ٿر بدليندو پاڪستان ۽ ٿر جا دودا ۽ جوڌا؟

  ڪنھن چيو ھو ته جيڪڏھن ٿر جا مور ايڏا خوبصورت آھن ته ٿر ڪيڏو خوبصورت ھوندو، ٿر مھمان نوازي، قرب ۽ ڀائيچاري جو ھڪ بھترين شاھڪار آھي، سادي طبعيت، نماڻي انداز ۽ سادگي جو ھر ايندڙ ويندڙ فائدو وٺندو رھيو آھي، ان ڪري ته ٿرپارڪر ۾ ٻاھر جو ماڻھو اليڪشن به کٽي ٿو ته وڏي عھدي تي وڏي عرصي لاءِ اسان جي معصوم سڀاءَ جو بي ايماني سان فائدو وٺندو رھي ٿو، پوءِ به اسان انھن ساڳين کوھن جو پاڻي پي به خوش آھيون، پنھنجي سيمن جون سنڱريون سوکڙي طور موڪلي ھڪ مھمان نواز ھجڻ جو ثبوت ڏيندا رھندا آھيون، ھي ڪارونجھر جبل، چائنا ڪلي ۽ لوڻ تي جيترو حق ڌارين جتايو آھي، ڪاش سرڪاري طرح حڪومت اسان ٿرين جي حقيقي مالڪي اسان پاڻ کي ئي ڏي ھا ته اسين پنهنجن اثاثن جي حقيقي وارثي ڪيون ھا. مٿان وري اسان جو ڪارو سون جيڪو دنيا جي نظر ۾ ٿرين جي زندگي تبديل پيو ڪري، جتي حڪومت جي ناڪام پاليسن جي ڪري زمين جي رائلٽي، مالڪاڻا حق پري جي ڳالھه پر ان ڪوئلي ته ويتر اسان جي پرسڪون زندگي سورن ۾ وجھي ڇڏي آهي، ڪوئلي اسان جي زندگي ۾ ڌارين جي غلامي، ٻين اڳيان بيوس، لاچار، مجبور ڪري ڇڏيو آھي، ڪاش دبئي جي شيخن وارو قانون ھجي ھا ته زمين ٿرين جي ھوندي، مالڪاڻا حق ٿرين جا ھوندا. سي ايس آر ٿرين جي لاءِ ھوندي، پرائيوٽ ڪمپنيون توڙي سرڪار ٿرين جي زمين ليز تي وٺي ھا ۽ انھي جي علائقي جي فلاح ۽ بھبود به ٿرين جي صلاح مشوري سان ڪري ھا پر افسوس اتي سرڪار پنھنجا ھر حربا استعمال ڪري ٿرين جي ھر ھڪ حق جي لتاڙ ڪري ڪمپنين کي بادشاهه بڻائي من پسند ماڻھن کي خوش ڪري ٿرين جي حقيقي وارثي کي يرغمال ڪري ڇڏيو آھي.

صحبت علي نهڙي/ نيوڇور

پبلڪ هيلٿ سيوهڻ جو عوام کان انتقام!

  دنيا ۾ هن وقت هر ملڪ پنهنجي ترقي جي رستن ڏانهن وڌي رهيو آهي جنهن جو مثال اسان جي سامهون آهي، هر قوم پنهنجي ملڪ عوام ۽ پنهنجن فرضن سان سچي هوندي آهي پر افسوس اسان جي تڪن جا چونڊيل نمائندا به پنهجن تڪن تي ڪا به نظرثاني نٿا ڪن ته ان تڪ جي عوام جو ڪهڙو حال ٿيو آهي، جنهن ۾ تازو ئي سيوهڻ شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو مسلسل ٻن مهينن کان جاري آهي جنهن جون شڪايتون اي۔سي سيوهڻ، پبلڪ هيلٿ سيوهڻ ۽ ضلعو ڄامشورو، توڙي هر اداري ۽ ٽي وي چينلز توڙي اخبارن ۾ ڏيڻ تان پبلڪ هيلٿ سيوهڻ جو انچارچ انتقام تي لهي آيو آهي جيڪو ڪجھه پاڙن جي ماڻهن جو پيئڻ جو پاڻي مهيا نه پيو ڪري، سندس چوڻ آهي ته جنهن کي چوڻو اٿو چئو پر آئون سيوهڻ شهر جي وارڊ نمبر 13، 14 ڇٽو پير عمراڻي محلا ۽ نئين آبادي وارن کي پاڻي نه ڏيندس. افسوس ته ان ڳالھه جو آهي جو سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه صاحب پڻ هن تڪ مان ايم پي اي چونڊجي وزيراعليٰ ٿيو آهي پر هن وقت تائين ڪو به عمل نه ڪرائي سگهيو آهي جو شهر جي ماڻهن جا بنيادي حق به فراهم ٿي نه سگهيا آهن. اسين سيوهڻ جا شهري هن خط ۾  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صاحب جن کي هٿ ٻڌي عرض ٿا ڪريون ته خدارا عوام جا بنيادي حق ته نه ڏئي سگهيا آهيو پر هاڻي پيئڻ جي ڦڙي پاڻيءَ لاءِ سڪندڙ عوام کي وڌيڪ نه تڙپايو، سيوهڻ پبلڪ هيلٿ جي انچارج خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري ان کي هٽايو وڃي ته جيئن هتان جي عوام کي پاڻي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي.

