مهينو گذرڻ باوجود دانش جمالي جا قاتل گرفتار نه ٿيا

 

دانش جمالي جا قاتل پورو مهينو گذرڻ جي باوجود اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. گذريل مهيني ڦورن سان مزاحمت ڪرڻ تي دادو شهر ۾ ڳتيل آبادي جي وچ ۾ دانش جمالي کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو هو، پر هن جا قاتل اڃا تائين پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس جي ايتري ڇوٽ ڦورن کي قاتلن کي آخر ڇو آهي؟  ڇا ڪٿي قاتلن کي بچائڻ لاءِ وڏن عهدن تي ويٺلن کان ويندي ڪامورن تائين ڪوشان ته ناهن يا انهن جا ساٿاري ته ناهن، جتي دنيا حد درجي جي ترقي ڪري چُڪي آهي، تيز ترين ٽيڪنالاجي ذريعي ڪٿان کان ڪيستائين جا ڳجھا راز ڄاڻڻ ۾ ڪي سيڪنڊ لڳندا آهن، پر ان جاءِ تي دانش جمالي جي قاتلن کي پڪڙڻ ۾ پوليس جي سُسُتي ڇو آهي ۽ ان جا  ڪھڙا سبب ٿي سگهن ٿا؟ دانش جمالي جي قاتلن کي پڪڙڻ ۾ سُسُتي ڏسي  وارثن کي خون لڙهندي نظر اچي رهيو آهي. امڙ جون روئي روئي اکيون نور وڃائي ويٺيون آهن، ڇا انهن اکين جي وهندڙ لڙڪن جو ڪو ازالو ٿيندو هاڻ هي هڪ سواليه نشان    بڻجي ويو آهي. ڏوهاري کي ڇوٽ ڏيڻ  امن کي تباھ ڪرڻ هوندو ڪٿي ائين نه ٿئي جو ملڪ جي گهٽي گهٽي ۾ ڏوهارين جا گروھ پيدا ٿين ۽ هر روز دانش جمالي جهڙا ڪونڌر جوان ڪسندا رهن. امڙين جون جھوليون ٻچڙن لاءِ سڪنديون رهن. اسين آءِ جي سنڌ، وزير اعليٰ سنڌم وزيراعظم پاڪستان ۽ چيف جسٽس کي پُر زور اپيل ٿا ڪريون ته هن واقعي جو نوٽيس وٺن ۽ قاتلن کي گرفتار ڪري انهن کي سخت کان سخت سزا ڏيارين ته جيئن شهر جو امن بحال ٿي سگهي. ائين نه ٿئي جو شهر جي گهٽين ۾ وري نه ڪنهن ٻي امڙ جو دانش کسيو وڃي، ۽ امڙيون لڙڪ لاڙينديون رهجي وڃن.

 

اصغر جمالي

سنڌ جي وجود تي وار ڪندڙ ڌاري آبادڪاري نامنظور

 

