بينظير ڀٽو جو خاندان جي سياسي تاريخ رت سان ڀريل آھي!

                  ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڀٽو خاندان جي سياسي تاريخ رت سان ڀريل آهي پاڪستان جي سالميت ۽ استحڪام جي دشمن ماڻهن بينظير ڀٽو کي شهيد ڪري سندس جسماني وجود کان ته نجات حاصل ڪري ورتي پر هن جي مقبوليت ماڻهن جي دلين تي حڪمراني سندس طلسماتي ۽ ڪرشماتي شخصيت کي اڄ به مٽائي نه سگھيا آهن بينظير جيڪا ڪراچيءَ ۾ ڄائي ريڊ ڪلف ۽ هارورڊ يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم بعد آڪسفورڊ يونيورسٽي مان سياست اقتصاديات ۽ فلسفي ۾ اعليٰ ڊگري حاصل ڪيائين ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ئي بين الاقوامي قانون ۽ سفارتڪاريءَ جو ڪورس مڪمل ڪيائين بينظير ڀٽو ٻه ڀيرا پاڪستان جي وزير اعظم بڻي، بينظير ڀٽو جي زندگيءَ تي نظر ڊوڙائبي ته سندس زندگي مصيبتن پريشانين غمن ۽ المن مان ڀري پئي آهي، هن پنهنجي والد کي آمرن ۽ جابرن هٿان شهيد ٿيندي ڏٺو ۽ هي اهو وقت هو جڏهن بينظير ان قسم جو شديد صدمو برداشت ڪرڻ جي عمر ۾ نه هئي اهو ڪو معمولي واقعو نه هو جو اسلامي دنيا جي هڪ عظيم ليڊر کي هڪ عدالتي قتل ذريعي ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو، پنهنجي والد جي شهادت کان هڪ ڏينهن اڳ هن پنهنجي پيءُ سان ٿيل آخري ملاقات ۾ سندس جدوجهد کي جاري رکڻ جو وچن ڪيو هو ۽ بعد ۾ هن ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ وقت جي ظالم حاڪمن سان مهاڏو پڻ اٽڪايو، بينظير ڀٽو جي ڪيل آخري تقرير نهايت ئي اهم آهي، سندس تقرير جو هڪ هڪ لفظ اڄ به ماڻهن جي ذهن ۾ گونجي رهيو آهي، محترمه بينظير پنهنجي آخري تقرير ۾ به پنهنجي ملڪ کي سامهون آيل خطرن طرف اشارو ڪندي چيو هو ته “اوهان جو ۽ منهنجو ملڪ خطري ۾ آهي، سهڻي ڌرتي مون کي سڏي رهي آهي ۽ اسان دهشتگردن آڏو هٿيار ڦٽا نه ڪنداسين، قبائلي علائقن ۾ پاڪستاني جھنڊو سدائين ڦڙڪندو رهندو.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

محترمه بينظير ڀٽو جي زندگي ۽ سندس ڇڏيل سياسي ورثو!

  محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان نه پر دنيا جي انهن عظيم ليڊرن ۾ شامل رهي آهي جن ملڪن وقار ۽ عظمت خاطر پنهنجي جان ڏيڻ کان نه ڪيٻايو، بينظير ڀٽو ان خاندان جو رت هئي جنهن خاندان جاني توڙي مالي قربانيون ڏئي تاريخ جي سونهري اکرن ۾ پنهنجا نالا لکيارا آهن، پاڪستان کي سموري دنيا سان روشناس ڪرائيندڙ ۽ گڏيل قومن جي اداري ۾ پاڪستاني قيادت کي سڃاڻ ڏياريندر واحد عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو صاحبه هئي، 1979ع ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان هڪ جڙتو قتل ڪيس ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي ۽ کيس ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو. 14 آگسٽ 1983ع ۾ بينظير ڀٽو جدوجهد جي شروعات ڪئي ۽ 1984ع دوران بينظير ڀٽو کي آزاد ڪري معاهدي طور پرڏيهه موڪليو ويو پر پارٽي قيادت مٿس اعتماد ڪندي کيس چيئرپرسن طور چونڊيو ۽ اپريل 1986ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو وطن واپس آئي ته لاهور ايئرپورٽ تي سندس تاريخي استقبال ڪيوويو. بينظير ڀٽو 1987ع ۾ آصف علي زرداريشان نڪاح ڪيو، شاديءَ بعد هن پنهنجي سياست کي زور وٺرائڻ لاءِ جدوجهد جاري رکي، اها مڃيل حقيقت آهي ته جيڪي حڪمران عوام سان گڏ هوندا آهن انهن جي جنت عوام ۾ هوندي آهي، ان ڪري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نياڻي سچ چئي وئي آهي ته جمهوريت جو اصل رشتو عوام سان آهي، آخر ڪار هوءَ راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ تقرير ختم ڪري واپس وڃي رهي هئي ته مٿس پويان وار ڪري پلاننگ تحت شهيد ڪيو ويو، اهو نڀاڳو ڏينهن 27 ڊسمبر 2007ع هو، 14 سال گذرڻ باوجود اڄ به شهيد محترمه بينظير ڀٽو عوام جي دلين تي آهي تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شهيد محترمه صاحب جي ڇڏيل سياست وارو ڪردار پاڪستان جي موجود سياسي اڳواڻن لاءِ رهنمائي آهي، سندس ڇڏيل سياسي ورثي مان سکڻ ۽ سمجھڻ جي ضرورت آهي.

غلام رحيم جوڻيجو موکار/مٺي

27 ڊسمبر سنڌ جي امر راڳي جي دردناڪ وڇوڙي جو ڏينھن!‎‎

  27 مئي 1958ع ۾ خيرپورميرس جي شھر پريالوءِ ۾ جنم وٺندڙ سرمد سنڌي جو اصل نالو رحمان مغل ھو، ھن بنيادي تعليم  اتان ئي حاصل ڪئي، ھي شخص نه رڳو  فنڪار ھو پر ھن کي پروفيشنل انجئيرنگ جي ڄاڻ ھئڻ سان گڏ ھو سيد جو پوئلڳ کيس قومي ڪارڪن سنڌ جي حلالي پٽ قومي راڳي ھئڻ جو اعزاز پڻ بخشيو. سرمد سنڌي ڪيترن ئي صوفي ۽ قومي شاعرن کي ڳايو جن ۾ ڀٽ ڌڻي، سچل سائين، بلي شاهه، شيخ اياز، استاد بخاري، ادل سومرو، حليم باغي، آڪاش انصاري، اياز گل، غفار تبسم، سميع بلوچ، ابراھيم منشي زاھد شيخ ۽ قاصر نواز جھڙا وڏا نالا شامل آھن، سرمد پاران ڳايل اياز جو ھي ڪلام ”ڪنڊيءَ نه سنڱري، ٻٻر نه پلڙو” شيخ اياز پاڻ ڪنھن ھنڌ چيو ته ھن نوجوان جو ھي ڳايل ڪلام ۾ سندس آواز لڱ لڱ ڪانڊاري ڇڏيندو آھي ۽ اياز پاڻ به اھو ڪلام وري وري ٻڌندو ھو. سچ اھو آھي ته سرمد سنڌي جنھن مارشل لا جھڙي دور ۾ سنڌ جو نالو کڻڻ مسئلو ھوندو هو تنھن وقت به ھن وڏي بھادري سان قومي گيتن ذريعي سنڌ جي جھرجھنگ جي ماڻھن کي شعوري طور اتساهه بخشيو، سرمد جي ھر ڪلام ۾ ڌرتي سان محبت ۽ انسانذات جي ڀلائيءَ جو سبق آھي، پوءِ قومي يا رومانٽڪ ڪلام ڇو نه ھجي. سرمد ٿوري وقت ۾ وڏي مشهوري ماڻي، هن سنڌ جي اٻوجھه ماڻھن سان ھن جي گھڻي لڳندي ھئي، سندس مڌر آواز جي لھر به اھڙو ڄڻ ڪارونجھر جي چوٽي تي تي چڙھڻ جو تصور ذھن تي ٺھي پوندو آھي. 27 ڊسمبر 1996ع جي اڀاڳي ڏينھن تي ٺٽي سجاول کي ويجھو ديوان شگر مل وٽ روڊ حادثي ۾ ھو ظاھري طور سنڌ کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويو پر سندس ڪردار ۽ آواز اڄ به زندهه آھي، سرمد جو ڳايل آخري ڪلام “جڏھن ھن دنيا مان گذاري وينداسين” جيڪو سندس ئي وڇوڙو پوري سنڌ کي روئاڙي ويو.

