جنگشاھي جي لاڏ ٻائي لائبريري جو ڪم مڪمل ڪرايو!
لائبريري جو نالو اسان سڀني ٻڌو ھوندو ٿوري گھڻي اھميت به خبر ھجي پر ان جي شايد اصل زندگي ۾ ڪنهن کي به ضرورت محسوس نٿي ٿئي، سواءِ ڪجھ نوجوانن کي جن ڪجھ وقت اڳ ٽيوٽر تي ڪافي ٽرينڊ هلايا. پنھنجي دور ۾ علم جو مرڪز رھندڙ ٺٽي ۾ اڄ توھان کي ڪا لائبريري نه ملندي پر ان کان به وڌيڪ ڏک جي ڳالھ اھا آھي ته رسول بخش پليجو صاحب جي شھر جنگشاھي ۾ پيل لائبريري جو بنياد ڪيترن ئي سالن کان اتي جو اتي پيل آھي، حيرت جي ڳالھ ته سنڌ جي ڏاھي جا ويجھا مائٽ جيڪي پارٽي کان ويندي ورثي ۾ ايندڙ مشهوري جا ته مالڪ ٿين ٿا پر ان جي ھلايل راھ جيڪا علم کي ڦھلائڻ آھي، ان کي وڌائڻ لاءِ تيار ناھن پر اھا ڳالھ اتي ختم نٿي ٿئي، ان لائبريري جو ٺيڪيدار به سائين رسول بخش جو ويجھو مائٽ آھي، ٿي سگھي ٿو ته ان ٺيڪيدار سوچيو ھجي تيسائين پليجو صاحب گھڻو علم ڦھلائي ڇڏيو آھي ھاڻي گھٽ ۾ گھٽ جنگشاھي وارن کي ايندڙ سئو سالن لاءِ علم جي ضرورت نه پوي، نه رڳو اهو پر جڏھن ھن لائبريري جو ڪم شروع ٿيو تڏھن جنگشاھي بوائز ھاءِ اسڪول جي چوڌاري زمين ڇڏي ڀر واري زمين تي لائبريري لاءِ زمين صاف ڪئي پي وئي، روڪڻ تي چيو ويو توھان تعليم جا دشمن آھيو، ٻچن جو مستقبل هي لائبريري آھي، اسان سمجھو ھي ٺيڪيدار تعليم دوست آھي، رات ڏينھن ڪري ڪم مڪمل ڪندو پر افسوس ته جنگشاھي ۾ صحافين جو ڌيان تعليم ۽ لائبريري پاسي ٿورو گھٽ آهي. منھنجي جنگشاھي جي باشعور عوام ۽ صحافين کي اپيل آھي ته ھو گڏجي لائبريري لاءِ سگھاري آواز اٿارين.
مقصود جوکيو/جنگشاهي
اسرائيل ۽ مسلم دنيا!‎
سڀ کان پهريان ته اسرائيل جي اڳرائي ۽ مظلوم فلسطينين تي ظلم جو شديد لفظن ۾ مذمت ٿي ڪجي ۽ دنيا جو هر باضمير انسان هن تشدد ۽ اسرائيلي بربريت جي نندا ڪري ٿو، پوءِ ڀلي هو ڪهڙي به مذهب يا قوم سان تعلق رکندو هجي، هن بربريت تي گڏيل قومون ۽ اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي جي خاموشي ۽ غيرسنجيدگي قابل مذمت آهي، خاص ڪري گڏيل قومن جو ادارو جيڪو پاڻ کي غيرجانبدار سڏرائيندو آهي ان جي اسرائيلي جانبداري ظاهر ٿي چڪي آهي ۽ هن پاڻ کي هڪ شڪي ادارو بڻائي ڇڏيو آهي، جيڪو هيڻن جو همراهه ٿيڻ بجاءِ ظالم جي ساٿاري بڻيل آهي، تنهن ڪري هاڻي گڏيل قومن تان مظلوم قومن جو رهيو سهيو ويساهه به کڄي رهيو آهي. پتڪڙو اسرائيل