گهڻي وقت کان ڌاريا اسان مٿان مسلط آهن، جنهن جو ڪو حساب ناهي، انتظاميه رڳو وات پٽيو مال کائڻ ۽ ذاتي رنجشن کي پاڙڻ ۾ پوري آھي. اسان مٿان هي ڏمر آخر ڪڏهن ختم ٿيندو آخر ڪڏهن اسان کي ڌارين مان آزادي ملندي؟ پنهنجي وطن منجهان ڪا خوشبو ملندي؟ ڇا اسان سوال ڪري سگهون ٿا ته ڌاري آبادڪاري ڪڏهن کان ۽ ڪنهن جي دٶر کان شروع ٿي ۽ ان جو انت اچڻ ڇو ناممڪن آھي؟ اهي آبادڪاريون آخر ڪيستائين اسان جي وطن کي برداشت ڪرڻيون پونديون؟ ڇا انهن جا ڪي ايڏا وارث آھن جو اسان جي ڪورٽن ۽ ادارن مان به پاڻ ڇڏايو وڃن. انهن سڀني ڳالهين جا اصل ذميوار اسين پاڻ آھيون ڇا جي ڪري جو اسان سٺا مهمان نواز آھيون. پنهنجن مٿان الرون ۽ ڌارين کي دلين ۾ جايون ڏيندا آھيون. ڪنهن دٶر ۾ ٻڌندا هئاسين ته اڄ هن جڳھ يا هُن جڳھ تي خون ٿيو آ خبر پوندي هئي ته ڪنهن خانداني دشمني تي ٿيو آ ۽ هاڻ ٻڌڻ ۾ روز ٿو اچي ته سنڌين کي زباني ڳالھين تي به ماريو ٿو وڃي. انهن کي چيڀاٽي ساڙيو ٿو وڃي ۽ اتي به اسين خاموش آھيون، ڇاڪاڻ ته مهمان نواز آھيون. نفرتن مان ڪين ڄاڻون محبتن جا اصلي حقيقي حقدار آھيون. مڙئي پيا پنهنجا سور سوريون ۽ پنهنجو ٿا ماس ڳاريون ورندو ته آخر ڪجھ ڪونه اهو به سڀ ڪجھ ٿا ڄاڻون پر اڃا دل الائي ڇو مڃي ڪانه ٿي. کلڻ جي ڳالھه ته اها آهي ته الائي ڇو اسان سان ئي ڌارين وارو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي ۽ انهن ڌارين ڦورن چورن کي ته تختن ٿي ويهاريو ٿو وڃي. اسان جون حڪومتون اسان جا ٿاڻا اسان جي ڪورٽن ۾ اسان کي انصاف نه ٿو ملي. پر هاڻ آواز ڪو دوستو اٿاريو پنهنجي لاء نه کڻي پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ ڌارين جي نيڪالي تائين ڪو ته آواز اٿاريو.

 

غلام اصغر پنهور/ ڪورنگي ڪراچي

ايس ايس پي بدين کي کليو خط

 

