ڇا هاڻي نوشين شاھه جو خون به لڙهي ويندو؟

 چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ڊاڪٽر نمرتا بعد ھڪ ٻي شاگردياڻي ڊاڪٽر نوشين شاھ جو ڦاهو کاڌل لاش مليو، ڪاليج انتظاميه معمول موجب شاگردياڻي جي موت کي به ڪا جاچ کان اڳ ۾ ئي آپگھات قرار ڏيڻ جي ڪوششن ۾ آھي. ڪاليج انتظاميا موجب شاگردياڻي نوشين شاھ آپگھات ڪيو آھي، چانڊڪا انتظاميا چواڻي ته جيڪڏهن واقعي نمرتا بعد نوشين به آپگھات ڪيو آھي ته ان جا ڪارڻ ڪهڙا آھن؟ ته سال ٻئين ۾ هڪ نياڻي نماڻي پنهنجي زندگي جو ڏيئو پنهنجي هٿن سان ڇو اجهايو ڇا نياڻين سان ڪاليج جي استادن جو رويو خراب آھي؟ يا انتظاميه اڍنگي نموني ٿي هلي يا ڪا ٻي ماجرا آھي؟ چانڊڪا ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ پڙھندڙ ميرپورماٿيلو واسڻ هندو ناري نمرتا ڪماري جي پراسرار موت بعد چانڊڪا ڪاليج بابت سوشل ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا تي ڪجھ خبرون، افواهه هليا هئا ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ اهڙو ماحول آھي جو گهٽ مارڪن يا ناپاس جا دڙڪا ڏئي شاگردن خاص طور شاگرياڻين کي مختلف طريقن سان ذهني ٽارچر ۾ مبتلا ڪري “من پسند مطالبا” زوري مڃرايا ويندا آھن، اهڙيون خبرن، افواهن موجب ايڊمنسٽريشن کان وٺي ٽيچنگ اسٽاف توڙي، سيڪيورٽي گارڊز کان وٺي هاسٽل وارڊن، ڪينٽين اسٽاف ۽ ٽرانسپورٽ شعبي تائين هر شعبي ۾ انسانن جي روپ ۾ ڳجھ، بگهڙ ۽ شڪاري ويٺل آھن، جيڪي نياڻين لاءِ وحشي جانور بڻيل آهن. روز روز جي اهڙي حشر، حالتن سبب سال ٻئي هن ڪاليج ۾ پڙهندڙ ڪنهن نه ڪنهن والدين جي معصوم نياڻي جو لاش ملي ٿو ۽ هر نياڻي جي موت تي ڪاليج انتظاميا جاچ کان اڳ ئي هر موت کي آپگھات قرار ڏئي پاڻ کي آجو ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي. نوشين جي قتل کان اڳ ميرپور ماٿيلو واسڻ نياڻي نمرتا جو خون ته چانڊڪا ڪاليج انتظاميا کي ڦٻي ويو پر ڇا هاڻي نوشين شاھ جو خون به لڙھي ويندو؟

زاهد علي ڀٽو/ڏهرڪي

چانڊڪا ڪاليج جو واقعو حڪومت لاءِ سواليه نشان آهي!

  لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان ڪجھ وقت اڳ ڊاڪٽر نمرتا جو لاش مليو هو، جنهن کي به انصاف نه ملي سگهيو. هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي ٻي نياڻي ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جو هاسٽل جي ڪمري مان پکي ۾ ٽنگيل لاش مليو آهي، هاڻ تعليمي ادارن ۾ رت جي هولي کيڏي پئي وڃي، جنهن جي پوسٽ مارٽم جي رپوٽ هي لفظ لکڻ تائين اڃا ناهي ملي سگهي، پوسٽ مارٽم رپوٽ ملڻ کان پوءِ سڄو پتو پئجي سگهجي ٿو، اسان پنهنجين نياڻين کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ تعليمي ادارن ڏانهن وٺي وڃون ٿا، هنن کي ان جي لاءِ ناهي موڪليو ته هر روز اسان کي تعليمي ادارن مان پنهنجين نياڻين جا لاش اماڻيا وڃن، هن کي آپگھات نه پر قتل چئي سگهجي ٿو، هن واقعي پٺيان ڪيترائي راز لڪيل آھن. وزير تعليم سنڌ، هي ادارا توهان جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيل آهن، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي قاتل ڪرپٽ ۽ نااهل انتظاميه کي عهدن تان هٽائي سندن خلاف سخت قدم کنيا وڃن، تعليمي اداران کي وڌيڪ نقصان رسائڻ کان بچايو وڃي، اهي واقعا سنڌ حڪومت لاءِ تمام وڏو سواليه نشان بڻيل آهن. سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ وزيراعظم ۽ مراد علي شاهه کان سنڌ جي عوام جو مطالبو آهي ته هن واقعي جي شفاف ترين جاچ ڪئي وڃي ۽ ان ۾ ملوث جوابدارن کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو وڃي، جيئن ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي والدين ۽ سنڌ جي عوام سان انصاف ڪري تعليمي ادارن جي ساک بحال ڪئي وڃي، جيئن ٻيهر سنڌ جون نياڻيون تعليم حاصل ڪري سگهن.

راڻو خان چارو ڀاڏارو/ٿرپارڪر

ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي آپگھات يا قتل؟‎‎

  سنڌ جي يونيورسٽين ۾ آپگھات جا واقعا اڪثر رپورٽ ٿيندا رهيا آهن پر اڄ تائين اسان جا سيڪيورٽي ادارا اهو ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن ته اهي واقعا حقيقت ۾ آپگھات جا يا قتل جا آهن! ڪجهه عرصو اڳ ڊاڪٽر نمرتا ڪماريءَ جو ڪيس به هاءِ پروفائيل ڪيس ھئڻ جي باوجود اهو ثابت نه ٿي سگهيو هو ته ڊاڪٽر نمرتا آپگھات ڪيو هو يا کيس قتل ڪيو ويو هو، اسان وٽ اڪثر قتل پٺيان طاقتور ماڻهن جا هٿ هوندا آهن، ان ڪري اهي قتل ڪيس آپگھاتن ۾ تبديل ٿي هميشه جي لاءِ فائيلن ۾ دفن ٿي ويندا آهن! اهڙو ئي واقعو تازو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ فورٿ ييئر جي شاگردياڻي نوشين ڪاظميءَ سان ٿيو آهي جنهن جي موت کي آپگھات جو نالو ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته تصوير جو رخ اهو واضح پيو ٻڌائي ته ڊاڪٽر نوشين ڪاظميءَ کي قتل ڪيو ويو آهي، جيڪو يقينن شرم جوڳو عمل آهي، ان ڪري اسان جي سيڪيورٽي ادارن کي گهرجي ته ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي قتل جي آزاداڻي جاچ ڪري قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ته جيئن ڊاڪٽر نمرتا ۽ ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جهڙيون ڊاڪٽراڻيون ايئن ننڌڻڪيون ٿي فائيلن ۾ دفن نه ٿين.

