قيدي جي ڊائري

دوست ڏانهن لکيل خط

 

ڇو ته سنگت فقط انهي سان رکبي آهي جنهن سان پنهنجون عادتون ملن. هڪ جهڙيون عادتون نه هجڻ ڪري سنگت ناهي هلي سگهندي. مٺا سائين! وقت ريڙهيون پائيندو اڳتي وڌي رهيو آهي، جڏهن مان نارا جيل مان هڪ سازش تحت پارٽي ۾ سينٽرل جيل حيدرآباد لاءِ نڪتس ته تون منهنجي لاءِ پريشان ٿيو هئين. اهو سال 2018ع جو ٻيو مهينو ۽ 28 تاريخ هئي. مان اڄ تائين هن پارٽي کي پاڻ مٿان هڪ سازش ٿو سمجهان، اهو مون سان ٿيڻو هو. خبر ناهي مون کان پوءِ ڪيترا قيدي اهڙين پارٽين تحت ڪڍيا ويا هوندا. جڏهن نارا جيل ست نمبر بيرڪ ۾ نارا جيل جي مختلف بيرڪن ۾ رهندڙ مظلوم لاچار غريب قيدين سان منهنجي دعا سلام ٿيندي هئي ان دوران مون کي ائين محسوس ٿيندو هو ته اهي مظلوم سدائين مون کي ياد رکندا ڇو ته انهن ۾ ڪافي اهڙا قيدي هئا جيڪي حق سچ لاءِ هميشه منهنجو ساٿ ڏيندا هئا. اهي قيدي منهنجي آواز سان گڏ پنهنجا پنهنجا آواز بلند ڪندا هئا. اڄ به اهي مون کان پوءِ حق سچ لاءِ آواز اٿاريندا هوندا، انهن دوستن کي منهنجي گذارش آهي ته پنهنجي اخبار ذريعي پنهنجي آواز کي اعليٰ عدليا تائين پهچائڻ لاءِ قلم کڻي لکن. ڇو ته قلم ۾ وڏي طاقت آهي. قلم اڳيان شمشير به جهڪي پوندي آهي. قلم جي طاقت آڏو دشمن به ڀڄي پري ٿيندا آهن. مون کي اهو يقين آهي ته پنهنجي اخبار ئي اوهان جا مسئلا مٿي اعليٰ عدليا تائين پهچائڻ ۾ اوهان جي ڀرپور مدد ڪندي. اوهان جيئن مون تائين خط لکي پنهنجا حال احوال پهچايو ٿا. ائين ڪوشش ڪري پنهنجي اخبار ذريعي پنهنجا ڏک سور پهچايو. ڇو ت پنهنجي اخبار ئي اسان قيدين جي اخبار آهي. (حصو ٽيون)

 

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي فورن بحال ڪيو!

 