بابرستار ھاليپوٽو/سيوھڻ شريف

عمران خان جي حڪومت عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي !

  سنڌ جي سمورن مسئلن مونجھارن، خرابين ۽ سندس سمورين حڪومتي ناڪامين جو ذميدار اڳوڻن حڪمرانن کي قرار ڏيڻ وغيره انهيءَ ڪم کان سواءِ خان صاحب گذريل ساڍن ٽن سالن ۾ جيڪڏهن ٻيو ڪو به ڪم ڪيو آهي ته اهو اسان کي ضرور ٻڌايو. ڀاشڻ، نصيحتون، صلاحون، واعظ، وظيفا، ته سڪون قبر ۾ آهي، وري سندس بي عقل وزيرن جو منطق ته جي اٽو مهانگو ٿي ويو آهي آهي ته ويلي تي اڌ ماني کائو جھڙا جملا، تقريرون، خطبا، اعلان، نوٽيس وٺڻ بس، سندس نام نهاد عظيم حڪومتي ڪارڪردگين ۾ رڳو اهو سامان ئي پسي سگھجي ٿو. ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي، معيشت تباهه ٿي وئي آهي، هڪڙي ڏينهن ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج جو حشر نشر ٿي ويو، مهانگائيءَ غريبن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، خارجي محاذ تي ملڪ اڪيلو ٿي ويو آهي، سفارتي طور تي ڪو به ملڪ اسان سان گڏ بيهڻ لاءِ تيار ناهي، هندستان پورو ڪشمير ڳڙڪائي ويو آهي، ماڻهو بيروزگاري ۽ مهانگائيءَ سبب روزانون آپگھات ڪري رهيا آهن پر خان صاحب جون تقريرون آهن جيڪي کٽڻ جو نالو ئي نٿيون وٺن. ڀاشڻ آهن جن جو ڪو دنگ ئي نٿو ٿئي، نصيحتون آهن جيڪي ٻڌي ٻڌي ماڻهن جي دل ڪچي پيئي ٿئي، وزير ۽ مشير آهن جيڪي ماڻهن جي ڦٽن تي مرهم رکڻ بدران لوڻ ٻرڪي رهيا آهن، سنڌ جا ووٽ ڪيئن پنهنجي حق ۾ ڪيش ڪرائجن، حڪومتون ايئن هلنديون آهن؟ خان صاحب کي جيڪر ڀاشڻن ۽ ليڪچرن جو ايترو ئي شوق آهي ته هو وزارت عظميٰ جي ڪرسي ڇڏي وڃي ڪنهن ۾ يونيورسٽي يا ڪاليج ۾ پڙهائي يا ڪنهن اصلاحي يا تبليغي فورم جو اڳواڻ بڻجي، ماڻهن کي سڌاري. عوام اندر هاڻي سندس وڌيڪ ليڪچر ٻڌڻ ۽ تقريرون سهڻ جي سهپ نه رهي آهي.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