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

                 اڄ هڪ هيروئني قيدي فيڪٽريءَ جي اندر ٽپي ويو، هُن سمجھيو ٿي ته هُن پاسي شايد ٻاهرين دنيا آهي، ڀت ٽپڻ جي ڏوهه ۾ عملدار رياض پنهور اُن کي سٽڪو ڏئي ٽاور تي وٺي آيو، عملدار پاڻ کي هيرو ثابت ڪرڻ لاءِ وائرليس سائرن به وڄائي ڇڏيو ته  قيدي جيل مان فرار ٿي رهيو هو جنهن کي ڏاڍي ڏکيائيءَ سان پڪڙي مون روڪي ورتو آهي. ان ڪال هلڻ کان پوءِ سموري جيل ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو. هر هڪ سپاهي پڪو جوابدار ۽ آفيسر جاءِ واردات يعني فيڪٽري پڳو پر اردوءَ ۾ چوندا آهن نه ته “کھودا پہاڑ نکلا چوہا” واري مثال ثابت ٿيو، قيدي بنا ڏنو ته آئون پيشاب ڪرڻ ويو هئس، اُن جي ان بيان تي آفيسرن کي ڏاڍي کِل آئي، جيڪي پوءِ عملدارن تي ڏمريل نظر آيا. اسد ملاقات تي آيو جنهن مون کي چيو ته اڄ ئي وڃي ادي محمد خان ڇلگري صاحب سان ملاقات ڪر، ڪالم نگار سائين نظير حسين شاهه صاحب جو جوابشاهه منتظر مهدي هائوس مان خط آيو، جنهن ۾ سائين جي محبت پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي، خط پڙهي منهنجي واتان نڪتو ته “او سيد، توهان جا خيال اميد جو ڪرڻو آهن.” شاهه صاحب مون کي سورة مزمل پڙهن جو به چيو، شبير ٻرڙو ڏينهن ۾ ڏهه ڀيرا ماني کائڻ لڳو آهي، رجو ڀائيءَ جو چوڻ آهي ته جيئن توهان مون کي رضوان احمد مان رجو نانءُ ڏنو آهي ايئن شبير کي به ڪو نالو ڏيو، مون چيو ته شبير مان شبيرا ڪري ٿا ڇڏيونس ته رضوان ٽهڪ ڏيندي چائينا گيٽ فلم واري ولن جو نالو جگيرا ٻڌايو جنهن کان پوءِ اسنا ڏاڍو کلياسين مون هن کي سلگر شڪيرا به ياد ڪرايو. کوليءَ ۾ اچي ڪجھه دير ڊائري لکيم، ائون روز جنهن وقت پنهنجي ڊائري لکڻ ويهندو آهيان ته منهنجا هانڊيوال مون کان پڇندا آهن ته ڀائو آصف اڄ ڇا پيا لکو؟ ڪو چوندو آهي ته هي ڳالهه لازمي لکجو ڪو چوندو آ ته هوءَ ڳالهه، مون جڏهن جيل ۾ ڊائري لکڻ شروع ڪئي ته ان وقت منهنجي ذهن ۾ صرف پنهنجي روز مرهه جي سرگرمي ۽ واقعن کي نوٽ ڪرڻ جو ئي خيال هو ۽ ان سان گڏوگڏ وقت گذاسرڻ جو بهتر طريقو به هو(جاري).

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

زندان جي جھروڪن مان!

هميشه جيان ساهيءَ وارن جي ڪلاس ۾ پنهنجي زندان جي چنڊ محنت ڪش شاگرد دوستن، عزيز گاڏهي، پيارو ڀاءُ حيدر کوسو، فقير طارق عزيز، بلاول رند ۽ ڪلاس ميٽ 20 سالن جو معصوم قيدي شاگر جنيد رحمٰن سان گڏ موجود هئس، جتي منهنجي ملاقات ڪلاس جي پهرين شفٽ ۾ پڙهندڙ 40 سالن جي قيدي عباس علي ولد احمد سان ٿي، عباس بدين شهر جو رهواسي آهي، جيڪو گذريل 6 سالن کان قيد آهي جنهن تي 96 جو ڪيس آهي، عباس علي پنهنجي درد ڀري ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو ته آئون هڪ وين جو ڊرائيور هئس، سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪري ڏکيائيءَ سان پنهنجو ۽ ٻچن جو پيٽ پاريندو هئس، ڊرائيوري منهنجو پيشو هو، سڄي ڏينهن جي ڊرائيوري بعد وڃي چند پئسا ملندا هئا تن مان پنهنجي گذران پيو ڪندو هئس. هڪ ڏينهن گاڏي خراب ٿيڻ ڪري مون کي ڏاڍي دير ٿي وئي، رات جو گھر ويندي رات جو فائدو وٺندي بدين شهر جي پوليس رستي تان پڪڙي ميرپورخاص پوليس حوالي ڪري ڇڏيو جنهن مون کي 3 مهينن بعد 40 ڪلو چرس ۾ ظاهر ڪري ميرپور ڪورٽ ۾ چالان پيش ڪيو ۽ بعد ۾ ڪورٽ جي حڪم تي مون کي ميرپورخاص جيل موڪليو ويو، ڪجھه سال ميرپور جيل ۾ رهڻ بعد ڪورٽ ۾ ڪيس هلڻ دوران ڪوڙيون شاهديون عيوض ميرپورخاص پوليس مون کي 25 سال سزا ڏياري پنهنجي ٻچن کان هميشه جدا ڪري ڇڏيو. منهنجي بيگناهه گرفتاريءَ سبب منهنجا ٻچا دربدريءَ واري زندگي گذاري رهيا آهن، مون کان پوءِ گھر ۾ ڪير ڪمائڻ وارو ناهي جيڪو منهنجي لاءِ ڪو سٺو وڪيل ڪري، 6 سال گذرڻ باوجود ڪورٽ ۾ غربت سبب اپيل ناهيان ڪري سگھيو، نه ئي ڪو وڪيل ٿو ڪري سگھان، ان لاءِ سڄو ڏينهن پريشان رهندو آهيان ته آخر منهنجو ۽ منهنجي معصوم ٻارڙن جو ڇا ٿيندو؟ منهنجي اعليٰ عهديدارن، اين جي اوز، انساني حقن جي نمائندن ۽ ٻين وس وارن ککي هٿ ٻڌي گذارش آهي ته مهرباني ڪري منهنجي مدد ڪئي وڃي جيئن آئون هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجي اپيل داخل ڪرائي سگھان.

سردارمحمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

آءِ بي اي طرفان ورتل ھاڻوڪي ماستري جي ٽيسٽ!

  ھاڻوڪي ٿيل ماستري جي ٽيسٽ ۾ جتي لڳ ڀڳ 5 لک اميدوارن فارم پرايا ۽ ٽيسٽ ۾ ويٺا جنھن ۾ ميڊيا موجب هڪ سيڪڙو اميدوار ٽيسٽ ڪليئر ڪري سگھيا ۽ 99 سيڪڙو اميدوار دعويٰ پيا ڪن ته ٽيسٽ تمام ڏکي ۽ غير ضروري شين سان ڀريل هئي، جڏھن ته آءِ بي اي سکر موجب ٽيسٽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪورس مان ورتي وئي، ان ٽيسٽ ۾ ويٺل ڪيترائي اميدوار اھڙا به ھئا جيڪي پرائيويٽ اسڪولن ۾ ماستري ڪري رھيا آھن ۽ 8 درجي تائين ھر سبجيڪٽ پڙھائين پيا، ان باوجود ٽيسٽ ڪليئر نه ڪري سگھيا، ان جي پٺيان ڪجھه سبب آھن، جيڪي ھاڻوڪا سرڪاري اسڪول آھن انھن ۾ استادن کي سنڌي تي عبور حاصل ناھي ۽ پرائيويٽ اسڪول سنڌي پڙھائڻ ئي ڪو نه، گھڻي تعداد ۾ موجودہ انھن پرائيويٽ اسڪولي ماسترن جي ھئي جيڪي سنڌي پڙھائڻ ئي ڪو نه اچي، ان جو سبب اسان جا سنڌي اسڪول آهن جيڪي آڪسفورڊ جو ڪورس پڙھائي اسڪول ھلائي رھيا آھن ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ جا ڪتاب پڙھايا ئي ڪو نه پيا وڃن پوءِ ته نتيجو اھو ئي نڪرندو. سنڌ ۾ ماسترن جي ٽريننگ ۽ سنڌي نصاب بابت حڪومت جي ڪا واضح پاليسي ناھي، ھاڻوڪي ماستري ٽيسٽ ۾ 45 سيڪڙو پاليسي به ڪارآمد نٿي لڳي، لازمي ناھي جنھن 45 سوال درست ڪيا، اھو سٺو استاد ٿيندو، ڪنھن جو ڌُڪو لڳي ويو ۽ پاس ٿي ويو، اصل ۾ ته ڇنڊڇاڻ لکت واري امتحان ۾ وٺي ٿيڻ کپي ھا، يا سبجيڪٽ اسپيشلسٽ وارو طريقيڪار اپنائڻ کپي ھا، مثلن پٽي واري ڪلاس جو ٽيچر جنھن 54 سنڌي اکرن ۽ 12 پٽين تي عبور ھجي ھا ۽ مٿين ڪلاس واري ٽيچر لاءِ ڪجھه الڳ ٽيسٽ. ٻيو ماستري جي اشتھار ۾ واضح لکيل آھي ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو ڪورس ٽيسٽ مان ورتي ويندي پر اھا حڪومت کي خبر آھي ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو ڪورس تي اڄ ڪلهه سيمي گورنمينٽ اسڪولن ۾ به نٿو پڙھايو وڃي ته پوءِ آڪسفورڊ جو ڪورس ڇو نٿي بند ڪرائي، جيڪڏھن حڪومت طرفان ڌيان نه ڏنو ويو ته سنڌي ٻولي جو وجود عوام جي ذھن مان نڪري صرف سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪتابن ۾ رھجي ويندو.

