واڪا ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو!

                 سنڌ جو ضلعو ٿرپارڪر اهڙو ترقيءَ يافته علائقو ناهي. اڄ به اڪثر ٿر جي ڳوٺن ۾ روڊ، بجلي، پاڻِي ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي اڻهوند آهي. ٿرپارڪر ضلعي ۾ جيڪي به هڪ شهر کان ٻئي شهر يا وڏن وڏن ڳوٺن تائين مين روڊ ٺهيل آهن اهي اڪثر ڪري جنرل پرويز مشرف جي حڪومت ۽ ارباب غلام رحيم صاحب جي وڏ وزارت دوران ٺهيا ۽ ٿر جي ڪافي ڳوٺن جا روڊ ان وقت جا منظور به ڪيل هئا جنهن مان ڪجھ پوئين حڪومت ۾ ٺهيا ڪي اڃان رولڙي جو شڪار آهن. ٿرپارڪر ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر واري شهر مٺي کان ڏکڻ طرف جيڪي به پراڻا روڊ ٺهيل آهن. اتي جا ماڻهو هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين سڌو روڊ نه هجڻ ڪري وڏي ڦيري سان منزل تي پهچندا آهن. مثال طور پوسرڪو کان پاٻوهر روڊ هجي ته مهراڻي جي پاسي جو ماڻهو مٺيءَ مان ڦري اچڻ واري چڪر کان بچي وڃي ۽ هو مٺي-ڪلوئي مين روڊ کان سڌو پوسرڪو پاٻوهر کان هيٺ وڃي سگهي ٿو. ساڳي طرح ڪڪراڙيو سمان کان ڊيڊسڙھ روڊ هجي ته يوسي جهرمريو جو ماڻهو ڀڪوئو کان ڦري اچڻ واري چڪر کان بچي وڃي ۽ هو مٺي- ڀڪوئو مين روڊ کان سڌو ڪڪراڙيو سمان ڊيڊسڙھ کان هيٺ وڃي سگهي ٿو. اهڙي طرح چونپڻي سميجا کان ڊوڙي ناٿڙو روڊ هجي ته وَٽِ جو ماڻهو ڀڪوئو يا وي هنگورجا کان ڦري اچڻ واري چڪر کان بچي وڃي ۽ هو مٺي- چونپڻي مين روڊ کان سڌو ڊوڙي ناٿڙو کان هيٺ وڃي سگهي ٿو. بلڪل ساڳئي طرح جهرمريو کان ڪونئرل نيٻي ويري يا ڇھو روڊ هجي ته وَٽِ جو ماڻهو ڀڪوئو کان ڦري اچڻ واري چڪر کان بچي وڃي ۽ هو سڌو جهرمريو، ڪونئرل، نيٻي ويري يا ڇھو کان هيٺ هليو وڃي. هتان جي چونڊيل نمائندن کي گذارش آهي ته ڪنهن مخصوص کي نوازڻ بدران اهڙو ڪم ڪريو جنهن سان گهڻي عوام کي فائدو ٿئي.