سنڌ جو آئيني ادارو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ھڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود فعال نه ٿي سگھيو آهي. ڪميشن کي سپريم ڪورٽ ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڪيو سالن کان مختلف امتحاني نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا ۽ اميدوارن ۾ وڏي سرھائي ۽ خوشي محسوس ٿي پر اميدوارن جون خوشيون ان وقت ڪافور ٿيون جڏهن سنڌ سرڪار پاران بغير ڪنهن جواز جي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ھلندڙ پروسيس کي بند ڪرائي سنڌ جي ذھين نوجوانن جي محنت ۽ ارمانن تي پڻ پاڻي ھاريو. سنڌ سرڪار جي اھڙي عمل سان نوجوانن ۾ وڏي مايوسي آهي سنڌ جي ذھين نوجوانن پارانان جي بحالي لاءِ ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊ ھلايا ويا. وزيراعليٰ سنڌ ھفتي اندر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي بحال ڪرڻ جو واعدو ڪيو، اڄ ان واعدي کي مھيني کان مٿي وقت  ٿي ويو آهي پر واعدو وفا نٿي سگھيو آهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بند هجڻ سبب ھزارين نوجوانن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بند هجڻ ڪري ڪيتري ئي وقت کان ويٽرينري ڊاڪٽر، اسٽاف نرس، ميڊيڪل آفيسر، ڊينٽل سرجن، ليڪچرار ۽ ٻيا ڪيترائي نوجوان جوائننگ حاصل ڪري نه سگھيا آهن. هزارين نوجوانن جا امتحان، انٽرويو ۽ رزلٽ رڪيل آهن، ۽ کوڙ سارين نئين ڀرتين جو اعلان پڻ نه ٿي سگھيو آهي. سروس ڪميشن بند ھجڻ ڪري هزارين نوجوانن جو عمر وڌي وڃڻ ۽ انهن جي اوور ايج ٿيڻ جو خدشو آهي جنهن سبب نوجوانن ۾ ڳڻتي جي لھر ڇانيل آهي. ھينئر ملڪ جي ٽن صوبن ۾ پبلڪ سروس ڪميشن ڪم ڪري رھي آهي ۽ واحد صوبو سنڌ آهي جتي بغير ڪنهن سبب جي سنڌ سرڪار سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ھلندڙ پروسيس کي بند ڪرائي ھزارين ذھين نوجوانن جي مستقبل کي داءُ تي لڳايو ويو آهي. وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ  کي گذارش آهي ته پنهنجي واعدي کي وفا ڪيو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي فورن بحال ڪريو جيڪو سنڌ جي نوجوانن جو آئيني حق آهي.

 

شوڪت علي مغيري

حڪمرانن جون قلابازيون ۽ عوام سان دوکا !!!

 

پاڪستان کي آزادي ماڻيندي 75 سال گذري ويا آھن مگر اڃا اسان غلامي واري زندگي گذاري رهيا آھيون. 12 اپريل 2022ع تي ميان شھباز شريف ملڪ جي 23هين وزير اعظم طور حلف کڻي ملڪ جون واڳون سنڀاليون آھن. جنهن واڳون سنڀالڻ دوران پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25000 هزار ماهوار بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي واپسي جو اعلان ڪيو. ڏٺو وڃي ته موجوده سرڪار يوٽرن ڪرڻ ۾ پي ٽي آءِ سرڪار کي به ڪوهين دور ڇڏي آئي آھي. حڪمرانن جي قلابازين عوام جون متيون ئي منجهائي ڇڏيون آھن. پاڪستان جا موجوده حالات ڪنهن ڇوٽڪاري جي تحريڪ لاءِ ڪافي سازگار آھن. 75 سالن ۾ پاڪستان سرڪار ٻين ملڪن خاص طور آءِ ايم ايف کان ايترو قرض کنيو آھي جو چون ٿا ته پاڪستاني عورت جي پيٽ ۾ جو ٻار آھي اهو به قرضي آھي دعا آھي ته الله پاڪ سڀن کي هدايت ڏئي پر حڪمرانن، سياستدانن، بيوروڪريٽ ۽ اسٽيبلشمنٽ ڪڏهن اهو سوچيو آھي جيڪو قرض کنيو ويو آھي ان مان آخر عوام کي مليو ڇا آھي ؟؟؟ حڪمران رڙيون ته ڪندا رهندا آهن ته عوام کي رليف ڏينداسين رليف ڏينداسين پر پاڪساني عوام کي گذريل 75 سالن کان رليف ته ڇا پر رليف جو “ر” به نه ملي سگهيو آھي. مهانگائي ڏينهو ڏينهن وڌي وڻ ٿي وئي آھي ۽ انتظار ان شي جو آھي ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ڪير ٿو اچي ۽ هن ڏکي زندگي مان ڇوٽڪارو ڪڏهن ٿو ملي ؟؟؟

 

شاهد علي راڄپر / ٺاروشاھ

 

آخر لوڊشيڊنگ ختم ڇو نه ٿي رهي آهي؟

 

هلندڙ گورنمنٽ اقتدار سنڀاليندي ئي لوڊ شيڊنگ جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش جي شروعات ته ڪئي آهي، پر افسوس اهو مسئلو حل نه ٿيو آهي پر اڃا لوڊشيڊنگ ۾ واڌ ٿي آهي. ان صورتحال لاءِ وزيراعظم پنجن ڪلاڪن جي اجلاس دوران کاتي جي آفيسرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهو چيو آهي ڪجھ به ڪيو پر ٻه ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ نه ٿيڻ کپي. هن وقت ڳالهه اها آهي ته ان سلسلي ۾ وزيراعظم کي تڪڙا قدم کڻڻ کپن. لوڊشيڊنگ جو اصل سبب ۽ علاج ضروري آهي. لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ شارٽ ۽ لانگ ٽرم پلان تيار ڪرڻ سستي ۽ وافر مقدار ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبن تي ڪم ڪرڻ ۽ ان مقصد خاطر سڀ وسيلا ڪتب آڻڻ لاءِ هدايتون جاري ڪرڻ کپن ته جيئن عوام جي لوڊشيڊنگ جي آزار مان جان آجي ٿئي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

بحرانن جو شڪار آخر سنڌ کي ڇو ٿو بڻايو وڃي

 

اهو ڏٺو وڃي ته ملڪ اندر جيڪي به بحران ٿين ٿا انهن جو اثر سنڌ جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ ڀوڳين ٿا. ان جا سبب اهي ئي آهن ته سنڌ ۾ حڪمراني نالي ڪا شيء ناهي رهي، هرڪو پنهنجي حڪمراني هلايو ويٺو آهي. هتي ڪڏھن پاڻي، ته ڪڏھن ڀاڻ، ڪڏھن اٽي، ته ڪڏھن کنڊ چانورن جو بُحران هوندو آهي آخر انهن بُحرانن ۾ لوڙڻ سنڌ جي عوام ڪهڙو ٺيڪو کنيو آهي! هاڻي جڏھن ملڪ ۾ تيل قيمت وڌڻ کانپوء جيڪا مهانگائي ٿي آھي انهي جو اثر ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي عوام تي شايد گهڻو ئي ٿيو آھي تڏھن ئي صوبي اندر مزدور طبقي توڙي پورهيتن پاران احتجاج ڪيا ويا آهن. ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ ناڻو ڪمائي ڏيندڙ سنڌ جي عوام جي ايتري بدتر حالت آخر ڇو پئي ڪئي وڃي؟ هتان جا تاجر، شاهوڪار، سرمائيدار، سردار، ڀوتار ۽ امير وڌيڪ امير ٿي رهيا آھن پر انهن کي امير بڻائيندڙ صوبي جا ماڻھو فقير ٿي ويا آهم جن کي پيٽ جي گره لاء چونڊيل نمائندن جي درن تان ماني ڳڀو به نٿو ملي. هن ظلم ۽ ناانصافي جو مسڪين ماڻھن سان ازالو ڪڏھن ڪيئن ٿيندو ۽ ڪير ڪندو؟ پاڻي هتي، تيل گئس هتي، ڪوئلو هتي، قدرتي وسيلا هتي ۽ بُحران به وري انهن شين جا هتي. هي يزيديت واري حڪمراني مسڪين ماڻھن مٿان ڇو مسلط ڪئي وئي آهي، سنڌ جي ماڻھن جي پاڻي کوٽ سبب زراعت تباه، بجلي کوٽ سبب ڪاروبار تباه، روڊ رستن سبب زندگيون تباه، هرشيء جي کوٽ آخر سنڌ مان ڪڏھن ختم ٿيندي ۽ ھتان جا ماڻھون حڪمراني کي عوامي حڪمراني تسليم ڪندا؟

 

محمد اسماعيل لانگاھ   ڊرگھ بالا ڪاڇو

 

سجاول جِي تاريخِي جامع مَسجد

 

سُجاول هِڪ تارِيخِي شهر آهي. هِن جِي جامع مَسجد جنهن کي هڪ صديءَ کان مَٿي عَرصو ٿي چُڪو آهي، هِن جي تعمير چٗن ۽ واريء سان ٿيل آهي. هن جي ڇت ڪاٺ سان تعمير ٿيل آهي جنهن جي مٿان ٻيو طبقو به تعمير ٿيل آهي. هي مسجد هڪ اللّه واري بزرگ سيد عبدالرحيم شاه بخاري تعمير ڪرائي. سندس هڪ ڀاء به هو جنهن جو نالو سيد هاشم شاھ بخاري هو. سيد عبدالرحيم شاھ کي ڪوبه اولاد نه هو جنهن جي ڪري هن هڪ مدرسو، مدرسا هاشميه جي نالي سان تعمير ڪرايو ۽ هڪ جامع مسجد تعمير ڪرائي ۽ باقي پنهنجي سموري جائداد مسجد جي نالي وقف ڪري ڇڏي. پر  جڏهن کان وقف حڪومت پنهنجي حوالي ڪيا تنهن کان پوء مسجد جي تعمير تي هڪ روپيو به حڪومت جي طرفان خرچ نه ڪيو ويو آهي. هن وقت مسجد ۾ جيڪو ڪم ٿيو آهي اهو مخير حضرات جي تعاون سان ٿيو آهي، جڏهن ته مسجد جي نالي ڪيل هزارين ايڪڙ زمين ۽ سون جي تعداد ۾ دڪان ۽ جڳهيون جن جي مسواڙ اوقاف کاتو وصول ڪري رهيو آهي پر اها آمدني مسجد تي خرچ نه ٿي ڪئي وڃي. جامع مسجد سجاول ڪاريگرن جي مھارت جو هڪ نمونو آهي. مسجد جي اڳيان ان وقت کان هڪ مدرسو قائم ڪيل آهي جنهن ۾ مغرب جي نماز کان پوءِ تعليم شروع ٿيندي آهي، جيڪو شبينه دارالقرآن جي نالي سان ڪم ڪري رهيو آهي. مسجد جي اڱڻ ۾ هڪ مزدور جي قبر آهي جيڪو مسجد جو  منارو ٺاهيندي ڪِري فوت ٿي ويو هو. مسجد ۾ هزارين ماڻهن جي نماز پڙهڻ جي گُنجائش آهي. جامع مسجد سجاول ۾ وڏا وڏا عالم نماز پڙهائي ويا آهن. جن ۾ مولوي حاجي محمود ميمڻ، مولانا غلام غوث ھَزاروي، مولانا مُفتي محمود، قاري حَنيف مُلتاني، سائين عبدالصمد هاليجوي، مولانا نُور محمد الهداد سجاولي، مولاناعبدالغفور قاسمي، مولانا حَبيب اللّه راڄڙ، حافظ محمد جُمن کَٽي، مولانا اِبراهيم ميمڻ،حافظ محمد يُوسف کَٽي۽ ٻيا ڪيترائي بزرگ نماز پڙهائي  ويا آهن. (جاري)

 

فَقير مُحمد اِسماعيل کَتري سُجاوَلي/ سجاول

 

تعلقي سجاول کي هارڊ ايريا ۾ شامل ڪريو!

 

هونئن ته ڏٺو وڃي ته سڄي سنڌ تعليم جي لحاظ کان پٺتي پيل آهي پر سجاول ضلعي سان ويڌن آهي. هتي اڪثر اسڪول بند پيل آهن يا وري وڏيرن جون اوطاقون بڻيل آهن. پر افسوس جو، پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي ۾ 33 کان 39 مارڪون کڻندڙ تعلقي سجاول جي نوجوانن سان ناانصافي ٿي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته تعلقي کي ٽريننگ ۾ شامل ناهي ڪيو ويو آهي. هتي جي نوجوانن هر محاذ تي آواز اٿاريو آهي پر کين مسلسل نظرانداز ڪيو ويو آهي. هتي جا سياسي نمائندا توڙي بالا آفيسر هن مکيه مسئلي تي چپن تي خاموشي وارو تالو لڳائي ويٺا آهن. کين نوجوانن سان انصاف ڪرڻ لاءِ اڳيان اچڻ گهرجي. سنڌ سرڪار توڙي هتي جي سياسي ۽ بالا آفيسرن کي نوجوانن سان انصاف ڪرڻ گهرجي.