جنهن جي آبادي 90 لک ٿيندي، ان ۾ به اٽڪل 15 لک مسلمان آهن، يعني اٽڪل 75 لک آبادي وارو ملڪ پوري مسلم دنيا کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري رهيو آهي، 30، 30 ڪروڙ آبادي رکندڙ اجگر اسلامي ملڪ ان آڏو ٻڙڪ نٿا ڪڇي سگهن، 6 ڏينهن واري جنگ ڪنهن کان وسري هوندي، جنهن ۾ اسرائيل سان عراق، شام، اردن لبنان ۽ ٻيا اسلامي ملڪ وڙهيا پر اسرائيل انهن جا لکين فوجي ماريا ۽ اسلامي ملڪن جون وايون بتال ٿي ويون، فلسطين آزاد ڪرائڻ جي چڪر ۾ ويتر پنهنجا علائقا به وڃائي ويٺا، يعني اسرائيل انهن جي علائقن تي قبضا ڪري ورتا، اهو ان ڪري نه ٿيو ته اسرائيل ڏانهن ڪا آسماني مدد آئي، اهو ان ڪري ٿيو جو اسرائيل سائنس ۾ اڳتي آهي، هن وٽ جديد ٽيڪنالاجي ۽ جديد هٿيار آهن ۽ زبردست دفاعي نظام آهي ۽ مسلمانن وٽ اڃا ساڳي تلوار آهي، جديد دور ۾ به مسلم دنيا ۾ سائنس کي ڪفر ۽ اسلام دشمن سمجهيو وڃي ٿو، علم اسلام دشمن ڪيئن ٿو ٿي سگهي، جنهن لاءِ نبي ڪريم ﷺ چيو آهي ته“علم پرايو، پينگهي کان قبر تائين” هاڻ اهڙو جو مائينڊ سيٽ مسلم دنيا جو هوندو ته اڄ اسرائيل فلسطين تي قبضو ڪيو سڀاڻي مڪي مديني تي حملا ٿي سگهن ٿا ۽ اسان جو وات ايئن ئي پٽيل هوندو. تنهن ڪري جي واقعي مسلمان ساڳيو عروج واپس ماڻڻ چاهين ٿا ته سائنس ۾ اڳڀرا ٿين، نه ته روئڻ پٽڻ مقدر آهي.
غلام الله گاڏهي/ نصيرآباد
پوليس ۽ ڪاريون رڍون!‎
پوليس جيڪا عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ مقرر ٿيل آھي، هتي پوليس جي روپ ۾ ڪجھ وحشي انسان پڻ موجود آھن جيڪي عوام کي تحفظ ڏيڻ جي بدران انهن کي ڊپ ڏئي انهن کي ڌمڪائي انهن کان رشورت وصول ڪري رهيا آهن، چيڪ پوسٽن تي مقرر پوليس جا جوان جيڪي فقيري جي روپ کان وٺي ڌاڙيل جو روپ اختيار ڪندا پوليس جا جوان کير واري کان کير، ڪاٺين واري کان ڪاٺيون، سبزي فروٽ ورارن کان ڦرمار ڪندا آھن، جيئن سندن حصو هجي، پوليس جي روپ ۾ڪجهه ڪاريون رڍون پوليس ۾ موجود هونديون آھن، جيڪي پنهنجي پوري اداري کي بدنام ڪنديون آھن، اهڙين ڪارين رڍرين کي پوليس جهڙي اداري مان هٽائي هن اداري جو وقار ۽ عزت بحال ڪيو وڃي، انهن شهيدن جي روح کي به سڪون ملندو، جن پنهجي جان عوام ۽ ملڪ لاءِ قربان ڪري پوليس جو نالو روشن ڪيو آهي، انهن جوانن کي سلام جن رشورت جي لالچ کي پنهجي ضمير آڏو حرام سمجهي هميشه لاءِ ٺڪرائي چڏيو.