اعجاز علي سميجو / ڳوٺ ڊوڙي، ٿرپارڪر

ملڪي ترقي لاءِ بي رحم احتساب ۽ آئيني سڌارن جي ضرورت

  سياستدانن ۽ آفيسرن کي سڌارڻ لاء بي رحم احتساب ۽ سڌارن جي سخت ضرورت آهي، جيڪي ٽئين ڌر طرفان نافذ ٿيڻ گهرجن،  هن وقت  نيب، احتساب عدالتون ۽ عوامي مزاحمت  سان هنن تي ڪو فرق نه پئجي سگهيو آهي. دولت ۽ اثر رسوخ سبب هر ڪرپٽ ماڻهو سزا کان بچي وڃي ٿو  ۽ سياستدان اسيمبلي ۽ ڪابينا تائين رسائي برقرار رکن ٿا. آفيسر به ٻُڙي ڪارڪردگي ۽ رشوت خوري باوجود ترقيون ماڻيندا وڏن عهدن تي رسائي حاصل ڪري وٺن ٿا.  سماج مڪمل طور سندن گرفت ۾ اچي چڪو آهي.  عوام  سندن طاقت اڳيان بي وس ٿي پيو آهي ۽ قانون سندن هٿن هڪ رانديڪو ٿي پيو آهي. سو سيڪڙو سياستدان ۽ آفيسر عدالتن ۾ بدعنواني جي ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهن جن مان ڪيترا جلاوطن ته ڪيترا ضمانتن تي آهن ۽ ان جي باوجود سياستدان ۽ آفيسر  علي عهدن تي برقرار آهن. جيڪا ڳالھ قابل افسوس ۽ عوام جي ڀلائي ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻجي پئي. ان طاقتور بڻجي ويل طبقي تي  قانون جي گرفت  بي اثر ٿي پئي آهي. ان لاء  مٿئين تجويز قابل غور ٿي سگهي ٿي جنهن لاء رضاڪار نگران ڌرين کي پيش قدمي ڪرڻ گهرجي.

 سرڪار طرفان تازو کليل ڪچهريون منقعد ڪيون ويون جن ۾ عوام سندن آڏو شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا، جن جو بروقت ازالو نه ٿيڻ تي سياسي ڪارڪنن  ۽ آفيسرن وچ ۾ شديد اختلاف ۽ بدنظمي ڏٺي وئي، جنهن مان  سياستدانن ۽ آفيسرن جي ٻڙي ڪارڪردگي ثابت ٿي آهي، جنهن جو اعتراف کليل ڪچهري جا خاص مهمان وزير ۽ مشيرن ڪري چڪا آهن. سياستدانن ۽ آفيسرن جون کليل ڪچهريون اسان جي سماج جي زوال جو  آئينو ٿي پيون آهن.

شبير کوکر/ قاسم آباد، حيدرآباد

سنڌ جو شعور جاڳي سرداري ۽ ڀوتارڪي نظام جو خاتمو آڻي!

                 اسان جي اردگرد ٿيندڙ سماجي براين ۽ ناانصافين کي ڏسي با ضمير ماڻهو جو ضمير اٿي پوندو آهي. جڏهن اهو ميدان ۾ لهندو آهي ته هٿرادو رڪاوٽون هن جي راھ ۾ رنڊڪ وجهي ڇڏينديون آهن. اهو انڪري اهو ڇو اسان خلاف  ڇو ٿيو آهي. اسان جي عيبن کي وائکو ڪري ٿوئ ٻيا ستا پيا آهن ته هي ڇو جاڳيو آهي؟ ان جو تازو مثال ناظم جوکئي جو قتل آهي جنهن صرف پکين  کي بچائڻ چاهيو پئي پر عارب ۽ انهن جي حماين هن کي شهيد ڪري ڇڏيو! سندس گهر وارا روڊ تي احتجاج ڪري رهيا آهن پر حڪومت بااثر وڏيري /سردار اڳيان بيوس بڻيل آهي جنهن ملڪ ۾ قتل ٿيڻ کي ڪافي ڏينهن گذري ويا هجن ۽ قاتل پنهنجي مستي ۾ مست هجن، ته ان کان مٿي غلامي جون نشانيون ڪهڙيون هونديون؟

                 ٿورو سوچڻ گھرجي ته ان ماءُ تي ڇا گذري هوندي جنهن پنهنجي ڪونڌر پٽ لاء ماني پچائي رکي هجي ۽ پٽ  لاش جي روپ ۾ ملي! جنهن بي ضمير سردار عارب جي وڊيو ڀرڻ تي نظام جوکئي کي شهيد ڪيو مان کان بغاوت ٿو ڪريا، جيڪو ڌارين جي چاپلوسي ڪري پنهنجن جاٿو سر وڃائي ان خلاف سنڌ جي شعور کي جاڳڻ کپي. هاڻ ڀوتارڪي سرداري نظام جو خاتمو اچڻ گهرجي، ائين نه ٿيو ته ٻاهرين مالڪن کان ايندڙ عرب توڙي ٻين ملڪن کان ايندڙ ماڻهو سنڌين جو سري عام خون ڪندا رهندا ۽ ڪو داد فرياد ڪون ٿيندو

 ڪاشف جوکيو / نيوڇور

منهنجي سنڌ سان ڪلور ڪڏهن بند ٿيندا..؟

  منهنجي اوليا پيرن فقيرن جي سنڌ ڌرتي ۾ سدائين کان ڪلور ٿيندا پيا اچن. منهنجي مهمان نواز سنڌڙي کي ڄڻ ته ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي. سسئي ۽ پنھوءَ جي محبت جا مثال ڏيندڙ باغي بڻجي ويا! بس منهنجي سنڌ کي ڄڻ ته نظر لڳي وئي آهي. اوطاقن مان ڪچهريون ختم ٿي ويون، ڀتر جي ٽڪري ۾ خون ٿا ٿين ته ڪڏهن وري پکين کي مارڻ واري ڳالھ تان نوجوان ڪونڌر پيا ڪسجن! سنڌ جي ڳڀرو نوجوان ارشاد رانجهاڻي جي بي گناھ قتل جو سور مس ختم ٿيو ته ڪرسي جي پاور ۽ پئسي جي نشي ۾ ڌت وزيرن ڀوتارن  ٻين ملڪن جي شهزادن  کي پنهنجا شوق پورا ڪرائڻ لاءِ انسان کي ماري ڇڏيو.

  عرب شڪاري جيڪي صدين کان  سياري جي مند ۾ شڪار ڪرڻ لاءِ  سنڌ ايندا آهن! ڄڻ منهنجي سنڌ ايڏي نڌڻڪي آهي!  اهي شڪاري پکين کي مارڻ لاءِ نه پر پنهنجي حواس پوري ڪرڻ لا۽ ايندا آهن، اها حواس ڪهڙي آهي؟ آئون اها بي حيائي مان نٿو لکي سگهان! ڇو ته هر بالغ شخص سمجهي ٿو پر بي ضميرا ڀوتار وڏيرا آهن جيڪي چند پئسن جي ڪري عرب شڪارين کي خوش ڪيون وتن ٿا. سنڌ ته ڄڻ انهن جي پنهنجي جاگير آهي، جئين وڻين تئين ڪن!

  تازو ملير ۾ ناظم جوکيو هڪ سوشل ورڪر انسان، جيڪو هميشھ پنهنجي اندر ۾ محبت جو مٺاس احساس دلي واري دل رکي هر شخص سان پيار ايسيتائين جو پکين سان پيار ڪندڙ شخص هو،  سو اڄ محبت جو ميراس قائم رکندي هڪ پکي کي بچائڻ لاءِ پنهنجي جان جو نذارانو ڏئي سوين اکيون آليون ڪري پرلوڪ پڌاري ويو. پنهنجي  معصوم نياڻي کي بابا بابا جا هانوَ ڏاريندڙ ڪوڪون رڙيون آسمان تائين پهچائي هليو ويو. ڪرسي جي پاور رکندڙ ۽ پئسي جي نشي ۾ ڌت ڄام اويس جوکيو ناظم جوکيو جهڙي ماڻهو کي ماري هڪ پاپ کنيو! نوجوان شهيد ناظم جوکيو جي ان بيواه ۽ معصوم نياڻي جو هاڻ ڇا ٿيندو؟ جيستائين ملڪ اندر قانون جي بالادستي قائم نه هوندو تيسيتائين ڪڏهن ارشاد رانجهاڻي کي ته ڪڏهن واري ناظم جوکيو کي ماريو ويندو! ان ڪري هن ايم پي اي کي موت جي ڏني وڃي ته جئين ناظم جوکيوجي روح کي راحت ملي سگهي ۽ ناظم جوکي جي وارثن کي به ڪجھ سڪون ملي سگهي ۽ ٻيو ڪو بيگناهه ناظم جوکيو نه ماريو وڃي.

توفيق لنڊ/  ڪنب‎‎

شاگردن جي مستقبل جو سوال

  شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جو انمول ڪارنامو سامهون آيو آهي، جنهن تحت بنا بغير ڪنھن پيپر ۾ فيل ٿيڻ جي ھزارين بي اي بي اي سي بي ڪام ۽ ماسٽر آف آرٽس ڪندڙن کي ھڪ سال پوئتي ڌڪيو ويو آهي. يونيورسٽي جي نااھل انتظاميا 2020 جو ساليانو امتحان 2020 ۾ وٺڻ بجاءِ 2021 جي سيپمٽبر مھيني ورتو آھي، جنھن جو نتيجو نااھل انتظاميا ھن وقت پڌرو ناھي ڪيو ۽ نه وري ڪو 2021 جوساليانو امتحان 2021 ۾ وٺڻ امڪان نظر اچي رھيو آھي. ان سلسلي ۾ ھزارين شاگردن سٽيزن پورٽل ايپ تي ايڇ اي سي چيئرمين ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي شڪايتون ڪيون آھن، جنھن جو ازالو نه ايڇ اي سي جي چيئرمين ڪيو نه وري انساني حقن جي سيڪريٽري ڪو نوٽيس ورتو آهي. ڏٺو وڃي ته ان مامري ۾ ھزارين شاگردن جو ڪھڙو قصور آھي؟ پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جي شاگردن ته نه آندو آھي جو ھيءَ يونيورسٽي شاگردن سان اهڙو ورتاءُ ڪري رھي آھي. شاگردن جو مطالبو آھي ته بي اي بي ايس سي بي ڪام ۽ ماسٽر آف آرٽس جي 2020 جي سالياني امتحان جا نتيجا پڌرا ڪيا وڃن ۽ 2021 ڪو ساليانو امتحان 2021 ۾ وٺي انصاف فراھم ڪري مايوسي ۾ مبتلا شاگردن جو مستقبل بچايو وڃي.

ڪفايت گل /خيرپور‎‎

جديد ٿر کان وسريل راجپوتن جي رھاڻ…!

  انھن راجپوتن جو اسان مختلف رس رھاڻين ۾ وقت بوقت وڏڙن واتان ٻڌو آهي، سندن ڪردارن، ويڙهه، گناتپي جي گوناگون گهيڙن، وٽيءَ جو وھ، سيمن جي سڃاڻپ، ڏھرن ۾ سندن ڏھڪاء، وڻن ۽ وسڪارن جي وارثي، ڌڙن ۽ ڌيئرن جي رکوالي، سڙھن، مڙھن ۽ ماڻسن جي مالڪي متعلق مختصر ۽ اڻ پوريون آکاڻيون سُيون ھيون پر جڏهن پاٻوھر ۾ ڏيوالي جو ڏيئو ٻاريندي ھو سوڍن جي صاحبي جي رس رھاڻ ۾ ڏنل ڏانن تي ڪوي چارڻن جي دوھن ۽ پاٻوھر جي پيچرن جي رکوال پرمار سوڍن ترارن تلوارن جي سفيد چاندي چڙهيل ھٿ ڳنن جي حسب نسل تي ڳالھائي ٿو ته ويٺلن جي ڦينٽن جا ويڙهيل ور نه رڳو سرڪن ٿا پر اُهي ڪنڌ به لڙڪندي نظر اچن ٿا جيڪي وقت جي تازين چمڪ پٽين ۾ اُت نه کُت وارا ڪاٽن ڪلچري موسمي مشروم  ٿي ھر ھنڌ ۽ ھر جاءِ تي اول صفي بڻجندا رهن ٿا.