رياض امر ٻجورو/ ڳوٺ ابراھيم ٻجورو، سجاول

ٽرانسپورٽرن جي عوام کان لٽمار کي ٻنجو ڏيو!

  توهان جڏهن به بس ۾ ڇڙهندا ته ڪو نه ڪو ڪنڊيڪٽر جي تيز لهجي جو ڪو نه ڪو شڪار ٿيندو، بلڪل خاص ڪري اسڪولي شاگرد جيڪي ڪرايو آهستي آهستي کيسي مان ڪڍندا آهن، تنهن جي وچ ۾ ڪنڊيڪٽر کين دڙڪا داٻا ڏيندو آهي، ٽرانسپورٽ عملي جي هڪ هي بدمستي آهي ته نيوڇور کان عمرڪوٽ 25 کان 28 ڪلوميٽر مس ٿيندو، ايتري پنڌ جو ستر رپيا ڪرايو ورتو پيو وڃي، جي ڪو ماڻهو پڇا ٿو ڪري ته جواب ٿو ملي ته هلڻو آهي ته ڪرايو پورو ڏيو جي نه ته ڀلين لهي وڃ، جڏهن ڊيزل جي اگھگه وڌڻ سان توهان ڪرايو وڌايو ٿا ته ڊيزل جي اگهن ۾ لاٿ اچڻ مهل ڪرايو گهٽايو ڇو نٿا؟ پر افسوس نيوڇور کان عمرڪوٽ لائين تي هلندڙ ٽرانسپورٽرن پاران ڪراين ۾ ڪڏهن به گهٽتائي ناهي ڪئي وئي، هر ڪو پنهنجي مرضي ڏيکاري عوام کان من پسند ڪرايو وٺن ٿا، اسڪولي شاگردن کي بخش نٿو ڪيو وڃي، آخر هنن خلاف قدم ڪڏهن ۽ ڪير کڻندو؟ ان جو انتظار عوام ڪري رهي آهي، اعليٰ انتظاميا حقيقي ڪرائي تي عمل ڪرائي عوام کي لٽجڻ کان بچائي.

ڪاشف جوکيو/نيوڇور

معذورن کي قانون ۽ ڪوٽا تحت حق ڏنا وڃن!

  دنيا جي ٻين مُلڪن ۾ عام ماڻهو جي وڏي اهميت آهي، اتي ڄمندڙ ٻار جي پالنا ته والدين ڪن ٿا پر ان جي تعليم ۽ ٻين ضروري گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ سرڪار اڳڀري هوندي آهي، ڇو جو انهن جي مُلڪ لاءِ هر مرد، عورت، ٻار جي اهميت آهي، ان لاءِ سرڪار ان ڪوشش ۾ هوندي آهي ته قانون موجب پاڻ به عمل ڪريون ۽ شهري کي به عمل ڪرايون، ان مقابلي ۾ اسين سوين سال پوئتي آهيون، هتي حق ملڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، ڇو جو هتي عام ماڻهو سان گڏ معذورن کي به حق نٿا مِلن، معذورن جي قومي شناختي ڪارڊ تي“ويل چيئر” جو ليبل لڳل هوندو آهي ۽ ان تي انگريزي ۾ لکيل هوندو آهي “اسپيشل پرسن” ان معذور کي سنڌ ۾ حق نٿا ملن، سنڌ جي معذورن جو تعداد هزارن ۾ آهي، جن لاءِ حڪومت 5 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪئي آهي، ان ڪوٽا تي معذورن کي سرڪاري نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ٿيل آهي، سوين معذور پني پيٽ پيا پالين، ڪي ڪيبن پيا هلائن ته ڪي وري نوڪرين ۾ اپلاءِ ڪري ڪري دوستن کان ورتل مدد جا پئسا پيا کپائن، رڳو ان آسري تي ته اسان معذور آهيون ۽ اسان کي پنهنجو حق ملندو پر حقيقت اها آهي ته سواءِ ڌِڪن جي انهن کي ڪجھه نصيب نٿو ٿئي، حڪومت اکيون هوندي بي نور آهي، کوڙ آيل بجيٽن ۾ اعلان ڪيا ويندا آهن ته معذورن جي جلد پريشاني ختم ڪئي ويندي پر جيڪا حڪومت 5 سيڪڙو ڪوٽا تي روزگار نٿي ڏئي سگهي اها سرڪار تعليم يافتا نوجوانن کي ڇا ڏئي سگهندي؟ اکين، ڄنگهن، پيرن کان لاچار بڻيل سنڌ جا معذور نوجوان ۽ نياڻيون ٻين جي اڳيان هٿ ٽنگڻ تي مجبور آهن. سنڌ حڪومت کي اپيل آهي ته سنڌ جا معذور انتهائي تڪليف مان گذرن پيا، جمهوريت به انهن جي ڪا مدد نه پئي ڪري پر انهن کي 5 سيڪڙو ڪوٽا تي سرڪاري نوڪري به نه پئي ملي، سنڌ جو وڏو وزير اعلانيل معذور ڪوٽا تي جلد عمل ڪري، فرض ۽ انسانيت ناتي معذورن کي پنهنجا حق ڏئي.