ابراهيم لنڊ/ڪلوئي، ٿرپارڪر 
پوليس آخر ڇو خاموش آھي؟
27 رمضان المبارڪ جي رات ڳوٺ بدلو کوسو جي رهواسي اسلم کوسو اغوا ٿيو، هن مهل تائين واپس نه ٿي سگهيو آهي، ڪالھ کوسا اتحاد صوبا سنڌ جي صدر شفيع محمد کوسو وارثن سان همدردي ڪرڻ ڳوٺ بدلو کوسو پهچي مغوي جي والد کي يقين ڏياريو ته جلد اسلم کوسو بازياب ڪرايو ويندو، اسلم کوسو جي والد انڪشاف ڪيو ته ڌاڙيلن منهنجي نمبر تان ڪال ڪري مون کان 30 لک ڀنگ طلب ڪيو، وري ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ڪال ڪري چيائون ته هاڻي 20 لک موڪلي ٿو يا پٽ جو لاش ملندي. اسلم جي والد چيو ته مون وٽ 20 رپيا ناھن، 20 لک ڪاٿان آڻيان جو منهنجو پٽ اسلم ٽريڪٽر جي ڊائيوري ڪري پيٽ پاليندو هو ۽ مير شفيع محمد کوسو اسلم جي والد کي دلاسو ڏئي چيو توهان بي فڪر ٿيو، اسان ڪوشش ۾ آھيون ته اسلم جلد کان جلد بازياب ٿئي، مغوي جي والد ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو آھي ته منهنجو پٽ ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ قيد آھي خدارا منهنجي پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي.
محمد صديق کوسو/ڳڙھي حسن
ھڪ نظر پي پي ايڇ آءِ سنڌ تي!‎
سنڌ اندر ڪيترائي سيڪٽر صحت بابت ڪم ڪري رھيا آھن، انھن مان پي پي ايڇ آءِ به ھڪ آھي، پي پي ايڇ آءِ سنڌ ھڪ ساک رکندڙ ادارو آھي، بنيادي صحت مرڪزن ۾ باقائدي ڪم سٺي نموني ڪري رھي آھي، ھن اداري ۾ ڊاڪٽر پنھـجي سچائيءَ سان ڪم ڪري رھيا آھن، مريضن سان پيار سان پيش اچن ٿا، مريضن کي سٺيون دوائون به ادارو فراھم ڪري ٿو، غريب ماڻھو جتي ڊليوري لاءِ پئسا اڌارا وٺي ڪرائيندا ھئا، اتي پي پي ايڇ آءِ 24 ڪلاڪـ ڊليوري سسٽم کي چالو رکيو آھي ۽ جيڪي ڪمزور ٻارڙا کاڌ خوراڪ جي کوٽ جي ڪري ڪمزور ھئا اتي ھن اداري نيوٽريشن پروگرام رکيو آھي جيڪي ڪمزور ٻاڙن جي واڌ ويجھه لاءِ طاقت جون پڙيون ڏيندا آھن، جيڪي ٻاڙ استعمال ڪرڻ کان پوءِ باقائدا صحتمند ٿي ويندا آھن، ڌڻي در دعا آھي ته ھي ادارو ايئن ئي ڪاميابيون ماڻيندو رھي.
احسان عيسيٰ ٻجورو/ٻيلو، سجاول
علي بحر واهه ۾ پاڻي ڇڏيو!
مهيني کان بند پيل علي بحر واهه ۾ پاڻي ڇوڙ نه ڪيو ويو آهي جنهن ڪري هزارين ايڪڙ فصل سڪي تباهه ٿي ويو آهي پر اڃا تائين ڪنهن اک نه پٽي آهي، هاري طبقو سخت پريشان آهي، آبادگارن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، هاري پوکي تي ڪيل محنت جي اجوري لاءِ 6 مهينن کان سال تائين جو انتظار ڪن ٿا پر اهو به کين نه مليو، فصل جي پوکائي تي ڪيل خرچ ۽ ان کي ڏنل ڀاڻ جو ڪاٿو لڳائجي ته مڙيئي ڪجهه داڻا سندن مٺ ۾ بچن ٿا پر انهن تي به وياج خورن جون نظرون کتل هجن ٿيون. سياسي پهچ رکندڙ بااثر ماڻهو واهن کي پنهنجي مرضي موجب بند ٻڌن ٿا پر تنهن هوندي به هاري ايڏا سور سهندي چندو گڏ ڪري انهن بکين جو پيٽ ڀرين ٿا جيڪي پئسن خاطر واهه جو پاڻي بند ڪيون ويٺا آهن، انهن جو پيٽ ڀرڻ کان پوءِ ڳالهه اڃا ختم ڪٿي ٿي ٿئي، پاڻي اچڻ کان اڳ وري سرڪار پاران واهه تي ويهاريل داروغا ۽ بيلدار وري ڪجھ ٽڪن لاءِ دڪا لڳائين ٿا يا وري رشوت خاطر پاڻي پئسن تي کپائي ڇڏين ٿا، مطلب ته هتي سڄي مينهن ڪاري پئي نظر اچي پر انهن کان ڪير پڇڻ وارو ناهي، ڪير هارين جي دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، آخر ڇو ڏينهنون ڏينهن غريبن جو حق انهن کان زوري کسيا پيا وڃن؟ اسين سي ايم سنڌ کي پرزور اپيل ٿا ڪريون ته نوٽيس وٺي علي بحر واهه ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرايو وڃي، باقي بيلدارن ۽ داروغن کي ٿوري ڇنڊ پٽيو ته پاڻي خدا جي نعمت آهي انهن کي عوام لاءِ زحمت نه بڻيايو وڃي.
غلام حيدر شر/سوئي گئس
سنڌ جي تعليم خاص ڌيان جي طلبگار آهي!
ٻارڙا هر شيءِ ۾ وڌيڪ دلچسپي ڏيکارين ٿا پر پڙهائي ۾ نه، ڇو ته اسان جي سوسائٽيز جي اسڪولن جو ماحول شاگردن لاءِ سازگار ناهي، اسڪول جو انفراسٽرڪچر ٽٽل هوندو آهي، جيتوڻيڪ تعليم کاتي کي ٻارن کي سهولت فراهم ڪرڻ گھرجي، تنهن هوندي به اهي پنهنجيون ذميواريون محسوس نٿا ڪن. خواندگي جي شرح وڌائڻ سان ترقي يافتا ملڪن جي معيشت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي آهي. اسان کي پنهنجي معاشري جي اسڪولن جي بنيادي شين جو خيال رکڻو پوندو، جتي اسان جا ٻار بهترين تعليم تائين رسائي حاصل ڪري سگهن، اسڪولن کي تجربيڪار استاد فراهم ڪيا وڃن جيڪي شاگردن کي هر حالت ۾ مسڪرائيندڙ چهري سان تعليم ڏين، جيئن هو محسوس ڪن ته هو پنهنجي ٻارن کي پڙهائي رهيا آهن ۽ انهن کي والدين جيان پڙهائين ۽ انهن کي ليڪچر ڏين. اسڪولي ماحول کي ٽيڪنالاجي سان ملايو وڃي، جيڪڏهن آءِ ٽي کاتي جي فني سهڪار اسڪولن سان هجي ته اسڪول اڄ جي صورتحال کي منهن ڏئي ويندا. اسان پنهنجو وقت نه وڃايون، جيڪڏهن هر شاگرد لاءِ ڊجيٽل ڪلاسز جو بندوبست ٿيل هجي، جيڪي شاگرد غريب خاندانن سان تعلق رکن ٿا ته اهو قدم لازمي طور تي اپنائي سنڌ جي شاگردن کي سٺي تعليم ڏئي سگھجي ٿي.
محمد اسماعيل لغاري/ سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي ڪراچي
سيپڪو چيف نوٽس وٺي!
گرمين جو زور وڌندو پيو وڃي، ايندڙ مهينا جون ۽ جولاءِ جا آهن پر هينئر کان ئي گرمي وڌڻ سا گڏوگڏ لوڊشيڊنگ جو آزار پڻ وڌايو ويو آهي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪري ماڻهن کي پريشان ڪيو پيو وڃي، لوڊشيڊنگ 24 ڪلاڪن ۾ 8 کان 10 ڪلاڪ جاري آهي، لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽايو وڃي، 24 ڪلاڪن اندر وڌ ۾ وڌ 4 کان 6 ڪلاڪ ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ جو بجلي نه هجڻ ڪري زندگيءَ جو ڪم ڪار وڌيڪ متاثر ٿئي ٿو، گهرن ۾ گرميءَ سبب بجلي نه هجڻ ڪري پريشانين ۾ اضافو ٿئي ٿو، بار بار بجلي بند هجڻ ڪري ۽ واپڊا وارن کان معلوم ڪرڻ کان پوءِ عوام کي اهو ٻڌايو ويندو آهي ته بجلي جا فالٽ وڌي ويا آهن جيڪي دور ڪيا پيا وڃن، پر اصل ۾ ايئن هوندو ناهي، فالٽ دور ڪرڻ بهاني مڙئي لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي آهي، هن خط ذريعي سيپڪو چيف کي گذارش ٿي ڪجي ته ضلعي سکر ۽ پنوعاقل شهر ۾ غيرضروري لوڊشيڊنگ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽايو وڃي، هن وقت لوڊشيڊنگ جي غيرضروري آزار سان گڏ بجلي به مهانگي ڪئي وئي آهي، لوڊشيڊنگ جي ڪري هر ڪنهن جو ڪم ڪار وڌيڪ متاثر ٿيڻ سان گڏ پريشانين ۾ اضافو پڻ ٿي رهيو آهي.
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل
بي ايڇ يو شامل انڙ اسپتال کي ايمبولينس ڏيو!‎
ضلعي شھيد بينظيرآباد تعلقي سڪرنڊ جي پي پي ايڇ آءِ صحت مرڪز شامل انڙ ۾ علائقي جو وڏو مسئلو ھي آھي ته 35 کان 40 ھزار آبادي رکندڙ ڳوٺ صحت جي سھولتن کان وانجھيل آھن، ڪيترن ئي سالن ھتان جي ماڻھن جو مطالبو رھندو آيو آھي ته بي ايڇ يو شامل انڙ ۾ صحت جي اڻ ھوند کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ ھن اسپتال کي ھڪ ايمبولينس جي سھولت پڻ ڏني وڃي، ڪنھن به ايمرجنسي جي صورت ۾ ھتان جو عوام تمام گھڻين ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پوي ٿو، ايمبولينس نه ھجڻ ڪري مريض کي سڪرنڊ يا نوابشاھ پھچائندي پھچائندي وچ ۾ ڪيتريون ئي انسانيون جانيون زيان ٿي وڃن ٿيون، جڏھن ته اسان جي تڪ جا ايم اين اي، ايم پي اي عوام جي ووٽن تي چونڊجي آيل چونڊيل نمائندن جي پنھنجي پنھنجي ڳوٺن جي اسپتالن ۾ سھولت ته موجود آھن باقي تڪ جو عوام ڀلي ڌوڙ وڃي پائي، ووٽ وٺڻ مھل گھر گھر وڃي ووٽ وٺي پوءِ اسيمبلين ۾ وڃي 5 سال وڃي آرام ڪندا آھن، بيسڪ ھيلٿ يونٽ شامل انڙ اسپتال کي ڇو نظرانداز ڪيو ويو آھي، جڏھن ته تڪ جا چونڊيل نمائندا اسپتال جي ڀرسان گذرن ٿا ڪڏھن به اسپتال ۾ اندر لھي اسپتال جي سھولت بابت پڇا نه ڪئي آھي، اسپتال جي علائقي جو عوام سان لاڳاپيل اختيارن ھيلٿ منسٽر عذرا فضل سيڪريٽري ھيلٿ سنڌ ڊي جي ھيلٿ ڊپٽي ڪميشنر ۽ ڊي ايڇ او ھيلٿ شھيد بينظيرآباد کان پڇڻ سان گڏوگڏ اھو به عرض ٿا ڪريون ته اسپتال کي ھڪ ايمبولينس ڏئي ھتان جي رھواسين جو جائز مطالبو پورو ڪيو وڃي.
منظور علي زرداري/ڳوٺ گھنڊيا
تنھنجي وئي کان پوءِ منھنجو شھر ويڳاڻو آ!‎
خدا تعالي ڌرتي تي جيڪا مخلوق پيدا ڪئي آھي سڀني جو پنهنجو الڳ الڳ رتبو آھي پر رب تعاليٰ انسان کي اشرف المخلوقات جو رتبو عطا ڪيو، خدا تعاليٰ اھڙا ڪيترائي انمول ماڻھو پيدا ڪيا جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طريقي انسان ذات جا ھمدرد مسيحا بڻجن ٿا اھڙو ئي انمول ھيرو اسان جي شھر کي ڊاڪٽر جي روپ ۾ مرحوم الھبچايو سوھو عطا ڪيو جنهن پنھنجي زندگي جا ٣ سال غريب، بي پھچ ماڻهن جو علاج ڪندي ارپي ڇڏي، جنهن جي خانگي ڪلينڪ غريب، بي پھچ ماڻھن لاءِ ڪنهن سرڪاري اسپتال کان گھٽ نه هئي، ٻيلي شهر ۾ سرڪاري سول اسپتال کان وڌيڪ علاج لاءِ ايندڙ مريضن جي رش ڊاڪٽر الھبچايو جي ڪلينڪ تي نظر ايندي، جيتري خدا تعاليٰ ھن جي ھٿ ۾ شفا بخشي ھئي پاڻ به ان جو ڀرم رکندي غريب بي پھچ مريضن کي پنھنجي ڪلينڪ جي فيس معاف ڪرڻ سان گڏ انهن کي دوائون وغيره پنهنجي کيسي مان وٺي ڏيندو ھو، پر خدا جي حڪم اڳيان ڪير ڪڇي، ايئن ئي ڊاڪٽر الھبچايو اسان کي اڪيلو ڇڏي پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليو، جنهن جو خال ڀرڻ ڏکيو آهي، ڌڻيءَ در دعا آهي ته کيس جنت الفردوس جو اعليٰ مقام عطا فرمائي. 
ڇا کڻي ويندي، زماني مان اي کڻڻ وارا،
کڻي پاڻ کي نه سگھندي،
ھوندئي ٻيا کڻڻ وارا.