ايڊووڪيٽ سوميه/حيدرآباد

ڪراچي ۾ 13 مندرن تي لينڊ مافيا جا قبضا!

  ڪراچي ۾ 13 مندرن تي قبضن جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن ۾ هنومان مندر فيريئر روڊ، شو ٽيمپل گجرات نگر، ناگ ناٿ، سري ماتا ٽيمپل ۽ ڪجھ ٻيا مندر جن تي لينڊ مافيا جا قبضا آهن، جنهن لاءِ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪيلاش ڪمار نالي شخص طرفان درخواست داخل وئي آهي. جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ 13 مندرن تي لينڊ مافيا ڪافي وقت کان قابض آهي، انهن مندرن تي قبضا مافيا قبضا ڪري هندن کي عبادت ۽ ٻي سار سنڀال ڪرڻ کان روڪي رهي آهي جيڪا ڳالهه بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي. ان کان سواءِ حيدرآباد ۾ پڻ درگا مندر تي تڪرار هلي رهيو آهي. جنهن لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان گلزار احمد حيدرآباد ۾ هندو برادري طرفان نوراتري فيسٽيول ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي آئين تحت حق ڏينداسين، ڇاڪاڻ ته هن وقت ڳالهه پاڪستان ۾ اقليتن جي مڪمل مذهبي آزادي ۽ انهن جي حقن جي آهي. سپريم ڪورٽ پاڪستان ۾ مندرن، گرجا گهرن ۽ ٻين اقليتن جي عبادتگاهن جو مڪمل تحفظ ڪندي رهندي. ڳالهه اها آهي ته ڪراچي ۾ 13 مندرن تي لينڊ مافيا جا قبضا آهن، ڪيلاش ڪمار طرفان داخل درخواست ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ حڪومت کي حڪم ڏنو وڃي ته مندرن تان قبضن جو خاتمو ڪيو وڃي. مندرن کي سٺي شهريت رکندڙ هندو برادري جي حوالي ڪيو وڃي. هن خط ذريعي سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪجي ٿي ته اها ان داخل درخواست جو پاڻمرادو نوٽس وٺندي ۽ سپريم ڪورٽ مان اڃا وڌيڪ اميد ڪجي ٿي ته مڙني اقليتن جي مندرن، گرجا گهرن ۽ ٻين اقليتن جي عبادتگاهن جي تحفظ لاءِ اهڙا حڪم جاري ڪندي جيئن آئين ۽ قانون جي بالادستي ملڪ ۾ قائم رهي ۽ اقليتن لاءِ هر قسم جي آزادي، عبادتگاهن ۾ بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ ممڪن سهولت سان گڏ سولاين کي يقيني بڻائيندي، ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان مڙني اقليتن جي مذهبي آزادي، عبادتگاهن جي تحفظ ۽ حقن جي حاصلات لاءِ هر وقت ڪوشان آهي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

انڌي ڀونڊي ۾ خوش‎‎!