  راءِ سنگهه جي ڪوٺايل انھي رھاڻ ۾ اڇڙي ٿر کان راحمڪي بازار جي سونهري ريت تائين، عمرڪوٽي ڪس جي ڪچي مٽيءَ کان رڻ جي لوڻياٺي ھڏڙن تائين جا ست رنگي ڦينٽن وارا سردار سوڍا ڪٺي ٿيا هئا. جن جي من ۾ پاٻوھر جي پوشاڪ کي پرکڻ بجاءِ محفل جي مھانتا ماڻڻ جي حرص ڪجھ سرس ئي نظر ٿي آئي. جيتوڻيڪ سوڍن جي صاحبي جو محور ۽ مرڪز ته مشرقي ٿرپارڪر ھو، جتي جي ريت سوڍن جي گهوڙن جي سُنبن جا پيرا ويڙھن ۽ وڍن ۾ محفوظ بڻائي پنهنجي وسيع ۽ ويڪري سيني ۾ سجايا آهن. پر پارڪر ۽ سامروٽي جي سيمن به سوڍن جي سُرھاڻ ۽ سڳنڌ کي موجوده ماحول جي ميراڻ کان محفوظ بڻائي رکيو آهي. حالتن جي ھيراڦيري ۽ وقت جي اُلٽي ڪروٽ ۾ جڏهن دنيا گلوبل وليج جي ويڙھي ۾ ويڙھجي بڻ بڻياد، حسب نسب ۽ خانداني سگهاري لڙي کي لتاڙي صرف ماڻهو تائين محدود ٿي وئي آهي اُتي وري ھي سوڍا جهونجهار ساري جڳ جھانء کان بنھ الڳ ٿلڳ ٿي نابري واري بيھن ٿا.

  راءِ ڏياچ کان سُرندي جي سازن تان سر وٺندڙ ڪوي چارڻن کي ساکي بڻائي سوڍن جي صاحبي جي ست راڄي پيڙھي واري چارٽ تي جڏهن راءِ سنگھ سوڍو اسٽڪ کڻي ٿو ته مون سميت علي اڪبر راھمون ۽ ڀارو امراڻي کي اُھا لڪڙيءَ جي ھلڪي اسٽڪ سوڍن جي سورھيائي واري سگهاري تلوار بڻجي اڄڪلهه جي مشرومن جي ڪنڌن تي ڪرندي نظر پوي ٿي. پاٻوھر جي سوڍن جي سورھيائي، سماج جي ريتن روايتن، ننگ ۽ سنگ سڃاڻڻ واري وراثتي وکر، ڌرتيءَ ۽ دراوڙن جي مالڪي جي مڻيا، پکين ۽ پسوئن جي پيڙا کي سمجهڻ ۽ نئينء ٽھي جي نوجوانن کي عطا چانھيون جي اُڏامندڙ اک سان ڏيکارڻ لاءِ ٿرپارڪر بار جي اڳوڻي صدر راءِ سنگھ سوڍو ديوالي جي دلربا ۽ دلنشين رنگن سان متل ميڙي ۾ صدي اڳ سرويچن جو تذڪرو ۽ جديد جھانء جي جونجهارن جي رکيل روايتن جي تسلسل کي فوڪس ڪيو هو. راڻن جي رھاڻين ۾ ننڍ وڏائي جي احترامن، سماج کي احسن نموني سان سُلجهائڻ ۽ ھلائڻ، ڌرتيءَ ۽ ڌرتي ڄاون جي حقن جي پاسداري ڪرڻ جو جيڪو ڏانء، ڏس ۽ درس ملي ٿو اُھو جديد دور جي نالي چڙهيل نامور يونيورسٽين مان به لکين رپين جي في بدلي پُڻ نٿو ملي سگهي.