سنڌ ۾ پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ نئون ڊرامو!‎‎

  جوھي ۾پ پ پ جا جيالا وفاقي حڪومت خلاف احتجاج پيا ڪن، چوڻ پيا ته وفاقي حڪومت مهانگائي وڌائي ڇڏي آهي، ٻين صوبن ۾ مهانگائي گهٽ آهي، سنڌ ۾ مهانگائي گهڻي آهي، افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومت آهي، وري احتجاج به اهي پيا ڪن، اسان جي خيال ۾ اهو سڀ ڪجھه پنھنجي ڪرپشن کي لڪائڻ جو طريقو آهي، سال گذري ويا آهن، جوهي شاخ ۾ پاڻي ناهي، جوهي ۽ واهي پانڌي جا روڊ رستا تباهه ٿيل آهن، اهي روڊ رستا جيالن کي نظر نٿا اچن، وري احتجاج مظاهرو وفاقي حڪومت خلاف ڪري رهيا آهن، شرم اچڻ گهرجي انهن پ پ پ جي جيالن کي، نيازي سرڪار خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ان جي ھٿرادو مھانگائي خلاف پ پ پ تعلقي صدر جوھي رئيس عبدالمجيد جمالي صاحب جي حڪم تي پ پ پ تعلقي جوھي جي عھديدارن، ڪارڪنن، ليڊيز ونگ ۽ عام شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. منهنجو پ پ پ جي عهديدارن کان سوال آهي ته جوهي واهي پانڌي سميت ڳوٺ پريو جمالي ۾ اوهان ڪهڙا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن؟ روڊ رستا تباهه ٿي ويا آهن، جوهي تعلقي ۾ پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي، توهان پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ وفاقي حڪومت خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيون، مون کي افسوس اهو آهي ته هيءَ قوم ڪڏهن ترقي ڪندي؟ جيڪي پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ وفاقي حڪومت خلاف پيا احتجاج ڪن.

سمير احمد بروهي /واهي پانڌي، ڪاڇو

اسان ماڻھن کي جڏھن ڪا ڳالھه ھٿ ايندي آھي!

  سنڌي ۾ چوڻي عام آھي ته نئين ڳالھه نَو ڏينھن  چرچو، ڀوڳ ۽ مزاڪ  پورا نو يا ان کان وڌيڪ ڏينھن پيا ھلندا آھن جيڪي فضول ھوندا آھن،  اڪثر فضول ڳالھيون ڪندڙ ۽ غير ذميوار ماڻھو پنھنجي واندڪائيءَ کي وندر بڻائڻ خاطر فضول ڳالھين کي پيا ڪٽيندا آھن، سنجيده ماڻھو انھن ڳالھين کي ڪا اھميت ناھن ڏيندا، تازو مريم نواز جي پٽ جي شادي کان پوءِ فيس بڪ تي ماڻھن پاران ڇڏيل پوسٽون پڙھي ڏاڍي حيرت ٿي ڇو جو جديد دور ۾ جتي پوري دنيا جا ماڻھو انوکين راھون ۾ علم ۽ شعور کي ھٿيار بڻائي اڙانگهن پنڌن جو سفر ڪري ترقي ڏانهن گامزن آھن اتي اسان اڄ به 50 سال اڳ وارن روين ۽ فضول ڳالھين ۾ ڦاٿا پيا آھيون. ڏٺو وڃي ته مريم نواز پاران مھانگو يا خوبصورت لباس پائڻ سان يا ميڪ اپ ڪرڻ سان اسان جو ڪھڙو واسطو؟ ڪافي ماڻھن کان اھا تڪليف ڏسڻ ۾ آئي ته پٽ جي شادي ۾ ڪنوار يعني نُھن کان وڌيڪ مريم نواز پاڻ ڪنوار لڳي رھي ھئي، ھلو ٺيڪ آھي، جيڪڏھن اھو سچ ھو ته پوءِ ان کي اشو بنائي يا فيس بڪ تي پوسٽون رکڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي؟ حقيقت ۾ مريم نواز ھونئن به خوبصورت آھي ھوءَ ته سادگي ۾ به خوبصورت لڳندي آھي، جيڪڏھن قدرتي خوبصورتي کيس مليل آھي ته ان کي ڪيئن لڪائي ٿو سگھجي؟ بھرحال منھنجو ذاتي ڪنھن پارٽي سان تعلق ناھي ۽ نه ئي ڪو نوازليگ جو ڪارڪن آھيان پر، شعوري سطح تي ھي فضول ڳالھيون اندر ۾ شعلا ڀڙڪائين ٿيون، ڇو جو جتي ڪنھن شيءِ جي مخالفت ڪرڻي ھوندي آھي اتي سڀ خاموش ھوندا آھيون يا وري پنھنجي تباھي تي تاڙيون وڄائي واهه واهه ڪندا آھيون اتي ڪا به تڪليف ناھي ٿيندي پر مريم جي خوبصورتي جتي سندس پٽ يا نُھن کي به تڪليف ناھي اتي اسان کي تڪليف پئي پھچي. اسان کي جتي ڪڇڻ پڇڻ جي ضرورت ئي ناھي ھوندي اتي ٻين جي ذاتي مسئلن ۽ خوشين ۾ ھروڀرو پيا ٽنگ اڙائيندي آھيون، ان ڪري ڏسجي ته، ھن جديد دور ۾ به اسان ذھني معذوري، بيمار ذھنن ۾ ڦاٿل آھيون، اڄ به اسان کي صحتمدن ذھنن جي سخت ضرورت آھي.