  سنڌي ۾ مشھور چوڻي آھي ته انڌي ڀونڊي ۾ خوش، اھڙي حالت اسان جي سنڌ جي ماڻھن سان آھي جنھن کي ڪا خبر ناھي ته اسان جي ماتر ڀومي سان ۽ ان ۾ رھندڙ عوام سان ڪھڙي ويساهه گهاتي ڪئي پئي وڃي، جيئن ته اڳ ئي وفاق اسان جي مالي مسئلن تي شيش ناگ بڻجي وڏي ڦڻ ڪڍي اسان جي ماتر ڀوميءَ جا حق ڦٻائي ويٺو آھي، مٿان وري اسان جي چونڊيل نمائندن به اسان جي عوام سان ڪا گھٽ ويڌن ڪو نه ڪئي آھي، نوڪري، گھر، خوشحال زندگيءَ جو لالي پاپ ڏئي پئي ٿي، عوام جو خون ڊريڪولا بڻجي چوسي ان کي نه ھلڻ جھڙو ڇڏيو آهي نه ئي وري جيئن جھڙو، اسان پوءِ به خوش آھيون، ھاڻي وري آءِ بي اي جي طرفان پنج کان 15 گريڊ واري ٽيسٽ لاءِ غريب شاگردن کان چالان پيڊ ڪرائي پئي، ڏسون وري حڪومت ڪھڙي پاليسيءَ تحت نوڪرين جي ورڇ ڪري پئي، ڇا ان ۾ حقدارن کي حق ملندو؟ يا وري اھو ئي سنڌي وارو ڀونڊو هوندو؟

ايڊووڪيٽ محمد علي سومرو/ خيرپور

حيدرآباد جي سياحت لاءِ شھر جا واھ ڪافي آهن!

                 حيدرآباد شھر جي سياحت لاءِ تمام گھڻو پرڪشش آهي پر ضلعي انتظاميا جي نالائقي سبب ھر شعبي ۾ زوال ٿو نظر اچي، اعليٰ اختيار ڌڻي رڳو گڏجاڻيون ڪري ھليا وڃن ٿا، ضلعي آفيسر ڪو عملي قدم نٿا کڻن، ايريگيشن کاتو، روڊ کاتو، ايڇ ڊي اي، ۽ ڊي سي گڏجي سياحت لاءِ شھر جي واھن جي ڪنارن تي روڊ، پارڪ ۽ وڻڪاري سان پرڪشش بڻائي سگهن ٿا، جنهن سان شھر پر رونق بڻجي سگهي ٿو، ان سان گڏ باءِ پاس جي ٻنهي پاسن کان متبادل روڊ ٺاھي، شھر جي ٽريفڪ جي مسئلي کي حل ڪري سگهجي ٿو ۽ شھر جي خوبصورتي ۾ پڻ اضافو ڪري سگهجي ٿو، جنهن لاءِ انتظاميا کي خانگي رضاڪار شرڪت جي بنياد تي ڪم ڪرڻو پوندو، دلچسپي رکندڙ رضاڪار فردن کي سھولتڪار طور قبول ڪرڻو پوندو، جيڪي ماڻهو  انتظاميا جي مدد جا طلبگار آهن، انهن سان سهڪار ڪرڻي پوندي انهن کي باضابطا گڏجاڻين ۾ گهرائڻو پوندو ۽ انهن جي صلاحن تحت اڳتي وڌڻو پوندو. حيدرآباد جي جاگرافي فطري طور ڪافي سرسبز ۽ درياھ ۽ واھن سبب پرڪشش آهي، جتي اربن فاريسٽ ۽ فارم ھائوسز جي ڪافي گنجائش آهي، رڳو باءِ پاس کي خوبصورت بنائڻ سان شھر جي رونق کي چار چنڊ لڳي ويندا. واھن تي خوبصورت پليون ۽ فيري سروس سان به ڪافي ترقي ٿي سگهي ٿي. ان سان گڏ درياهه جي بند تي روڊ، جي تعمير ۽ پچنگ، وڻڪاري سان پڻ سياحن لاءِ دلچسپي پيدا ڪري سگهجي ٿي، جنهن لاءِ ايريگيشن ۽ ٻيلي کاتي جي سهڪار سان ڪافي ڪم ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي، سياحت ۾ فطري حسن کي تمام گهڻي اھميت حاصل آهي. گنجو ٽڪر به سياحت لاءِ بھترين مقام حاصل ڪري سگهي ٿو، جتي اربن فاريسٽ پوکي سگهجي ٿو ۽ لطيف آباد نمبر ھڪ جي او آر ڪالوني ڀرسان سرڪاري  زمين تي اربن فاريسٽ طور بانس جا وڻ پوکي سگهجن ٿا.

شبير کوکر/ قاسم آباد، حيدرآباد

پوري سنڌ جا شھر گند ڪچري جا ڍير بڻيل آھن !