شاهنواز چاچڙ صاحب! اميد ته خوش هوندا ۽ سدائين مسڪرائيندا رهندا. جناب اوهان جي جنهن ڏينهن کان ضلعي بدين ۾ پوسٽنگ ٿي آهي ان ڏينهن کان ضلعي ۾ منشيات جي وڪري ۽ ٻين تمام غيرقانوني ڪمن ۾ گهٽتائي ٿي آهي۔ پر اوهان جي ئي ڪجهه ٿاڻن تي اهڙا ايس ايچ اوز مقرر آهن، جيڪي ٿاڻن کي پنهنجيون حويليون سمجهيو ويٺا آهن ۽ اهي اتي ٽارچر سيل به ٺاهيو ويٺا آهن. آئون وڌيڪ پري نٿي وڃان پر ڳالهه ڪنديس ماتلي پوليس جي جتي جي پوليس عوام لاءِ آزار بڻيل آهي. اهلڪار اوهان جو نالو استعمال ڪري ماڻهن کي وڏيرن جي چوڻ تي گرفتار ڪري انهن تي ٿاڻي اندر ٽارچر ڪندو آهي. آئون اهي ڳالهيون ايتري يقين سان ان ڪري چئي رهي آهيان جو اسان سان به اهو ظلم ٿي چڪو آهي. اوهان کان هڪ سوال ڪنديس ته جڏهن پاڪستان جو قانون هر انسان کي اهو حق ٿو ڏي ته هو قانون جي دائري ۾ رهندي سوال ڪري سگهو ٿو ۽ انهن سوالن جا جواب به طلب ڪري سگهي ٿو ته پوءِ  سوشل ميڊيا تي صرف هڪ پوسٽ رکڻ تي جيڪا پڻ اخلاق جي دائري ۾ هجي ان تي ايس ايچ او ڪيئن ٿو وڏيرن جي چوڻ تي ايف آءِ آر داخل ڪري سگهي؟ آئون جنهن ايف آءِ آر جي ڳالهه پئي ڪريان، اها گلاب لغاري جي هڪ قانون جي شاگرد، سياسي ورڪر ۽ ڪالم نگار تي ماتلي پوليس داخل ڪئي ۽ ڏينهن ڏٺي جو سرعام شهر مان هڪ شريف انسان تي تشدد ڪرڻ جي اجازت ڪهڙو قانون ٿو ڏي؟ جناب اسين پوليس جو حد کان وڌيڪ احترام ڪندا آهيون ۽ پوليس آفيسرن جي نيڪ عملن کي ساراهيندا به آهيون ۽ انهن جي سپورٽ به ڪندا آهيون پر جڏهن اسان جي ئي محسن ۽ حفاظت لاءِ مقرر پوليس آفيسر اسان سان ئي ظلم ڪن ته پوءِ ڪنهن کي دانهن ڏجي؟ سو اڄ آئون اوهان کي اها دانهن ڏئي رهي آهيان ته مهرباني ڪري هڪ نظر ماتلي پوليس تي به وجهو. جيڪا صرف هڪ پوسٽ تي ڪنهن به عزتدار ماڻهو کي جيل جي سلاخن پويان قيد ڪري سندس مستقبل تباهه ڪري ڇڏيندي آهي. وڏي افسوس جي ڳالهه اها ته جڏهن اهو شخص ضمانت تي آزاد ٿو ٿئي، ته ان کي ڌمڪيون ٿيون ڏنيون وڃن ته توکي گرفتار ڪنداسين ۽ ايترا ته ڪيس هڻنداسين جو سڄي عمر جيلن ۾ هوندين. پوليس رياست اندر پنهنجي رياست قائم ڪيو ويٺي آهي. ڪير پڇڻ لاءِ تيار ناهي، قانون جو سرعام مذاق اڏايو پيو وڃي. اسان کي اميد آهي ته اوهين ماتلي پوليس خلاف غيرجانبدار انڪوائري ڪري کيس قانون جو پابند ضرور ڪرائيندا.

 

ثوبيا کوسو/ماتلي

وسيم سومرو کي جنم ڏينهن مبارڪ

 

شاعريءَ جي دنيا ۾ خوبصورت شاعر آھن پر انهن سڀني شاعرن ۾ سهڻو شاعر وسيم سومرو آھي، جنهن جي غزل ۾ گلاب جي مهڪار ۽ نظم ۾ عطر عنبير لڳايل هوندو آهي. هن خوبصورت شاعر  جون خوبصورت خيالن سان سرجيل تخليقون پڙهندي محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ته گرميءَ جي مند ۾ ڪو ماڻهو نم جي گهاٽي وڻ جي هيٺان ستو پيو آھي. اهڙي عجيب ڪيفيت دل تي طاري ٿي ويندي آهي. سائين وسيم سومرو هن ٻوڏ ۾ سنڌ جي نوجوانن جو حوصلو وقت بوقت پنهنجي شاعريءَ جي وسيلي بلند ڪندو رهيو جنهن شعرن  کي پڙهندي ڄڻ ته هڪ سگھه پئي پيدا ٿئي جيڪي ستل جذبن کي جاڳائي پيا ڇڏين. هي سنڌ جو شاعر سائين وسيم سومرو سدائين مظلومن جو آواز رهيو آھي جنهن پنھنجي شاعري ۾ ھميشه حقيقت کي پيش ڪيو آھي، جنهن ۾ سونهن، سچائي، سورهيائيءَ جي سوکڙي موجود هوندي آهي. اسان جي سنڌ ۾ جتي ڪيئي تخليقڪار رهن ٿا جن هميشه سنڌ لاءِ لکيو انهن ۾ سائين وسيم سومرو به چنڊ جيئن چٽو آھي. سندس ڏات جو هنر دل ۾ قيد آھي ڏات ڪڏهن به رُسي نه ٿي. جڏهن به شعر پڙهبو آهي اهو ڄڻ ته تازو توانو لڳندو آهي. آخر ۾ لفظن جي خوشبو سان واس وٺندي سائين وسيم سومرو کي جنم ڏينهن جون لک لک مبارڪون ڏيان ٿو.