رياض امر/ٻجورو

آخر ڪيستائين سرڪاري اسپتالن ۾ غريبن جو تماشو بڻايو ويندو‎‎!

  سرڪاري اسپتالن ۾ هونئن به زلالت آهي پر پوءِ به غريب عوام پرائيويٽ ڊاڪٽرن جا ڳرا خرچ ناهي ڀري سگھندو ۽ مجبورن سرڪاري اسپتالن جو رخ ڪندو آهي، جتي انهن سان ڪهڙو حشر ٿيندو آهي، ان جو توهان پاڻ اندازو لڳائي سگھو ٿا. بهرحال پاڻ هتي ڳالھه ڪنداسين نيوڇور جي جتي نظام ئي ابتو آهي، گرمين ۾ آيل مريضن کي ٻاهر ٿو ويهاريو وڃي ۽ سياري ۾ وري ڪمرن اندر، ان کان پوءِ ڊاڪٽرن جي مختلف روين جو شڪار ٿيڻ کان پوءِ وڃي مريض ٻاهر نڪرندو آهي، جيڪو پنهنجي غربت تي پڇائيندو ۽ پنهنجي اڀاڳ تي روئيندو ويندو آهي، ڇا اها انسانيت آهي؟ ڇا ڪو غريب هنن وٽ ايندو آهي ته ان کي اهو ٻڌائڻ لازمي آهي ته تون غريب ميرن ڪپڙن وارو آهين، اسين تنهنجو چيڪ اپ چڪاس ان ڪري به نٿا ڪيون جو تون هر روز نٿو وهنجين، اهو رويو درست ناهي، جنهن جي ڪري ڪافي ماڻهن جي دل آزاري ٿئي ٿي ۽ ڪافي سارا ماڻهو نيوڇور واري سرڪاري اسپتال ۾ وڃڻ بدران پرائيويٽ ڊاڪٽرن وٽ ويندا آهن، جتي غربت جو تماشو بڻايو وڃي ٿو، ڊاڪٽر ڳالهيون ڪندو رهي ٿو ۽ غريب مريض ڪنڌ جهڪائي اهو مجبور ٿي ٻڌندو رهي ٿو، اتي ڪنهن مسڪين، عزتدار ماڻهو جو وڃڻ مناسب ناهي هوندو، جتي بيماري جي دوا ملڻ بدران دلي ڏک پهچي. اهڙي جاءِ تي ڪير ويندو، اهو رويو ڪافي جاين تي هلي پيو پر منهنجو فرض آهي لکڻ، جيڪو مان پورو پيو ڪريان، مون کي خبر آهي ته انهن خلاف ڪو نه ته ڪو نوٽيس وٺندو، نه اسان جي حڪومت يا انهن جي نمائندن ۾ ايترو لوليءَ لوڻ آهي جو اهي انهن کي ٻڌائين ته هو انهن مريضن ۽ غريبن جي ڪري اتي مقرر آهن، انهن جي ٽئڪسن مان کين پگھار ملندي آهي، اسان کي خبر آهي ته ٻوٽو نه ٻرندو، پاڻ سماجي رابطن ۽ واسطن ۾ جهير ايندو پر منهنجو وجود منهنجو ضمير مون کي اجازت نٿو ڏي ته مان هي ويڌن ڏسي ماٺ ٿي ويهي رهان، آخر ۾ مان انتظاميا کي گذارش ڪندس ته مهرباني ڪري مسڪنن ۽ غريبن جو خيال رکو.

ڪاشف جوکيو /نيوڇور

سيوهڻ شھر ۾ ٿيندڙ عبرتناڪ واقعا!