  اسان صبح جو روز اٿندي ئي اخبار پڙھون ٿا ته سنڌ جي ڦلاڻي شهر ۾ گند ڪچري جا ڍير لڳي ويا آھن، واقعي هر شهر ۾ روڊن ۽ رستن سميت عوامي هنڌن تي گند ڪچري جا ڍير پيل هوندا آهن، سنڌ جي ڪافي شھرن ۾ هاڻي اهو ڏٺو ويو آهي ته گند ۾ گهڻي ڀاڱي ڪاغذ، سڙيل ڀاڄيون، ڪپڙو، پلاسٽڪ، ڌاتو ۽ رٻڙ موجود هوندا آهن، اسان وٽ هر لوڪل گورنمينٽ جي هر هڪ يونين ڪائونسل وٽ بجيٽ پڻ آهي پر خبر ناهي ڇو پوءِ به اسان جا شهر گند ڪچري جو ڍير بڻيل آهن پر جيڪڏهن شهرن جا چيئرمين ۽ ميمبر چاهين ته شهر صاف ٿي سگهن ٿا، صفائي ايمان جو حصو آهي، صفائي سٿرائيءَ سان نه رڳو صحت پر ماحول به صاف ۽ سٺو رهي سگھي ٿو، ‏اسين گهرون ٿا سنڌ جي مختلف شھرن ۾ صفائي ھجي، اسين انسان آهيو، حيوان به جتي ويهي ٿو ان جاءِ کي صاف ڪري ويهندو آهي، اسان جي شهر جا نمائندا ڪاٿي گم آهن؟ سنڌ جو هر شهر گندگيءَ سان ڀريل آهي، ڪو صفائي جو انتظام ناهي، پنھنجي اخبار جي ذريعي آواز اٿاري رهيا آهيون ته سنڌ جي سمورن شھرن ۾ صفائي ڪرائي وڃي، سنڌ جا شهر اسان سڀني جو گهر آهن.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

ڇا واهي پانڌي پاڪستان جو حصو ناهي‎‎!

  واهي پانڌي ڪاڇي جو اهم شهر آهي، هن شهر ۾اڻ ڳڻيا مسئلا آهن، پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هيل تائين واهي پانڌي ۾ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿيو آهي، جوهي کان ڪاڇي ويندڙ رستي جي مرمت ڪرائڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا لکيو، احتجاج ڪيا آهن پر ڪو نتيجو نٿو نڪري، روڊ هنڌان هنڌان اکڙي ويو آهي، واهي پانڌي جوهي روڊ تي گاڏين جي اچ وڃ ۾ تمام گهڻي تڪليف ٿئي ٿي، نئين گاج جي تيز وهڪري سبب ڪاڇي جي ڪيترن ئي شهرين کي پاڻ سان ملائيندڙ جوهي واهي پانڌي روڊ مڪمل تباهه ٿي ويو آهي. جوھي ڪاڇي جو اهم شهر واهي پانڌي سنڌ جو ڪوهه مري تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن ڏانهن ويندڙ روڊ نئين گاج جي وهڪري سبب مڪمل تباھ ٿي ويو آهي، علائقي واسي سخت پريشان آهن، واهي پانڌي جوهي روڊ جي مرمت نه ٿيڻ ڪري سنڌ جي تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن ڏانهن ويندڙ سياحن کي به پڻ تڪليف کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، واهي پانڌي جوهي روڊ تي پورو ڪاڇو سفر ڪندو آهي، واهي پانڌي ٽنڊو رحيم خان، گاجي شاھ، ڊرگهه بالا، ڳوٺ پريو جمالي، ڳوٺ فضل جمالي، ڳوٺ شفيع محمد لنڊ، ڳوٺ مراد جمالي، پوٽو لنڊ، يار محمد رند، بکر جمالي، پير بخش لاشاري، غلام محمد لاشاري، ڳوٺ صاحب خان لغاري ۽ ٻين علائقن واسين پاران اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. علائقي واسين تڪ جي ايم پي اي رفيق احمد جمالي، سيد صالح شاهه، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو آهي ته واهي پانڌي جوهي روڊ جي جلد مرمت ڪرائي ڪاڇي واسين کي تڪليف کان بچايو وڃي.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو