف انڌي، گونگي ۽ ٻوڙي بڻيل آھي، مسڪين جون آھون دانھون نيٺ عرش عظيم تي ضرور پڄنديون.

 

غلام مصطفيٰ رند/مٽياري

 

ذخيرا اندوزي ڪندڙن کان ڪير ۽ ڪڏھن پڇاڻو ڪندو؟

 

ملڪ اندر قانون ھوندي به سرمائيدار طبقو پنھنجي طاقت سان ڏينھون ڏينھن قانون جون حدون اورانگھڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي رھيا آھن، جنھن سبب ملڪ ۾ رھندڙ  غريب طبقو ڏينھون ڏينھن غريب ۽ امير ڏينھون ڏينھن امير ٿيندو پيو وڃي، جنھن جو مکيه سبب لاقانونيت ۽ ذخيرا اندوزي آھي. تازو ئي ڪڻڪ جو فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ پھتو آھي، زميندار ۽ ھاري طبقو پنھنجي ضرورت کان وڌيڪ اڳين فصل جي تياري ڪرڻ لاءِ ۽ روزمرہ جي زندگيءَ جي ضرورتن جي پورائي لاءِ ڪڻڪ وڪرو ڪري رھيا آھن. سنڌ سرڪار موجودہ دور ۾ مھانگائيءَ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ھن سال ڪڻڪ جو سرڪاري اگھ في مڻ 4000 رپيا مقرر ڪيو آھي پر جڏھن ته عام دڪاندار، واپاري ۽ سرمائيدار طبقو 4100 رپيا في مڻ ۽ ان کان به مٿي اگھ جي لالچ ڏئي عوام کان ڪڻڪ جي خريداري ڪرڻ ۾ مصروف آھن، نتيجي ۾ عام ماڻھو لالچ ۾ اچي سرڪار کان وڌيڪ واپارين، دڪاندارن کي ڪڻڪ وڪرو ڪري رھيو آھي جنھن ڪري سرڪاري گدامن، اسٽالن تي ڪڻڪ وڪرو ڪندڙ گھٽ نظر اچن ٿا، جڏھن ته ٻين ھنڌن تي وڌيڪ اگھ ملڻ سبب رش گھڻي نظر اچي ٿي جيڪا صورتحال ڳڻي جوڳي آھي. واپاري ھن وقت چار رپين جي وڌيڪ لالچ ڏئي ڪڻڪ خريد ڪري مختلف جڳھن تي ذخيرا اندوزي ڪري رھيا آھن، جنھن ڪري ڪجھ ئي مھينن ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جو اگھ آسمان سان ڳالھيون ڪندو ۽ خدا نه ڪري ڪا ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿئي. واپاري جيڪڏھن ڪڻڪ جي ذخيرہ اندوزي وڌيڪ ڪندا ته مستقبل ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي مھانگو ٿيڻ جا به چٽا امڪان آھن، جنھن جو سڌو سنئون اثر اميرن تي پوڻ بجاءِ غريب، مزدور طبقي تي پوندو، جيڪو ويچارو سڄو ڏينھن سخت محنت مزدوري ڪري پنھنجي ٻچن جي ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آھي. ھن اخبار جي ذريعي آئون اعليٰ اختيارين کي گذارش ڪندس ته قانون کي حرڪت ۾ آڻي ذخيرا اندوزي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي جيئن مستقبل ۾ ڪڻڪ جو ڪو بحران پيدا نه ٿئي.

 

ستار سنڌي/ڪنب