درياءُ خان جهتيال/دادو

دادو پوليس کاتي ۾ ويزائن جو آزار!

  دادو ضلعي پوليس کاتي ۾ ويزائن جو آزار ايترو ته وڌي ويو آهي جو کاتي مان غريب ماڻھن کي انصاف ملڻ جي ڪا به اميد نظر نٿي اچي، ويزائن جي رعايت سبب سڄي ضلعي اندر نفري جو گهٽ ھجڻ بدامني جو ڪارڻ بڻجي ويو آهي شهر توڙي ٻھراڙين جي پوليس ٿاڻن ۾ نفري نه هئڻ جي برابر مقرر ٿيل آهي، جتي سهولتن جي کوٽ سميت ٻين مسئلن جو جواز ڏئي عملدار ڊيوٽين تي اچڻ لاءِ تيار ئي ناهن، صدر ٿاڻن تي به ڪو عملو نظر نٿو اچي، اوچتو ڪنهن اڻوڻندڙ واقعن تي ضابطي لاءِ پوليس ٿاڻن ۾ ڪٿي به نفري موجود نه هوندي آهي، جنهن سبب دادو ضلعي ۾ بدامني جون واردتون ٻهراڙين توڙي شهرن ۾ وڌي ويون آهن. نفريءَ جي کوٽ سبب راتين وقت گشتي ٽيمون نه هجڻ ڪري روڊ رستا غير محفوظ ٿيندا پيا وڃن، جنهن جي اصل ذميواري پوليس جي اعليٰ اختيارين تي لاڳو ٿئي ٿي، جيڪي پنهنجي کاتي کي عوام جي تحفظ خاطر نه پر سياسي مفادن ۽ سفارشن تحت هلائي رهيا آهن. سفارشن تي مقرر ٿيل پوليس عملدار کي صرف ڏوڪڙ ڪمائڻ جو فڪر رهي ٿو، ايتري قدر جو ٿاڻا پئسن تي وڪيا وڃن ٿا، جنهن سبب سماجي براين ۾ واڌ جهڙا مسئلا ختم ٿيڻ بجاءِ انهن کي هٿي ملي وڃي ٿي ۽ سڄي ضلعي ۾ سوين پوليس اهلڪار ويزائن واري رعايت ملڻ ڪري پوليس کاتي ۾ به ڊيوٽي تي حاضر ڄاڻايا پيا وڃن ته اهي پنهنجا ذاتي ڪاروبار به ڪري رهيا آهن پر عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي انهن کي ڪا پرواهه ناهي، پوليس کاتي ۾ اهڙي ناقص ڪارڪردگي سبب سوين ٿاڻا انتظاميا کان خالي ۽ نالي ماتر هلي رهيا آهن، پوليس جي ڪارڪردگي بهتر ٿيڻ بجاءِ روز بروز خراب ٿي رهي آهي، جنهن جو وڏو اثر غريب عوام تي پئجي رهيو آهي. آءِ جي سنڌ کي گذارش ٿي ڪجي ته دادو ضلعي ۾ پوليس جي ناقص ڪارڪردگي ۽ ويزائن تي ويٺل عملدارن خلاف فوري طور ڪارروائي ڪري عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن.

محمد اسماعيل لانگاهه / ڊرگھه بالا ڪاڇو

ڪاڇي ۾ مريداني جمالي جا تاريخي مقبرا!‎‎

  ڪاڇي ۾ ھي ٽوٽل يارھن ننڍا توڙي وڏا مقبرا آھن ۽ پنجاهه کان وڌيڪ پڪيون قديم چيرولي ۽ پڪين سرن توڙي پٿرن سان پڪيون ٿيل سوين ٻيون قبرون آھن، ھي قديم مقبرا تعلقي جوھي ۾ واقع آھن، مريد خان اول ۽ ڏاتل خان اول جي نالن سان منسوب ٿيل مقبرا وقت جي سرد گرم موسمن سان مھاڏو اٽڪائيندي جھيريل حالت ۾ سينو ساھيو بيٺا آھن. قديم مقبرن اندر چٽسالي ھاڻي مٽجي چڪي آھي ۽گھڻو ڪري سڀئي مقبرا جھري ڊھي چڪا آھن ته ڪن قبرن کي ماڻھن دولت خاطر ھٿراڌو کوٽي انھن جي تاريخي حيثيت سان ھٿ چراند پڻ ڪئي آھي. صرف ھڪ مقبري کي مقامي جمالين لوھي دروازو لڳائي ان کي مٽي ڌوڙ توڙي جانورن کان ڪنھن قدر محفوظ ڪيو آھي، سائيٽ ڏسڻ جھڙي آھي، سنڌ سرڪار توڙي ثقافت سياحت کاتي جا بالا عملدار ھنن قديم ورثن جي مالڪي ڪن نه ته ڪجھه ئي سالن اندر ڪاڇي جي مختلف ڳوٺن ۾ موجود سوين سال قديم تاريخي مقبرا ختم ٿيڻ جي ويجھو آھن، هي تاريخي قديمي مقبرا آهن جيڪي سنڌ جي جو قيمتي ورثو آهن.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي

گهوٽڪي جي عوام کي بنيادي سهولتون ڪڏهن ملنديون!

  جيئن ته صحت، تعليم ۽ روڊ، رستا، روزگار عوام جو بنيادي حق آهي پر سنڌ ۾ پ پ پ حڪومت وڏي عرصي کان عوام لاءِ بنيادي سهولتون اڻلڀ بڻائي ڇڏيون آهن، ڪو به ادارو پنهنجو فرض پورو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هر پاسي ڪرپشن ديرو ڄمائي ڇڏيو آهي، عوام جا اهنج ڏينهون ڏينهن وڌندا ٿا وڃن. خاص طور تي سنڌ حڪومت گهوٽڪي ضلعي کي مڪمل نظر انداز ڪري ڇڏيو آ، سنڌ حڪومت جي 15 سالن جي دور ۾ گهوٽڪي کنڊر بڻجي چڪي آ، 10 ارب رائلٽي هئڻ باوجود به ضلعي جا روڊ رستا، تعليم ۽ صحت ۾ ڪڏهن به سڌارو ناهي آيو، اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ، اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ، دوائن جي کوٽ پڻ برقرار آهي. يوسي صالح مهر جي 20000 آبادي واري علائقي جي واحد بي ايڇ يو اسپتال صالح مهر  ۾ 5 مهينن کان ميل ڊاڪٽر مقرر نه ٿي سگهيو ۽ ضلعي جا سمورا روڊ رستا تباهه ٿيل آهن جيڪي صرف ڪاغذي ڪارروائي ۾ مڪمل ٿي چڪا آهن، جن مان عادلپور کان لاکو لنجاري روڊ پڻ آ، عادلپور کان لاکو لنجاري روڊ سوين ڳوٺن کي گهوٽڪي شهر سان ملائيندڙ واحد رستو آ پر هن وقت کنڊر بڻجي چڪو آ ۽ عوام لاءِ ڪنهن اذيت کان گهٽ ناهي، چونڊيل نمائندا واعدا ڪري غائب ٿئي ويا پر روڊ ڏينهون ڏينهن تباهه پيو ٿئي ۽ روزگار ته گهوٽڪي جي عوام جي شايد نصيب ۾ ئي ناهي، ايتري وڏي انڊسٽريل ايريا جي فيڪٽريون ۾ مقامي ماڻهن لاءِ ڪا به جاءِ ناهي، مسجد جو پيش امام به ٻين صوبن مان گهرايا وڃن ٿا ۽ مقامي ماڻهن کي روزگار صحت تعليم جا ڪوڙا واعدا ڪري بدلي ۾ کين زهريلو دونهون پاڻي ڏنو وڃي ٿو، جنهن سان مقامي ماڻهن جون زندگيون داءَ تي لڳل آهن. اسان چيف جسٽس آف پاڪستان، وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان جي گهوٽڪي جي عوام اهنجن ۽ سورن جو نوٽيس وٺي بنيادي سهولتون بنادير مهيا ڪيون وڃن ۽ جيئن هتان جو عوام سک جي زندگي گذاري سگهي.