 

ناشاد شوڪت شنباڻي

 

سنڌ جا نڌڻڪا رهواسي

 

رياست جو ڪم آهي پنهنجي عوام جي مال جان جي حفاظت ڪرڻ، پر افسوس هتي حفاظت ڪرڻ بجاءِ روز لاش ملن ٿا. ڪڏهن دهشتگرد ڪراچي ۾ نوجوان گولين جو کاڄ بڻائين ٿا، ڪڏهن وري روڊ جي حادثن ۾. هاڻي جيڪو تازو واقعو پيش آيو آهي سيوهڻ ويجهو قلندر جي پانڌيئڙن جي وين ڪلٽي ٿي آهي، جنهن سبب 20 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. وين ڪلٽي ٿيڻ جو ڪارڻ اهو آهي ته برسات سبب روڊ کي هٿرادو ڪٽ ڏنو ويو هو، جيڪو هن وقت تائين بند نه ڪيو ويو هو جنهن سبب هي حادثو پيش آيو آهي، جيڪي خيرپور جا رهواسي 20 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. پاڪستان سپريم ڪورٽ کي گهرجي ته انڪوائري ڪري انهن آفيسرن مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي، جنهن برسات سبب روڊ کي ڪٽ ڏياريو آهي ۽ هاڻي جيڪو موجوده ڊي سي ۽ روڊس کاتي جي عملدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي، جيئن وري سنڌ ۾ اھڙو واقعو پيش نه اچي.

 

فرمان علي لغاري /گهوٽڪي

 

استاد انعام الله لاڙڪ جون تعليمي ۽ سماجي خدمتون !

 

تعليم شعور ۽ تبديلي جو نالو آھي، جنھن سان ملڪن ۽ قومن جو وجود ھوندو آھي. اڄ مان ان شخص جو تعارف ڪرائيندس جنھن جو تعلق ڳوٺ رپڙي تعلقه گمبٽ سان آھي. پھرين فبروري 1971ع تي سندس جنم ٿيو. پاڻ سيپڪ سونھڙو ۽ بااخلاق سادي طبيعت جو مالڪ آھي، سندس جھڙو سھڻو اخلاق آھي ته وري اوترو پاڻ سنجيده به آھي. سائنس جي ڄاڻ سان گڏ علمم سماجيات ۽ سماجي مسئلن ۽ سياسي ڄاڻ به اٿس ڪتابن پڙھڻ ۽ پڙھائڻ سندس پيشو آھي. ابتدائي تعليم سنڌي پرائمري اسڪول لقمان کان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ خيرپورميرس جي تمام پراڻي ۽ تاريخي سرڪاري گورنمينٽ ناز پائليٽ اسڪول خيرپور مان ڪئي ۽ ان کانپوءِ انٽر پري ميڊيڪل ۾ سپرئير سائنس ڪاليج خيرپور مان ڪئي. ايم ايس سي مائڪرو بائلاجي ۽ ساڳئي سبجيڪٽ ۾ ايم فل  جي ڊگري حاصل ڪئي آھي. پاڻ سماجي ڪمن ۾ اڳڀرو رھيو آھي.

سنھا ڀانءِ م سپ سڪا جنين پيٽ،

جني جي جھپيٽ ھاٿي ھنڌان نه چري !

زندگي سفر آھي ان سفر ۾ ڏک سک کي ڏوريندي ڏوريندي ماڻھو پنھنجي منزل تي پھچي ٿو. پنڌ ڪيڏو به اڙانگو ھجي ان جي لاءِ لڳاتار جدوجھد محنت سچائي ۽ مخلص  ايمانداري سان ئي منزل ملندي.