  سيوهڻ شھر سنڌ جو هڪ مقدس عبادات گاهه وارو شهر آھي، جتي هر وقت قانوني ادارن کي الرٽ ھجڻ گهرجي پر هتي قانون جا رکوالا پاڻ بگهڙ بڻجي پيا آھن، سيوهڻ شھر ۾ گذريل ڪجھه عرصي کان وٺي حيران ڪندڙ واقعا ٿي رهيا آھن، پر انهن واقعن جي هن وقت تائين ڪا سٺي جاچ نه ٿي سگهي آھي ۽ نه ئي جوبدارن کي ڪا سزا ملي آ، ڪجھه سال اڳ پيار پرڻو ڪندڙ شھدادڪوٽ شھر جي ناري سان ڪورٽ جي اندر جج صاحب پاران زبرستي جي ڪوشش وارو ڪيس به لڪ ڇپ ۾ هيڏي هوڏي ڪيو ويو، ان کان پوءِ هلندڙ سال ۾ سيوهڻ شھر ۾ ٻه عجيب واقعا پيش آيا، جنهن ۾ ڪجهه مهينا اڳ دادو شھر جو سينيئر صحافي فاروق ٻٻر جو معصوم 14 سالن جو پٽ عبدالڪريم ٻٻر کي مسجد جي پيش امام رات جو وحشت جو نشانو بڻائي گهٽا ڏئي مسجد مان هيٺ اڇلائي ماري ڇڏيو، جنهن واقعي جي هن وقت تائين ڪا جاچ نه ٿي سگهي آھي، پر ڪجھه ڏينهن اڳ سيوهڻ شھر ۾ تازو واقعو رپورٽ ٿيو آھي جنهن ۾ سيوهڻ شھر جو ايس ايڇ او پير الهبچايو هڪ شاگرد نوجوان کي زبرستي نشي ۾ دت ڪري پنهنجي ساٿين سميت وحشت جو نشانو بڻايو جنهن جي ثبوتن سميت سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيو پر ان باوجود به ڪيس ۾ ڪا اڳڀرائي ڪونه ٿي، ايترن ثبوتن باوجود به حيدرآباد ڪورٽ  ايس ايڇ او پير الهبچاپو جي گرفتاري کان اڳ جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي نه ڪا گرفتاري ٿي نه ڪا رمانڊ ٿيو نه ئي ڪيس جي جاچ ٿي، ان سڄي صورتحال کي ڏسي اهو اندازو سولائيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو ته قانون جي ڪا حيثيت ئي ناهي، جنهن کي جيئن وڻي سو تيئن ڪري، هتي قانون جي اهلڪارن جو ته حال پورو آھي پر هتي چونڊيل نمائندن جو به ڪو ڪردار ناهي. ڇو ته سيوهڻ شھر سنڌ جي وڏي وزير جو اباڻو شھر سميت پيپلزپارٽي جو ڳڙهه پڻ آھي پر ان باوجود به متاثر خاندان وٽ ڪو به پارٽي اڳواڻ ڪونه پهتو آهي، هاڻي ڏسجي ته ڪورٽ ان متاثر خاندان سان ڪهڙو انضاف ٿي ڪري.

جدا جاويد/ قبو سعيد خان

پڇون آخر پڇون ڪنھن کان، اسان جو ڏوهه ڪھڙو آ؟

  جيئن ته رتوديرو جي پاڙي فتحپور جي وارڊ نمبر 8 ۾ ھڪ وڏو پلاٽ گھانگھرا پلاٽ جي نالي سان مشهور آهي، ڇو ته اھو پلاٽ گھانگھرن جو آھي، ان پلاٽ تي لڳ ڀڳ 20، 25 سالن کان رتوديرو ميونسپل ڪاميٽي ھن پلاٽ تي گند اڇلائيندي رھي آھي، جنھن سبب ھتي ڪيترين ئي بيمارين منھن ڪڍيو آهي ۽ سڄي پاڙي ۾ عجيب قسم جي بدبوءِ ڦھلجي وئي آهي، ھن مسئلي تي پھريان به لکي چڪو آهيان پر افسوس ته ھن مسئلي کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، آخر رتوديرو ميونسپل ڪاميٽي کي ان پلاٽ کان سواءِ ٻي ڪا جاءِ نظر نٿي اچي جو ايتري وقت کان ھن پلاٽ تي گند اڇلائيندي رھي ٿي، اسان رتوديرو ميونسپل ڪاميٽي کي اپيل ٿا ڪريون ته ھي مسئلو حل ڪريو، ھاڻي ان پلاٽ تي گند اڇلائڻ بجاءِ گند شھر کان ٻاهر اڇلايو وڃي، خدارا ماڻھن جي زندگيءَ جو سوچيو وڃي.

ثقلين حيدر/رتوديرو

سنڌ جو وڏو مسئلو قبيلائي تڪرار آهن!

  جيستائين سماج ۾ موجود مختلف بيمارين جا سبب ڳولي انهن جو حل نه ڪڍنداسين تيستائين امن نه ٿيندو، بدامني ڪينسر کان به ڀڇڙي آهي، نظام جي تبديلي لاءِ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، 1984ع کان جيڪي دهشتگرد ۽ ڏاڍ ڪندا رهيا آهن، انهن کي گورنر ۽ وزير بڻايو ويو. سنڌ جي اندر جهڙيندڙ ڌرين کي ٺاهه ڪرائڻ ۾ قومپرستن جو وڏو حصو آهي، سنڌ امن ۽ پيار جي ڌرتي آهي، سنڌ ۾ قبيلائي تڪرارن جي تاريخ ڊگهي آهي. جڏهن به سنڌ آزاد ۽ خود مختيار رهي آهي تڪرار نه ٿيا آهن، 1980ع کان پوءِ ايم آر ڊي تحريڪ دوران سنڌ جو ايڪو ۽ ٻڌي ڏسي ڌرتي قابض ڌرين، حڪمت عملي جوڙي قبيلائي تڪرار وڌايا ته جيئن سنڌي قوم ۾ ورهائجي، قبيلائي جهيڙن سبب سنڌ تباهه ٿي رهي آهي. خوني راند جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. عورت بنيادي طور تي ماءُ آهي، اسين نياڻين کي عزت ڏيون ته مهذب معاشرو اڏي سگهون ٿا، انگريزن جي دور ۾ آرڊر ٿيو ته جتي به ڪارو ڪاري جو واقعو پيش اچي ان علائقي جي وڏيري ۽ سردار کي ڦاهي ڏني ويندي، جنهن بعد واقعا ٿيڻ بند ٿي ويا، اهڙي طرح قبيلائي تڪرار بابت پڻ موجوده حڪومت اهڙو قانون ٺاهيندي ته تڪرار ٿيڻ بند ٿي ويندا. سنڌ ۾ هٿ وٺي نوجوانن لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪيا پيا وڃن، سنڌ ۾ هٿ وٺي تعليمي ادارن کي تباهه ڪيو ويو آهي ۽ زمينن کي بنجر بڻايو ويو آهي. سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار، تعليمي تباهي ۽ مذهبي دهشتگردي پيدا ڪئي وئي آهي، سنڌ ۾ نسلي جهيڙن جا مخالف آهيون، ڪراچي جا وارث سنڌي آهيون، اسان جي وڏي ۾ وڏي ڪاميابي آهي ته ڪراچي اسان کان وئي ڪونهي، ڪراچي وارا لطيف جي نگري اچن ٿا.

سڃاڻي ڪير هت مون کي، هتي مان اجنبي آهيان،

وڃي ڏس ڪير آهي، جنهن اچي گهنٽي وڄائي آ،

اسين قيدي ضميرن جا، هي دنيا قيد خانو آ،

پڇي ڏس اڄ اسيرن کان، ملي ڪنهن کي رهائي آ.

ارشاد شيخ مينهل آباد/ لاڙڪاڻو

عورت چئجي جنهن کي! جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

(قسط ستين)