  سموري سنڌ کان ڪھي آيل سنڌ جي شعور سان گڏ راجپوت گهراڻن جي راجوير پُٽن نه رڳو اھڙيء ايونٽ کي ساراهيو بلڪ ٿر سنڌ ۾ وڌيڪ اھڙن پروگرامن کي منعقد ڪري نئين نسل کي ڄاڻ ڏيڻ تي پڻ زور ڀريو.  ڌرتيءَ جي ڌڻيپ ڪرڻ جا گس گهيڙ ۽ گهاٽيون سيکارڻ سان گڏ جديد ٿر کان وسري ويل اھڙن ريتن رسمن ۽ روايتن کي جئيندان ڏيڻ لاءِ جاکوڙ جا وچن ورجايا ويا.

نياز سميجو

ناظم جوکئي جي شهادت: علي قاضي وري پاڻ ملهايو

                 سنڌ جي نالي واري دانشور علي قاضي صاحب کي جس ھجي جنھن شھيد ناظم جوکئي جي ٿيل ظالماڻي قتل کي  وائکي ڪرڻ لاء احتجاج جو سڏ ڏنو. ڪنھن به قوم جا سجاڳ دانشور ان قوم جي وحدانيت جا امين ھوندا آھن. علي قاضي صاحب انھن سنڌ جي چند دانشورن ۾ شمار ٿئي ٿو جنھن ڪڏھن به سنڌ جي ڏکن تي خاموشي اختيار ناھي. اڄ سندس ناظم جوکئي جي حوالي سان ڪردار تاريخ جو اھم باب بنجي چڪو آھي.

                 محترم علي قاضي صاحب  ھميشه سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي پاڻ ملھايو آھي. مون ڪڏھن به ناھي ڏٺو ته علي قاضي صاحب  چپ جو روزو رکيو ھجي.جڏھن  به سنڌ جي وحدانيت تي ڪارا ڪڪر ڪڙڪيا آھن ته علي قاضي صاحب ان جي خلاف پنھنجي مزاحمت کي فرض سمجھو آھي. ويجھي ئي ماضي جي ڳالھ آھي جڏھن سنڌ جي ثقافت تي ڪاري وار ٿيو ھو ته علي قاضي صاحب پنھنجي مدبرانه سوچ سان ان ڪڌي عمل کي  گجگوڙ ڪري للڪاريو ھو ۽ سموري سنڌ کي احتجاج لاء يڪجا ڪري ڇڏيو ھو.سنڌ جي جديد تاريخ علي قاضي صاحب جي ان عمل کي وڏي احترام واري اک سان ڏسي ٿي.

  علي قاضي صاحب اھو تاريخي فرض ڇو ادا ڪري رھيو آھي.جنھن جو جواب اھو آھي ته کيس معلوم آھي ته تاريخ ۾ ھڪ سچيت ماڻھون يان دانشور جو ڪردار ڪھڙو آھي.تاريخ ۾ ھڪ سچيت ۽ دانشور ماڻھون جو ڪردار اھو  آھي ته ھو پنھنجي معروض جو آئينه دار ھجي ۽ سچ جي پرده پوشي نه ڪري.علي قاضي صاحب ۾ اھي سمورا گڻ موجود آھن. اڄ جڏھن سنڌي نوجوان  شھيد ناظم جوکئي جي المناڪ سانحي تي ھن جي بيگناھ وھايل رت سان  وفا جو سوال اٿيو آھي ته علي قاضي صاحب وڏي رڙ ڪري نروار ٿي بيٺو آھي.اھو وفا جو انداز مون رڳو علي قاضي صاحب وٽ ڏٺو آھي.شايد سنڌ سان محبت جي ستي سندس ماء ٻنڌڻ ٻڌڻ وقت ٽاڪي ڇڏي ھئي. اميد آھي ته علي قاضي صاحب ان وقتائتي عمل سان شھيد ناظم جوکئي جي ناحق خون سان انصاف ٿيندو.

فائزه سولنگي / مورو

شهيد ناظم سان گڏ فھميد سيال جو ناحَق قتل به نه وسارڻ گھرجي

  خبرون هلن پيون ته ٽي چار نومبرجي وچ واري رات سيال ۽ اسراڻ برادي ۾ زميني تڪرار تان ايم پي اي گنھنور اسراڻ جي پيء پکو شھر ۾ سيال برادري جي گھر مٿان حملو ڪرايو. نتيجي ۾ ھڪ نياڻي فھميده سيال گولين جو بک بڻجي شھيد ٿي وئي ۽ ھڪ گھر ڌڻي زخمي ٿيو. پوليس ڪجھ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ته ڪئي آهي پروارثن مطابق مک قاتل ايم پي اي گنھنور اسراڻ جي پيءَ کي پوليس گرفتار نه ٿي ڪري. وارثن اھو الزام پڻ لڳايو آھي ته فھميده سيال جا  ھڙئي قاتل ايم پي اي سردار گنھنور اسراڻ جي بنگلي ۾ ويٺل آھن پوليس کين گرفتار ڪرڻ لاء تيار نه آھي. ھڪ ڏينھن ۾ سنڌ جي ٻن شھرن ۾ ٻن ايم پي ايز ھٿان ٻن بيگناه شهرين ھيدن ناظم جوکيو ۽ فھميده سيال جي قتل مان ظاھر ٿئي ٿو ته ھھڙي جديد دور ۾ به سنڌ ۽ سنڌي سرداريء جھڙي ڪڌي ۽ بدبودار نظام ۾ ڦاٿل آھن. سنڌ ۾ اظھار جي آزادي مٿان سنڌ جي سردارن توڙي حڪومت پاران پابندي لڳايل آھي! حيرت جھڙي ڳالھ اھا آھي ته ٻنھي ايم پي اي سردارن ھٿان بيگناه قتل ٿيل ٻنھي شھيدن جي شھادت تي وزير اعليٰ سنڌ توڙي پ پ جا چونڊيل نمائندا مجبوري تحت فقط شھيد ناظم جوکيو جي تڏي تي سياست چمڪائڻ آيا ۽ پ پ چئيرمين پاران ناظم جوکيو جي قتل جي مذمت ۽ جوابدار گرفتار ڪرڻ جو چيو ويو آهي، پر پکو جي شھيد نياڻي جي بيگناه شھادت تي پ پ چيئرمين سميت سواء ميرنادر مگسي جي پ پ جي ڪنھن به اڳواڻ يا چونڊيل نمائندي جو ڪو ردعمل سامھون نه آيو آهي. نه ڪوي سندس وارثن وٽ ھمدردي لاء لڙي آيو آهي. ڏک ته تڏھن ٿيو جڏھن وزير اعليٰ سنڌ کان ناظم جوکيو جي قاتل ايم پي اي گھرام جوکيو جي پارٽي ميمبر شپ ختم ڪرڻ بابت سوال ڪيو ويو ته هن غير ذميواري جو مظاھرو ڪندي غيرمطمئن ڪندڙ لھجي ۾ چيو ته ضرورت پئي ته گھرام جوکيو جي پارٽي ميمبر شپ معطل ڪئي ويندي!

  ھاڻ اوھان سوچيو ته ھھڙي ناحق قتل تي وزيراعليٰ کي ڄام گھرام جي پارٽي جي بنيادي ميمبر شپ ختم ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي ته پوء ڪڏھن کيس گھرام جوکيو جي پارٽي ميمبر شپ ختم ڪرڻ جي ضرورت پوندي؟ ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته پ پ قيادت کي شھيد نياڻي فھميده سيال جي مک قاتل ايم پي اي گنھنور اسراڻ جي پيء سميت سمورا جوابدار گرفتار ڪرائڻ سان گڏو گڏ ناظم جوکيو جي قاتل ايم پي اي ڄام گھرام جوکيو ۽ شھيد فھميده سيال جي قاتل پيء جي پٽ ايم پي اي گنھنور اسراڻ جي بنيادي ميمبر شپ ختم ڪرڻ گھرجي ۽ متاثر خاندان جي ڀرپور مدد ڪرڻ گھرجي

اسماعيل بھلڪاڻي/تنگواڻي