پيھي جا پاڻ ۾ ڪيم روح رھاڻ،

پنھون ٿيم پاڻ، سسئي تان سور ويا !

ملازمت جي شروعات ادويات سار ڪمپني ۾ سيلز آفيسر ۽ مئنيجر طور ڪئي. سخت  ۽ ٽارگيٽ نوڪري ھوندي به ھن دوست ڪتابن سان دوستي نه ڇڏي ۽ پڙھائي کي جاري رکيو. سنڌ پبلڪ سروس ۾ ليڪچرار جي ڪميشن  2011ع پاس ڪري ليڪچرار ٿي ويو. ھن وقت آسسٽنٽ پروفيسر طور شاگردن کي مائڪرو بايولاجي پڙھائي رھيو آھي. زولاجي ۽ باٽني جا سبجيڪٽ به پڙھائيندو آهي. مختلف فورمن تان ايوارڊ  حاصل ڪيا آھن ۽ ميمبر به رھيا آھن ۔ 1. ميمبر آمريڪن سوسائٽي فار مائڪرو بائلاجي  2. ميمبر پاڪستان سوسائٽي فار مائڪرو بائلاجي ۔3. ميمبر پاڪستان بائلاجيڪل سيفٽي ايسوسئيشن 4. ميمبر آف سينيٽ شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور 5. ھيڊ آف ڊپارٽمينٽ مائڪرو بائلاجي سپرئير سائنس ڪاليج خيرپور ميرس. سماجي ڪم : غريب شاگردن کي اسڪالرشپ ڏيارڻ ۾ مدد ڪرڻ  مفت طبي ڪئمپون لڳرائڻ اکين جون مفت ڪئمپون لڳرائڻ، مائڪرو بائلاجي تي ڪانفرنسون ڪرائڻ ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ انھن ڪانفرنسن ۾ ريسرچ پيپرس پڙھڻ سبب ميڊل ۽ تربيتن  جا سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا آھن. پروفيسر انعام الله لاڙڪ ھڪ بھترين استاد سان گڏ سٺو مقرر ۽ تحقيق ڪندڙ شخصيت آھي. موجوده تعليمي صورتحال بابت پروفيسر انعام الله لاڙڪ جو چوڻ آهي ته شاگردن وٽ ڪتاب انٽرنيٽ ٽيڪنالوجي موجود آھي پر اڄڪلھ جا شاگرد انھن سھولتن مان فائدو نه ٿا وٺن. استاد ڀرپور ڪوشش ڪري ٿو ته ھاڻي شاگردن کي صحيح طرح سان تعليم ڏيون پر ھاڻي شاگردن  جي صلاحيتن تي منحصر آھي ته اھي ڪھڙي شعبي ۾ ڪيتري محنت ڪن ٿا. اگر اھي محنت ڪن ته منزل ماڻي سگھن ٿا. شاگردن کي گھرجي ته ھنري تعليم ڏانھن به ڌيان ڏين ۽ جنھن به فيلڊ ۾ آھن ان ۾ محنت ڪن. يقينن الله پاڪ ان کي محنت جو صلو ضرور ڏيندو.

اڳتي وڌو عزيزو منزل اڃا پري آ

گرداب منجھه آھيون ساحل اڃا پري آ

 

ساگر شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

 

پوليس، انفارميشن ٽيڪنالوجي ۽ لاء اينڊ آرڊر

 

انفارميشن ٽيڪنالوجي وقت جي اهم ترين ضرورت بڻجي چڪي آهي. جديد ٽيڪنالوجي ضرورتن مطابق سنڌ توڙي پنجاب پوليس پنهنجا سڀ اُمور ڪمپيوٽرائز ڪيا آهن. جنهن مان اهم ڪم صوبي ۾ لاء اينڊ آرڊر جي صوتحال بهتر بڻائڻ لاءِ پوليس ريفارمز ڪميشن جو قيام آهي. ڪميشن جو مقصد ڪرپشن تي ڪنٽرول، بار بار ٽرانسفر کان ڇوٽڪارو ۽ اداري سازي واري عمل کي يقيني بڻائڻ آهي. جنهن مقصد لاءِ پنجاب پوليس آءِ ٽي بورڊ جي اشتراڪيت سان پهرئين مرحلي ۾ فرنٽ آفيس کي ڪور ڪندي ٻين منصوبن جي ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم شروع ڪيو، جنهن ۾ ڪمپلينٽ مينيجمنٽ سسٽم، ڪرمنل ريڪارڊ مينيجمنٽ، ايچ آر مينيجمنٽ انفارميشن سسٽم، ڪرائم ميپنگ، هوٽل آءِ ٽي ۽ ٻيا اهم سسٽم شامل آهن. جيڪي ڏوهه، ڏوهاري ۽ پوليس ڪور ڪندا آهن. ٽيڪنالوجي استعمال ڪندي اعداد و شمار جي خودڪار ۽ انتظامي نظام تحت پنجاب پوليس جي ريڪارڊ کي ڊيجيٽل ڪري بهتر جاچ، شهرين جي شڪايت جي ازالي ۽ پوليس ڪارڪرگي کي بهتر بڻائي امن امان واري صورتحال کي يقيني بڻايو پيو وڃي. ان سان گڏوگڏ لاء اينڊ آرڊر منصوبن ۾ ڊجيٽل شموليت سان دهشتگردي سرگرمين ۾ گهٽتائي آئي آهي. ڳالهه اها آهي ته ملڪ اندر لاء اينڊ آرڊر جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ قوم، هڪ سسٽم واري Vision موجب پنجاب آءِ ٽي بورڊ منسٽري آف آءِ ٽي اينڊ ٽيليڪام سڀئي صوبه پاڻ ۾ ملي ڪري ان منصوبن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ هن وقت عمل پيرا آهن. پوليس کاتي طرفان جديد ٽيڪنالوجي استعمال سان ڪيتريون ئي وارداتون ٽريس ڪيون وڃن ٿيون. جنهن سان معاشري ۾ پوليس جو وقار بلند ٿي رهيو آهي. ان سان امن وامان واري صورتحال کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

اتر سنڌ ۾ ساڳ لھڻ تي غريبن ۾ سرھائي

 

سياري جي مند شروع ٿيڻ سان اترسنڌ جي علائقن ۾ ساڳ جو فصل لھڻ تي ڄڻ غريب پورھيت ماڻھن لاءِ عيد اچي ويندي آھي. ڪيترائي مسڪين ماڻھو ڀاڄيون خريد ڪرڻ واري سگھ نه رکندڙ ماڻھن ۾ خوشي جي لھرپيدا ٿي وئي آھي. ساڳ جي ڀاڄي جڏھن مکڻ ۾ ٺاھي ويندي آھي ته ان جي کائڻ جي لذت عام کاڌي کان وڌيڪ هوندي آھي. علائقي مان وڏن شھرن ۾ رھندڙماڻھن کي ساڳ جي ڀاڄي تيار ڪري تحفي طور موڪليندا آھن يا ساڳ جي  ڀاڄي جا شوقين وڏو سفرڪري ساڳ کائڻ ايندا آھن ۽ دوستن ۽ مٽن مائٽن ڏانھن کڻي وڃڻ وڏو فخرمحسوس ڪندا آھن. ڇاڪاڻ  ته  ساڳ جي ڀاڄي گرم ھجڻ ڪري سياري جي ٿڌ تي ڪنٽرل ڪري ٿي. تازي ڀاڄي جڏھن رات جو ٿڌ ۾ رکي صبح جو مکڻ وجھي کائڻ سان مڇي جي ڀاڄي کي مجال ھوندي آھي. جھنگ جي ان ڀاڄي کي، جيڪا مفت ۾ پٽي استعمال ڪئي ويندي آھي، شھرن ۾ 200 روپيا في ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي جنھن جي ڪري انھي ساڳ جو مفت ۾ ملڻ ڏاڍو مشڪل ٿيندو پيو وڃي. ساڳ ۽ سرنھن جو فصل صرف ٽن مھينن اندر ختم ٿي ويندو آھي پر ان ھوندي  بھ ساڳ جو ريٽ ٻين ڀاڄين کان مٿي رھي ٿو۔ سرندي وارا ماڻھو مفت ۾ جھنگ مان ساڳ پٽن بجاءِ مھانگي اگھھ تي وٺي کائيندا آھن، جيڪو عام غريب پورھيت جي خريد ڪرڻ کان چڙھندو پيو وڃي۔ ھتان جو ساڳ ايترو ته مشھور آھي جنھن کي علائقي جا وڏيرا ۽ ڀوتار توڙي ڪامورا ذائقي طور ٻين ڀاڄين سان گڏ کائيندا آھن خاص ڪري مھمانن کي گھرائي دعوت ڪري کارايو ويندو آھي۔ ٻھراڙي جا سنڌي سٻاجھڙا ماڻھو ھن ساڳ کي سنڌ جي کوڙي ڪري کائيندا رھن ٿا ڇو ته ساڳ ھڪ انمول ڀاڄي چئي ويندي آھي. غريبن جي مفت خوراڪ کي ايئن بازارن ۾ وڪرو ڪرڻ نھ گھرجي. ساڳ مان جڏھن سرنھن اڀري تيار ٿي ويندي آھي ته پوءِ ان جي ڦليارجي خوشبو پري پري تائين پکڙيل رھندي آھي. ڪيترائي ماڻھو ان ڦڪي ڪلر جي سونھن سان گڏ بيھي تصورون ڪڍرائي خوش ٿيندا آھن. اسين سبزي فروش دڪاندارن کي اپيل ٿا ڪيون ته ساڳ جھڙي سوکڙي جو بازارن ۾ ايئن تقدس پائمال نھ ڪيو وڃي، جيڪو غريب ماڻھو جي پيٽ گذر بڻجي ٿي جڏھن ته ڪجھه وقت پوکيو ويندڙ ساڳ جو وڪرو بند ڪري مفت ڏيڻ واري روايت کي برقرار رکجي ته جيئن غريب ماڻھو ان کي کائي سگھي.

 

گل بيگ چانگ

 

PPHI سنڌ حوالي ادارن جي ڪارڪردگي جو احوال

 

ماضي قريب جي ڳالهه آهي ته سنڌ جي عوام، ملازمن زبردست احتجاج ڪيا ته سرڪاري طور هلندڙ ميڊيڪل وارا ادارا ڪنهن NGOs وغيره جي حوالي نه ڪيا وڃن، پر اسان جي اُٺ سرڪار عوام ۽ ملازمن جي جائز احتجاجن کي موٽ، مان نه ڏيندي بهتر پوزيشن ۾ ڪم ڪندڙ اهي ادارا، مختلف  NGOs، PPHI، Indus  ۽ ٻين کي گفٽ ڪري ڇڏيا. NGOs وارن شروع جا ڪجهه سال ڪم ٺيڪ نموني هلايو، پر جيئن جيئن وقت اڳتي گذرندو رهيو ته انهن جو ڪم، ڪارڪردگي به پوين پيرن تي هلڻ لڳي آهي. خاص طور تي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ جيڪي بيسڪ هيلٿ سينٽر يا يونٽ پي پي ايچ آءِ جي تحويل ۾ هلن ٿا، انهن مان گهڻن جو حال خراب آهي. حالتن جي ڪهاڻي جا ڪجهه منظر هن طرح آهن. جڏهن ڪو لکيو پڙهيو ماڻهو سينٽر يا يونٽ ۾ داخل ٿئي ٿو ته پهرين ديوار تي لڳل چارٽ تي نظر پويس ٿي، جنهن ۾ لکليل آهي گهڻين بيمارين جو علاج ۽ مفت ۾ ٽيسٽن جون سهولتون، ته پوءِ بيمارمطمئن ٿي علاج لاءِ اڳتي وڌي ٿو، پر جلد اڳيان هلي معلوم ٿئي ٿو ته شگر وارو گلوڪوميٽر ڪم نٿو ڪري. BP  آپريٽر به ڪم جو ڪونهي، مليريا ٽيسٽ وارو اوزار به رپورٽ صحيح نٿو ڏي. ان بعد انڌ ڌند تي مريض دوا جي پرچي وٺي اسٽور پهچي ٿو ته پرچي تي لکيل دوا جي بدلي ٻي ڪا نقلي دوا مليس ٿي. ياد رهي ته اهي دوائون به اسپتالن ۾ 15، 20 ڏينهن تائين ملن ٿيون، ان کان پوءِ ايندڙ مريض رڳو اسپتال جو ديدار ڪري موٽن ٿا. هتي آئون پنهنجي ڳالهه ٿو ڪريان ته اسپتال ۾ BP آپريٽر نه هئڻ ڪري ڊاڪٽر منهنجي نس جهلي BP چيڪ ڪئي، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وري شگر جي ٽيسٽ لاءِ ويس ته اتفاقن PPHI جو ڊسٽرڪٽ مئنيجر به موجود هو، جنهن جي روبرو اسٽاف واري ٻڌايو ته يار گلوڪو ميٽر خراب آهي، پوءِ ڊسٽرڪٽ مئنيجر صاحب سان اسپتال جي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. حل لاءِ ڪجهه هائوڪار ۾ جواب مليا، پر ڊسٽرڪٽ مئنيجر صاحب وٽ مين اشو اهو هو ته توهان ڳوٺاڻا اسپتال جي ارد گرد گاهه ڇو ٿا پوکيو؟ جنهن تي مون صاحب کي جواب ڏنو ته توهان وعدو ڪريو ته اسپتال سان لاڳاپيل مسئلا ۽ ان جون ضرورتون پوريون ڪندا ته هتي گاهه ڪونه پوکيو ويندو. ڊسٽرڪٽ مئنيجر صاحب رڳو ڪنڌ ڌوڻ ڪئي، هر بيسڪ هيلٿ سينٽر يا يونٽ تي MBBS  ڊاڪٽر جو هئڻ لازمي آهي، جيڪو ئي مريض کي بهتر ٽريٽمينٽ ڏيئي سگهي ٿو، اسان ڏسون ٿا سينٽرن تي چوڪيدار، پٽيوالو وغيره ڊاڪٽر بڻيل آهن. هتي نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه اها آهي ته سنڌ سرڪار ڪڏهن ڪڏهن عطائي ڊاڪٽرن پويان وٺ پڪڙ ڪندي آهي اهو صحيح ۽ ضروري آهي، پر هتي ٻهراڙين ۾ جيڪي بيسڪ هيلٿ سينٽر يا يونٽ PPHI طرفان هلن ٿا. انهن جي حالت به عطائي ڊاڪٽرن جي هلندڙ اسپتالن جهڙي آهي، گورنمينٽ کي به هتي ايڪشن وٺڻ کپي، PPHI کي باؤنڊ ڪري هر سينٽر، يونٽ تي MBBS ڊاڪٽر جو هئڻ يقيني بڻائي. سکيا ورتل اسٽاف مڪمل ڪري، دوائن جي کوٽ پوري ڪري، سينٽرن تي بجلي، پاڻي، فرنيچر وغيره جو پورائو ڪري، رکيل عملي کي پگهارن، ٻيون سهولتون مهانگائي جي مناسبت سان لاڳو ڪري وقت تي ادا ڪري، تڏهن ئي هي ادارا ٻهراڙي جي ماڻهن کي صحت جون سهولتون ڏيئي سگهندا.

محمد قاسم چانڊيو /ڳوٺ علي مراد چانڊيو ڪڍڻ