 

سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو سجاول

 

سنڌ ۾ جنسي زيادتي جا وڌندڙ واقعا!

 

انسان ۾ گھڻو ڪري ٻه خصلتون عام آھن يا ته ھو انسان ھوندو آھي يا وري جانور. پر مان سمجھان ٿو ته انسان جي ھڪڙي خصلت اھڙي به آھي جنھن کي جانور واري خصلت کان به بدتر چئي سگھجي ٿو، ڇو ته جانور ڪڏھن به ڪنھن جانور سان جنسي عمل کانپوءِ ان جو قتل نٿو ڪري، پر انسان جانور کان بدتر خصلت ۾ ٻئي انسان جو جنسي زيادتي ڪرڻ کان پوءِ بيرحمي سان قتل ڪري ڇڏي ٿو. ڪجھه ماڻھن جو خيال آھي ته ميڊيا جي ڪري اڄڪلھه ٻارن سان جنسي تشدد جا واقعا وڌي ويا آھن پر حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ آھي. انساني تاريخ ٻڌائي ٿي ته جنسي زيادتي يا جنسي تشدد جا عمل شروعاتي دور کان رهيا آھن پر ان جو پڙاڏو اڄڪلھه جي ميڊيا جي ڪري ٿي رھيو آھي. تنھن ڪري ميڊيا کي ان جو ڪريڊٽ ملڻ گھرجي پر اسان وٽ قصو ئي ابتڙ آھي، جو ھر عمل کي ڪنھن سازش جي نظر سان ڏسندا آھيون.  ٻي غلط فھمي وري اھا آھي ته ماڻھو سمجھن ٿا ته جيڪڏهن حڪومت چاھي ته اھڙا واقعا بلڪل ختم ٿي سگھن ٿا، مگر حقيقت اھا آھي ته جن ترقي يافتا ملڪن ۾ مضبوط حڪومتون موجود آھن، اتي به جنسي تشدد جا واقعا ختم نه ٿي سگهيا آهن. ڇو ته ٻارن سان گھڻو ڪري جنسي تشدد ته انھن جي پنھنجن گھرن يا وري سندس ويجھي مائٽن جي گھرن ۾ ٿئي ٿو. اتي ادارن جو پھچڻ ذري گھٽ ناممڪن آھي. يعني ٻارن جو بچاءُ ان لاءِ حڪومت سان گڏ اسان سڀني کي پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. والدين جو ڪردار سڀ کان وڏو آھي ته ھو پنھنجي ٻار جي حفاظت ڪن.

 

انجنيئر وسيم چنه/سيوهڻ

 

دعا زھره جي واپسي جون عدالت سڳوري کي مبارڪون!

 

ڏيڍ مھينو اڳ  مبينا اغوا ٿيل ڪراچي جي نينگري دعا زھره کي ڪراچي پوليس اڄ ھٿ ڪري ورتو آھي. ياد رھي ته دعا زھره کي پيش نه ڪرڻ تان عدالت سڳوري قائم مقام آء جي ڪامران فضل کي پڻ عھدي تان ھٽائي ڇڏيو ھو. دعا زھره معاملي تي عدالت سڳوري ايتري ته سيرس ٿي وئي جو ڏيڍ مھيني ۾ دعا زھره کي ظاھر ڪيو ويو. اھو عدالت سڳوري جو سٺو قدم آھي پر عدالت سڳوري کي استدعا آھي ته پندرنھن سال اڳ بااثر ڀوتارن پاران ٺل جي پورھيت عبدالرزاق سرڪي جي ٽن سالن جي کير پياڪ معصوم ٻارڙي فضيلا سرڪي کي اغو ڪيو ويو ھو جيڪا اڃا تائين بازياب نه ٿي سگھي آھي. سنڌ سميت ملڪ ڀر مان ھزارين سياسي نوجوان سالن کان گم آھن. ميھڙ جي ام رباب جي ٽن گھر ڀاتين جي قتل سميت ھزارين بيگناه مقتولن جا قاتل قانوني پڪڙ کان آجا آھن. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي ٻن شاگردياڻين نمرتا چنداڻي ۽ نوشين ڪاظمي سميت درجنين مقتولا نياڻين جا قاتل گرفتار نه ٿي سگھيا آھن. سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ رزانو مظلوم محڪوم ماڻھن سان الائي ڪيترا قھر ۽ ڪلور ٿين پيا انھن قھري واقعن جي تعداد جو ڪو ڪاٿو ئي نه آھي. مون ناانصافين تي مبني چند واقعن جون حقيقتون ان ڪري پيش ڪيون ته انھن واقعن جي ذميوارن کي سزائون ڏيڻ به عدليا جو ڪم آھي. اھي سالن کان انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل ھزارين انصاف جي گھرجائو متاثر ماڻھن کي انصاف فراھم ڪرڻ به عدليا جو فرض آھي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته انهن کي انصاف نه مليو آهي.

 

اسماعيل بھلڪاڻي

مڪاني اليڪشن يان سليڪشن! عوام ڪاڏي وڃي؟

 

اڳ ۾ اليڪشن خاص طور مڪاني اليڪشن جو اعلان ٿيندو هو ته وڏو چھچٽو مچي ويندو هو. ڇو ته هي اليڪشن عام عوام جي اليڪشن سڏي ويندي آھي ڇاڪاڻ ته هن اليڪشن ۾ عام ماڻھو حصو وٺي پاور حاصل ڪري پاڻ جهڙن ئي عام عوام جا مسئلا حل ڪرائيندو آھي. هن الڪيشن دوران هڪ ئي شھر هڪ ئي ڳوٺ ۾ هڪ ئي ڳوٺ جا ماڻھو اليڪشن ۾ مختلف پارٽين يان وري آزاد حيثيت سان حصو وٺي ڪري ورڪ ڪندا آھن ۽ ورڪ ڪندي ڪيترائي دفعا هڪٻئي جي سامهون اچي ويندا هئا يا وري هڪ ئي اوطاق تي ٻه يا ٽي حصو وٺندڙ ڌريون هڪ ئي ٽائيم پهچي وينديون هيون ته سڀ احترامن هڪٻئي کي چوندا هئا ته پهريان ڀلي اوهان پنهنجو احوال ڏيو اسان پوءِ ٿا ڳالهايون. مطلب ته مخالفت ۾ هوندي به هڪٻئي لاءِ وڏو احترام ۽ عزت هوندي هئي. بس رڳو اليڪشن واري ڏينهن سڀني ڌرين جون اکيون ڳاڙهيون هونديون هيون جنهن جي ڪري ڪجھه جهڙپون به ٿينديون هيون پر هن دفعي مڪاني اليڪشن جو 26 جون تي پهريون مرحلو ٿيڻو آھي اها اليڪشن بدران سليڪشن پئي لڳي اهو ائين ته حڪمران پارٽي سڄي سنڌ اندر مخالف اميدوارن کي مختلف حربن سان هٿ کڻايو ۽ پ پ جا ڪيترائي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا.ان لاءِ مخالف اميدوارن اها آفر ڪئي وڃي ٿي ته پ پ ۾ اعلان ڪر ته اسان جا بيٺل اميدوار تنهنجي حق ۾ هٿ کڻي ويندا. مخالف ان ڳالھه تي راضي ٿئي ٿو ته ٺيڪ نه ته کيس مختلف ترقياتي اسڪيمون، ٺيڪا، روڪ رقم وغيره جي لالچ ڏني وڃي ٿي. اگر ان تي به اهو راضي نه ٿو ٿئي ته اميدوار ۽ اميدوارن جي مٽن مائٽن جيڪي سرڪار ملازم هجن ٿا انهن تي دٻاءُ وجهي هٿ کڻايو ٿو وڃي. پوءِ به اگر اميدوار هٿ نه ٿو کڻي ته مٿس ۽ سندس حامين تي ڪيس داخل ڪرايا وڃن ٿا. مطلب ته پنهنجي اميدوارن کي بنا مقابلي کٽرائڻ لاءِ سڀ حربا استعمال ڪيا ويا آهن. ان عمل خلاف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، سنڌ ھاءِ ڪورٽ کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ اليڪشن کي اليڪشن وانگر لڙڻ جو هرهڪ کي حق ڏنو وڃي پوءِ ڀلي ڪير به کٽي اچي.