مشاھد حسين ٻجورو/ ٻيلو سجاول
سنڌ ۾ ڀڙڪيل قبيلائي تڪرارن جو ذميوار ڪير؟
اتر سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار ڀڙڪي پيا آهن، سنڌ جي مختلف ضلعن ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، شڪارپور ۽ خيرپور ضلعن ۾ قبيلائي جھيڙا ھلندڙ آھن، جنھن ڪري ڪيتريون ئي انساني جانيون زيان ٿي رھيون آهن، ڪيترين ئي مائرن جون جھوليون خالي ٿي چڪيون آھن، ڪيترين ئي ڀينرن جا ڀائرن مارجي چڪا آھن، ڪيترين ئي ونين جا ور جھيڙن ۾ جو شڪار ٿي ويا آھن ۽ ڪيترائي معصوم ٻار يتيم ٿي چڪا آھن، جيھڙا، جنگيون انسان جي نابالغي واري دور جون خطرناڪ علامتون آھن، جھيڙن ۾ شھرن جا شھر، ڳوٺ توڙي علائقا ويرا بڻجي ويندا آھن، جتي جھيڙا شروع ٿيندا آھن اتي خوف وارو ماحول ھوندو آھي، جيھڙن ۾ شھرن جو امن تباھ ٿي رھيو آھي، جھيڙن جي شروعات معمولي ڳالھ تان ٿئي ٿي، انھن ۾ سوين بيگناھ ماڻھو ماريا ويندا آھن، جھيڙا انساني وجود لاءِ قاتل آھن، جنھن ڪري سنڌ جو امن خراب ٿي رھيو آھي، ھونئن ته سنڌ صوفين جي ڌرتي طور تي سڃاتي ويندي آھي پر جڏھن قبيلائي تڪرارن واريون خبرون ۽ رت ۾ لت پت لاشن جون تصويرون اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي نظر اينديون آهن ته جيءُ جھري پوندوآهي، منھنجي سھڻي سنڌ جيڪا امن جو ڳھوارو ھوندي ھئي، سنڌ جي امن کي ڪنھن  جي نظر لڳي وئي جو قبيلائي تڪرارن  ۾ 9، 9 جنازا پيا کجن، تازو ڪشمور واري پاسي جھيڙو ٿيو، ان ۾ 9 کان وڌيڪ ماڻھون مارجي ويا، اھڙي جيھڙي جيءُ جھوري وڌو آھي، ڇا قبيلائي تڪرارن کي ٻجو ڏيڻ انتظاميا جي وس کان ٻاھر آھي يا حڪومت جھيڙيندڙ کي ڍر ڏئي ڇڏي آهي، اسان سياسي سماجي ڌرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اپيل ٿا ڪريون ته قبيلائي تڪرارن کي ٻنجون ڏيڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن انساني جانيون زيان ٿيڻ کان بچي سگھن ۽ شھرن جو امن بحال رھي.
وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور
سنڌ حڪومت ڪجهھ نه ڪندي، وفاق ڪو قدم کڻي!
ڪراچي ۾ جڏهن به استاد، ماسترياڻيون، ڪلارڪ يا ڪي ٻيا سرڪاري ملازم پنهنجي جائز حقن لاءِ احتجاج ڪن ٿا ته حڪومت طرفان مٿن لٺبازي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ پوليس گردي جو ڀرپور مظاهرو ڪيو ويندو آھي يا وري لاڪ ڊائون ۾ ڪو دڪاندار، ٽرانسپورٽر، شريف شھري حڪومت طرفان لاڳو پابندين تي عمل ناهي ڪندو ته حڪومتي رٽ کي بحال ڪرائڻ لاءِ انهن خلاف سخت قدم کنيو ويندو آھي پر افسوس ۽ ڏک جهڙي ڳالھ آھي ته اتر سنڌ جي علائقن گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد سميت علائقا غير بڻيا پيا آھن، روزانون ڌاڙيل ڪيترا ئي ماڻھو اغوا ڪري ڀنگ وٺي ڇڏي ٿا ڏين ۽ اهي ڌاڙيل وري سوشل ميڊيا جو سرعام استعمال به ڪن ٿا، جيئن تازو موهن لال واري وڊيو جاري ٿي، جڏهن ڪيترائي ڀيرا ڌاڙيلن طرفان جديد هٿيارن سان ليس ٿي پوليس کي سرعام ڌمڪين جا وڊيوز سڀني ڏٺا ۽ تازو ڪنڌڪوٽ ۾ هڪ گم ٿيل مال جي ڳولا ڪندي هڪ ئي برادري جي 9 ڄڻن کي مارڻ وارو واقعو ٿيو آھي پر سنڌ پوليس حرڪت ۾ نه آئي، بس سدائين جيان روايتي ڪارروائي ڪئي وئي، سوچڻ جهڙي ڳالھ آھي ته ڌاڙيل وڊيو جاري ڪن ٿا ۽ موبائيل تي ڳالهائڻ لاءِ نيٽ ورڪ جو استعمال ڪن ٿا ته ڇا پوليس انهن جي ڪال ٽريس ڪري نٿي سگهي؟ پر اصل ڳالھ جيڪا اسان کي سمجھ ۾ اچي ٿي ته اهو سڄو علائقو سردارن، ڀوتارن، وڏيرن حوالي ڪري پوليس کي به انهن جي ئي ماتحت ڪيو ويو آھي ۽ سردارن وري ڌاڙيل پالي رکيا آھن جيڪي سندن چوڻ تي ڪم ڪن ٿا، ان ڪري منهنجي وفاقي حڪومت کي گذارش آھي ته ان سلسلي ۾ سردارن ۽ ڌاڙيلن خلاف سخت قدم کڻي باقي سنڌ حڪومت ڪجھ به نه ڪندي، اها صرف استادن، شھرين ۽ سرڪاري ملازمن خلاف پنهنجي رٽ بحال ڪرائڻ ۾ پوري آھي.
محمد خالد ميمڻ/ڦل
ھر طرف تشدد ۽ تعصب ئي تعصب آ!‎
بدقسمتيءَ سان اسان جن شين کان پرھيز ڪريون ٿا، نفرت ڪريون ٿا اھي ئي شيون اسان جي ڳچي ۾ پونديون رھن ٿيون، اھو سڀ ڪجھ لطيف سائين، سچل سرمست، صوفي شاھ، کان ويندين سڀني سنڌ جي صوفي بزرگن ۽ شاعرن جي ڏسيل راھ جي ابتڙ آھي، ڇو جو سنڌي امن پسند قوم آھي پر جڏھن به ھن قوم يا ڌرتي تي ڪنھن ميري نظر سان نھاريو آهي تڏھن ھر دور جي تاريخ ۾ ڪڏھن ھوشو جي روپ ۾، ڪڏھن دولهه درياهه خان، ڪڏھن مخدوم بلاول ته ڪڏھن وري دودو ۽ روپلو بڻجي پاڻ اڪيلي سر جھڪڻ بجاءِ لکن جي انگ ۾ دشمنن کي گوڏا کوڙائي قوم جو ڳاٽ اوچو رکيو آهي پر افسوس جو ھن وقت سنڌ ۾ وڌندڙ قبيلائي جھيڙا سنڌ لاءِ زھر بڻجي ويا آھن، ڪورٽون ۽ قانون به رئيسن اڳيان بيوس آهن، جيڪو ڏاڍو سو گابو آهي، وڏيرڪي طبقي سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي، سنڌ پوليس ۾ جتي ڪرپٽ آفيسر پئسن تي ڪيس لوڙھي ڇڏين ٿا ته ڪيترائي کاتي جا ايماندار ماڻھو به موجود آھن پر بدقسمتي اھا آهي جو پوليس به آزاد ناھي، اغوا جا ڪيس ھجن، ريپ جو معاملو ھجي يا قبيلائي جھيڙا هجن سڀن جو صفايو تڏھن ممڪن آهي جڏھن اسان جون عدالتن ۽ آفيسرن کي مڪمل آزادي مليل ھوندي، باقي ڪو ڏوھاري ٿاڻي تي اڃا مس ٿو پھچي ته سياسي رئيس ڪنھن حد جي ايس اڇ او کي فونون ڪري ڏوھاري جون پارتون ٿا ڪن، ظاھري ڳالھ آ ھر ڪنھن کي پنھنجي روزي به ڪرڻي آ، ان ڪري جيستائين انھن خلاف ڪارروائي ڪندڙ ادارن کي مڪمل آزادي نه ملندي ۽ ھر مسئلي ۾ ڀوتار روڙا اٽڪائيندا تيستائين اھي جھيڙا جھٽا، ريپ، اغوائون ۽ ٻيا مسئلا گھٽجڻ بجاءِ وڌندا رھندا، ”ھر طرف تشدد ۽ تعصب ئي تعصب آ، افسوس امڙ سنڌ جي، ڪئي ڪنھن نه حفاظت آ”
رياض امر ٻجورو/سجاول