ذاڪر حسين/گھوٽڪي

ٿر جي مشهور لوڪ ڪلاڪار جو وڇوڙو!

  ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پنهنجي خوبصورت سريلي ۽ شيرين آواز ۾ مقبوليت ماڻيندڙ ٿر جو مشهور لوڪ ڪلاڪار حيدر رند 66 سال جي ڄمار ماڻي. 23 ڊسمبر 2021ع  جي شام سول اسپتال ڇاڇري ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. حيدر رند جو تعلق ٿر جي ڳوٺ ڪريمداد تڙ سان هو. هو ٿر جهڙي پٺتي علائقي سان تعلق رکندڙ هڪ غريب ۽ نج عوامي ڪلاڪار هو. جنهن سڄي ڄمار لوڪ موسيقي کي ڏني. پنهنجي سريلي ۽ منڌر آواز ذريعي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ وڏي عوامي مڃتا ماڻي. هن مختلف ٻولين ۾ ڪيترائي مشهور گيت ڳايا جنهن ۾ ڍاٽڪي، مارواڙي، سنڌي ۽ سرائڪي شامل آهن. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته، هي ايڏو وڏو لوڪ موسيقي جنهن سڄي ڄمار موسيقي کي بخشي پر ڪافي عرصي کان بيماري جي بستر تي پيل هو، سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي توڙي مقامي چونڊيل نمائندن سياسي سماجي ۽ انسان دوست سڏائيندڙ تنظيمن سار نه لڌي پر مئي پڄاڻان مڙهه کي ڳوٺ نيئڻ جي لاءِ سرڪاري ايمبولينس ڏيڻ کان به کتو جواب ڏئي ڇڏيائون. جيئري ته قدر ڪون ڪري سگهيا پر مري وڃڻ کان پوءِ به قدر ڪونه ٿيو، هي آهن اسان جي ثقافت کاتي توڙي انسان دوست سڏائيندڙ سياسي ۽ سماجي تنظيمن جا حال جيڪي وڏا هام هڻندا آهن وڏيون دعوائون ڪندا آهن. اسان انساني خدمتن جا ڄار وڇائي ڇڏيا آهن پر عملي طور ڏسڻ ۾ ڪجهه نٿو اچي. ڪيترائي اسان جا اديب، شاعر، ليکڪ ۽ فنڪار موتمار بيمارين سان جيهڙيندي راهه رباني وٺي ويا ۽ ڪيترائي اڃان بيمارين جي بسترن تي زندگي ۽ موت جي وچ ۾ جنگ وڙهي رهيا آهن. ڪنهن کي به نظر نٿا اچن، مري وڃڻ کان پوءِ سڀني کي ياد ايندا آهن. هي ٿر جو مشهور ڪلاڪار حيدر رند به ڪيترين ئي سالن کان بيمار جي بستر پيل هو. ڪنهن به ڀيرو نه ڀڳو، آخر هن 23 ڊسمبر جي شام سول اسپتال ڇاڇري ۾ هن بي قدري دنيا کي الوداع چئي. وڃي خالق حقيقي سان مليو. سندس جا ڳايل خوبصورت ۽ شيرن آواز ۾ درديلا گيت ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾صدين جو پڙلاءُ آهن.

ميانداد راهمون/ عمرڪوٽ