 

محمد خالد ميمڻ/ڦل شھر

 

مڪاني چونڊن جي مڪاني سياست

 

محب ڪالهه به اڪيلو بيٺو هو اڄ به اڪيلو بيٺو آهي، سنڌ ۾ بدلياتي چونڊن جو شور عروج تي آهي، ڪي اميدوار پارٽي جي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهن ٿا ته ڪي آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهڻ جي لاءِ سندرا ڇڪي رهيا آهن، هن دفعي ته پيپلزپارٽي يونين ڪائونسل سطح تي اهڙن اميدوارن کي به ٽڪيٽ ڏني آهي جيڪي عوامي سياست جي سين کان به واقف ناهن. سياست جي بازار ۾ هر هڪ پنهنجي پنهنجي اگهه مطابق ٻولي ٿو لڳائي، پر جيڪڏهن ڪو نه جهڪيو آهي نه مڙيو آهي ته اهو ڀائو محب حسين پيرزادو آهي جنهن لاءِ بلدياتي چونڊن شيخ اياز جي هڪ شعر وانگر ٿيون لڳن.

خنجر خنجر ڪيئي هٿ

آئون اڪيلو سامهون سٿ.

پراڻي روايت آهي ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي ٿنڀي کي به اميدوار بيهاريندي ته اهو کٽي ويندو پر ڏوڪري تعلقي جي يونين ڪائونسل بگي جي صورتحال ڪجهه تبديل آهي، جتي پيپلزپارٽي پارٽي ڀلي ڪنهن ٿنڀي کي بيهاري پر اها محب حسين پيرزادو کي شڪست نه ٿا ڏياري سگهن. محب حسين پيرزادو انساني خدمت جو وڏو نالو آهي جهڙي طرح عبدالستار ايڌي، ڊاڪٽر اديب رضوي پنهنجي پيشي ۾ سيوا ڪرڻ جي ڪم سان سڃاتا وڃن ٿا تهڙي طرح ڳوٺن جي تعليم و ترقيءَ جي اسڪولن جي اڏاوت کان روڊ رستن جي قيام تائين هن اهڙا ڪيترائي شاهڪار ڪم ڪيا آهن جيڪي تر جو ڪو ايم پي اي يا ايم اين اي ئي ڪري سگهي ٿو. اهو محب پيرزادو جيڪو پيپلزپارٽي جو بنيادي ڪارڪن به آهي ته اڪيلي سر ساکائتو اڳواڻ به آهي جنهن سدائين عوام جي اجتماعي مفاد جي لاءِ ڪم ڪيو آهي. هن کي گذريل اليڪشن ۾ به آزاد بيهڻ تي مجبور ڪيو ويو، جڏهن پ پ کي اهو محسوس ٿيو ته اسان جي پينل کي موٽ نه ملندي ته انهن محب جي پينل کي ٽڪيٽ ڏي ڇڏي. پر شايد پيپلزپارٽي ۾ به شايد لابي سسٽم آهي جو اهڙو دياندار ۽ ايماندار ماڻهو کي به پاسي تي ڪيو ويو آهي جڏهن ته سڄي پوک ان شخص جي پنهنجي پوکيل آهي.

 

زبير ٻگهيو/ ڏوڪري