                 تاريخ ۾ عورت جو ذڪر بحيثيت ماءُ جي به ايندو آهي پر ان جي عظمت ۽ تعريف اها ٿيندي آهي ته ان بهادر ۽ عظيم پٽ پيدا ڪيا ۽ اهي سڀ عظيم شخصيتون مردن جون ئي هونديون آهن ۽ جڏهن اهي عظيم مرد تاريخ ۾ نالو پيدا ڪندا آهن ته عورت کي بلڪل به وساريو ويندو آهي. عورت جو ڪم پٽ پيدا ڪرڻ کان پوءِ ختم ٿي ويندو اهي ۽ ان کان پوءِ ان جي سڃاڻپ سندس پُٽ ئي هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن عورت تاريخ ۾ ان وقت به اهم ٿي ويندي آهي جڏهن ان کي مظلوم بڻائي جنگ ڪئي ويندي آهي ۽ ان طرح حڪمران طبقا پنهنجي سياست ۽ معاشي مفادن کي پورو ڪن ٿا، ان جو هڪ مثال عربن جو سنڌ تي حملو پڻ آهي، جي توهان نسيم حجازيءَ جو ناول “محمد بن قاسم” پڙهيو آهي ان ۾ بيان ٿيل آهي ته جڏهن سنڌ جي فوج هڪ سامونڊي جهاز کي گرفتار ڪيو هو جيڪي سري لنڪا کان عرب وڃي رهي اهئا ته ان وقت هڪ ڇوڪري نالي ناهيد جيڪا پنهنجي ڀاءُ خالد سان گڏ قيدي هئي حجاج بن يوسف کي پنهنجي رت سان خط لکي فرياد ڪيو، اهو فرياد ٻڌي حجاج فوري سنڌ فتح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي پر ان کان پوءِ ان ان ڇوڪري ناهيد جو ڪٿي به ڪو ذڪر نٿو ملي، ڇو جو حملي ۽ فتح کان پوءِ ان جي ضرورت ئي نه رهي، ان لاءِ اها سڀني کان وسري وئي. تاريخ ۾ عورت جو ذڪر بطور طوائف، رقاصه ۽ ڳائڻي جو به ايندو اهي، جي هو انهن حيثيتن سان مرد کي رقص ۽ گيتن سان خوش ڪندي آهي پر ان جي باوجود ان جو سماجي مرتبو وڌي نٿو پر کُٽي ٿو پوي. معاشري ۾ طوائقف جي ضرورت به سمجھي وڃي ٿي ۽ ان کان نفرت به ڪئي وڃي ٿي. هتي عورت طبقاتي ڪردار ۾ ٿي نظر اچي، طوائفون پنهنجي قرباني ڏئي شريف عورتن کي محفوظ رکن ٿيون. اڪبر بادشاهه انهن سڀني کي گڏ ڪري هڪ جاءِ تي رکيو ۽ ان جاءِ جو نالو شيطان پوره رکي ڇڏيو هو. ٻي مهاڀاري جنگ ۾ جاپانين پنهنجي فوج لاءِ ڪوريا جي عورتن کي زبردستي فوجي ڪئمپن ۾ رکيو هو. ويٽ نام ۾ آمريڪي سپاهين به ويٽنامي عورتن سان بلڪل اهو ئي سلوڪ ڪيو هو. عورت ان حيثيت سان جنهن ڏک ۽ اذيت مان گذري ٿي تاريخ جا پنا ان کان خالي آهن. (جاري)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

زندان جي جھروڪن مان!

  ڪجھه ڏينهن اڳ پنهنجي اخبار ۾ پنهن جون چٺيون ۾ ڀيڻ سردار خاتون جي لکڻي پڙهي دل بيچين ٿي وئي، چٺيءَ ۾ ادي سردار خاتونءَ منهنجي “زندان جي جھروڪن مان” وارين لکڻين تي تبصرو ڪيو آهي ۽ جن خيالن جو اظهار ڪيو آهي سڀ کان پهرين ته آئون سندس تمام گھڻو ٿورائتو آهيان، ان کان پوءِ منهنجي ڀيڻ کي گذارش آهي ته مٺري ڀيڻ اوهان اسان جي سماج ۾ عورت جي گھريلو زندگي جو وازنو جيل جي جھروڪن سان ڪيو آهي، اهو ڪنهن حد تائين صحيح به آهي پر اسين جنهن جيل يا جنهن جهان ۾ آهيون اُن ۾ ۽ اوهان جي سماجي بندشن واري جهان ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي، اوهان سماجي ذهنيت واري يا پابندين ۾ جڪڙيل آهيو ۽ اسان رياست ۽ نظام جي بربريت جو شڪار مظلوم قيدي آهيون. ان موضوع تي هي صفحا تمام گھٽ آهن ۽ ان موضوع تي ڪنهن ٻئي ڀيري تفصيل سان لکبو پر اوهان ۽ اسان جو درد مختلف هوندي به گڏيل آهي. توهان منهنجي تڪليف ۽ درد کي محسوس ڪيو، اوهان ڀيڻ جون مهربانيون آهن، دعا آهي ته رب تعاليٰ اوهان کي اڻ ڳڻيون خوشيون عطا فرمائي، آمين.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد