ڌرتي ڌڻي پنهنجي سرزمين تي غير بڻجي ويا!؟
سنڌ ڌرتي ازل کان ئي امن امان واري ڌرتي رهي آهي. سنڌي قوم هڪ پر امن ۽ مهمان نواز قوم آهي. هتي ڌاري آبادڪاري تيزي سان وڌي رهي آهي، جنهن سبب سنڌ ڌرتي جو امن امان خراب ٿي رهيو آهي. سنڌ سرڪار جي خاموشي ان ڳالھ جو واضح ثبوت آهي ته هي ڌاري آبادڪاري ۽ جعلي ڊوميسائيل واري مسئلي تي ٻڙڪ به نه ڪڍندا. هتي هٿ ٺوڪي انتها پسندي ۽ سنڌي ۽ پٺاڻ واري جهيڙي کي هٿي ڏني پئي وڃي. جنهن ۾ سئنون سڌو فائدو سرڪار جو ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هي سنڌ جي امن کي هٿ سان تباهه ڪري پوءِ ان تي وري سياست ڪندا. سنڌي پنهنجي ئي ڌرتي تي روز تذلیل جو شڪار ٿين ٿا. ڪڏهن فيڪٽرين ۾ سنڌي مزدورن تي حملا ڪيا پيا وڃن ۽ کين زخمي ڪيو وڃي ٿو، ته ڪڏهن وري سنڌ ڄاين تي وچ بازار ۾ حملا ڪريو کين تذليل جو نشانو پيا بڻائن. هتي غير طاقتور ٿيندا پيا وڃن ۽ اصل ڌرتي ڌڻين کي ڪمزور بنايو پيو وڃي. اسان کي پنهنجي ئي ڌرتي تي روز ڪراچي مان لاش پيا ملن ۽ اسان مان  وري ڪجهه  ڌاريا آبادڪاري جي حق ۾ سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي واويلا لايو ويٺا آهن. هن وقت سڄي قوم کي هڪ ٿي هڪ مهم هلائڻ کپي ته هنن ڌارين کي زمين جو هڪ انچ به ناهي ڏيڻو، نه انهن سان ڪو واپار ڪرڻو آهي. جعلي ڊوميسائيل واري مسئلي کي هڪ دفعو ٻيهر اٿارڻ گهرجي ۽ ڀرپور بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڌارين جي لوڌ کي شڪست ڏئي پنهنجي ڌرتي ۽ قوم کي هن عذاب کان بچائي سگهون.
سيد علي رضا شاه ٻيلو/سجاول

بوزدار وڏا ڊگري ڪاليج سان ايتريون ناانصافيون ڇو؟
خيرپور ضلعي جي ٺري ميرواھ تعلقي جو بوزداروڏا ڳوٺ نما ننڍڙو شھر آھي. ھن شھر ۾ رهندڙ 90 سيڪڙو ماڻهو تعليم يافتا آھن. هتي ڪيترائي خانگي ۽ سرڪاري تعليمي ادارا پڻ آھن.  ھن شھر جي بدنصيبي اھا آھي جو ھتان جي سياستدانن ھن شھر کي تباھ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آھي. ھن شھر جا روڊ اسپتالون توڙي تعليمي ادارا ھجن، انھن ۾ ھنن سياستدانن ڪرپشن جا انبار لڳائي ڇڏيا آھن. رهواسين ۽ ساڃاھ وندن جي وڏي ڪوشش کانپوء ٽائون ڪاميٽي بوزداروڏا ۽ ڀر پاسي جي آبادي جي شاگردن کي مئٽرڪ بعد اڳتي تعليم جي سهوليت لاءِ  شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي دور 1996ع ۾ گورنمينٽ سائنس آرٽس ۽ ڪامرس ڊگري ڪاليج جي منظوري ملي، ساڳئي ئي سال هاءِ اسڪول بوزداروڏا جي عمارت ۾ ڪامرس جا ڪلاس هلايا ويا. جيستائين ڪاليج جي عمارت جڙي. ڪاليج منظور ٿيندي ئي پرنسيپال سميت 11 ليڪچرار مقرر ڪيا ويا. 2002ع ۾ ڪاليج جي ايس اين اي منظور ٿي. ڪاليج جي عمارت جي ڪم لاءِ 2014ع ۾16 ڪروڙ 90 لک رپيا منظور ڪيا ويا جيڪي استعمال نه ٿيڻ سبب ليپس ٿي ويا، جنهن بعد وري 2017ع ۾ ڪاليج جي عمارت جو ڪم شروع ٿيو، جيڪو 2020ع ۾ مڪمل ٿيو. هن ڪم جو ٺيڪو پيپلزپارٽي جي ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو جي ڀاءُ ڪاشف ڀٽو کي ڏنو ويو، جنهن عمارت جي تعميراتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو. سائنس آرٽس ۽ ڪامرس ڊگري ڪاليج جي 9 ڪروڙن جي لاڳت سان ٺھيل عمارت ڪاليج انتظاميا کي ھينڊ اور ٿيڻ کان اڳ ئي مختلف ھنڌن تان ڏار ڏئي وئي ۽ عمارت جي ڇت مان چاپڙ ڪرڻ لڳا ۽ برسات پوڻ سبب ڇت ٽمڻ لڳي جنھن ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻين جو تعليم حاصل ڪرڻ خطري کان خالي ناھي. عمارت جو ھنڌان ھنڌان ٽٽڻ ڪرپشن جو چٽو ثبوت آھي. جهڙي تهڙي ڪاليج جي عمارت ته ٺهي وئي پر اتي پهچڻ لاءِ رستي ۽ حفاظت لاءِ چوديواري جي سخت صرورت محسوس ٿي، ڇو ته عمارت شهر کان ڪجھ مفاصلي تي ٻاهر هئي. وري 45 لک روپين جي چوديواري جو ٺيڪو پڻ ساڳئي سياسي اثر رسوخ رکندڙ پ پ ايم اين مھرين ڀٽو جي ڀاءُ ڪاشف ڀٽو کي ڏنو ويو آھي، جيڪو ڪاليج جي عمارت جيان چوديواري ۾ به ناقص مٽيريل استعمال ڪرائي رھيو آھي. جنھن جون خبرون سوشل ميڊيا پرنٽ ميڊيا اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ھلنديون رھيون آھن پر اعليٰ اختيارين جي ڪن تي جونءَ  به نه چري آھي. بااثر ٺيڪيدار ۽ ايس ڊي او عبدالخالق شيخ ملي ڀڳت ڪري چوديواري 9 ايڪڙن تي ڏيڻ بجاء ٺيڪو پورو ٿيڻ جو جواز ڄاڻائي 6 ايڪڙن تي چوديواري جو ڪم بند ڪري رھيا آھن. ٻڌڻ ۾ آيو آھي ته بقايا 3 ايڪڙ ڪاليج جي زمين ڀڳڙن مٺ عيوض با اثر کي وڪرو ڪري رھيا آھن.پ پ جي دور حڪومت ۾ تاريخي ماڳ ته وڪرو ٿيندا رھيا آھن پر ھاڻي درسگاھن کي به وڪرو ڪرڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آھي، حييت آهي ته نيب ۽ اينٽي ڪرپش جا ادارا  ايڏي ڪرپشن تي ڇو  خاموش آھن؟
حسين ٽانوري / بوزداروڏا

ڇا دنيا ۾ حڪومتون ڪرونا جي پٺڀرائي ڪري رهيون آهن
واڳ ڌڻين جو هڪ بيان سامهون آيو آهي ته اسان کي ڪورونا سان گڏ رهڻو آهي. ڪيس وڌندا ۽ موت به ٿيندي، پر هاڻي مڪمل لاڪ ڊائون لاڳو نه لڳندو. عمران خان جي صدارت هيٺ هڪ ڏينهن اڳ فيصلو ٿي چڪو آهي انڪري هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته انهي فيصلي تي عوام کي ڇا ڪرڻو آهي.بهرحال پاڪستاني عوام به پنهنجي مرضي جو مالڪ آهي انکي جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي اها ضرور ڪندو ۽ اڪثر اهو ڏنو به ويو ته عوام اڪثر حڪومتي فيصلن جي ابتڙ ئي ڪندو آهي. ڳالهه ڪرونا جي ڪجي ته ڪرونا وبا رڳو پاڪستان ۾ ناهي ڪرونا پوري دنيا جي گهيري رکيو آهي ۽ پاڙيسري ملڪ ڀارت جي لوڏي ڇڏيو آهي پر ڳالهه پاڪستاني حڪومت جي ڪجي ته ان پاڪستاني حڪومت ڪرونا جي گورگ ڌندو بڻائي ڇڏيو آهي. عمران خان لاءِ ڪرونا ته ڄڻ سوني جهرڪي هٿ اچي وئي آهي ڇو ٿه ڪرونا جي مد ۾ عوام لاءِ حڪومت جيڪو به ڪري چڪي آهي. اهو سڀني جي سامهون آهي ڪنهن کان به ڪجهه لڪيل ناهي جنهن ڪري عمران خان هن وقت جي بي بسي جو اهو هڪ نشانو آهي، جيڪو هاڻي امداد ڏيڻ ۾ پاڻ کي بي بس محسوس ڪري رهيو آهي. هو سمجهي ٿو ته حڪومت وٽ ايترا وسيلا نه آهن جو هو عوام کي امداد فراهم ڪري سگهي. پر هاڻي الله الله آهي ، جيڪڏهن هو اسان کي ڪورونا کان محفوظ رکيو. عمران صاحب رب جي ذات سڀني لاءِ رحيم آهي ڪريم آهي، اوهان پنهنجي ڳالهه ڪيو ته توهان عوام لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ هن وقت پاڪستان ۾ ڪرونا سبب موت جي شرح تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ حڪومت اسپتالن ۾ بستر فراهم نه ڪري سگهي آهي! ٻئي موت جي شرح ۽ بيماري جو وڌي وڃڻ تمام گهڻي سنگين صورتحال ڪري وئي آهي ۽ اڄ تائين ڪورونا جو مڪمل علاج به دريافت نه ٿي سگهيو آهي، تنهن ڪري جيڪي ماڻهو اسپتال مان صحتياب ٿي واپس اچن ٿا اهي تمان خوش هوندا آهن ۽ پاڻ کي خوش قسمت سمجهندا آهن. هن وقت زمين تي صورتحال اها آهي ته ڪورونا جي خلاف حڪومتي حڪمت عملي صرف ۽ صرف اها آهي ته ماڻهن کي محتاط رهڻ گهرجي. ڪورونا کان پاڻ بچايو ۽ ٻين کي به بچايو.انڪري اهو هڪ اهم سوال آهي ته ڇا هن ملڪ ۾ عوام کي يقين ڏيارڻ ممڪن آھي؟
غلام مصطفي جمالي / کڏهروموري

ٻيلي شهر ۽ ڀرپاسي جا زبون روڊ ٺهرايو
آئون ضلعي سجاول جي ھڪ قديم ننڍڙي ۽ يوسي سطح تي مشتمل شھر ٻيلو سان تعلق رکان ٿو. دراصل آئون پنھنجن ڳوٺن محمد خان ٻجورو، ڳوٺ حاجي پيرڏنو ۽ حاجي طالب ٻجورو جي ڳالھ ڪريان ته، ھنن ٽنھن ڳوٺن مان نڪرندڙ ۽ ھڪ ڪلوميٽر تي مشتمل روڊ جيڪو مڪمل زبون ٿي ويو آهي ۽ پٿر جي دؤر جو ڏيک ڏيندي نظر اچي ٿو.اھا ڳالھ مڃڻي پوندي ته، ھن روڊ جي بنياد کان ويندي مرمت ڪرائڻ ۾ ضلعي جي خانداني سياستدانن شيرازين جو ھٿ رھيو آھي، پر، بدقسمتي اھا جو ھن وقت سالن کان ھي روڊ گاڏين جي هلڻ قابل ناهي رهيو ۽ کڏن کُوٻن جي ڪري روزانو گاڏين جا ٽائر پنڪچر ٿي رهيا آهن. گڏوگڏ ھن ئي روڊ جي ڪري ھر پندرھين ڏينھن گاڏيون به مرمت گھرن ٿيون. ان ڪري اسان وري به صوبائي حڪومت سان سلھاڙيل شيرازي برادران کي نماڻو عرض  ٿا  ڪريون ته، جيترو جلد ٿي سگھي جلد اسان کي به روڊ ٺھرائي ڏنو وڃي، ته جئين جديد دؤر جي حساب سان اسان به پنھنجو سفر جاري رکي سگھون.
رياض امر ٻجورو/سجاول

شهدادڪوٽ جي ڪجهه ڳوٺن جون زمينون ويران ٿيڻ کان بچايو
هڪ طرف مهانگائي سبب هاري ۽  آبادگار  ڳرين ڪٽوتين سميت جائز منافعي کان محروم آهن ته ٻئي طرف سندن جي زمينن تي وڏن ڀوتارن (جاگيردارن) جي ڏاڍ سبب هر سال هزارين ايڪڙ زمينون غير آبادي جي ور چڙهي رهيون آهن. شهدادڪوٽ جو گولو واھ سم جنهن جو ڇوڙ شڪارپور کان  ايندو حمل ڍنڍ ۾ ٿئي ٿو. جنهن ۾ شهدادڪوٽ جا ڪجهه ڳوٺ مير محمد بخش بروهي، ڦولڙو، ڇاڄڙي، بحرام ۽ ٻين ڀرپاسائي ڳوٺن جي زمين جو نيڪال هن ئي سم ۾ ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته جيئن  زمين کي آباد ڪرڻ  لاء ڇُڙيو (مٺو) پاڻي گهرجي ٿو اهڙي ريت زمين جي استعمال ٿيل پاڻي جو نيڪال ٿيڻ زمين جي آبادي ٿيڻ لاء لازمي هوندو آهي. ان لاءِ حڪومت پاران الڳ واٽر يا سم نالا مهيا ڪيا ويا آهن، پر  ڪجهه  جاگيردار انهن سم نالن کي بند ڪن ٿا جيڪو سراسر غلط ۽ غير قانوني ڪم آهي ۽ ان پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ  مٿي ڄاڻايل ڳوٺن سميت پر پاسي جو زمينون غير آبادي جي ور چڙهنديون وڃن  ٿيون. متاثر آبادگارن سان اهڙي قسم جي ظلم جو صرف هڪ ئي مقصد آهي ته جيئن هو اهي زمينون ڀڳڙن جي مٺ عيوض سندن کي وڪڻين. متاثر آبادگارن آفيسرن کي ڪيترائي دفعا دانهيو پر ان جو ڪو به تدارڪ ڪرڻ وارو ڪونهي ۽ ايترا فعا دانهڻ جي باوجود ڪا به موٽ نه ملڻ مان اعلي آفيسرن جي نااهلي ۽ ملي ڀڳت ظاهر ٿئي ٿي تنهن ڪري منهنجي سنڌ حڪومت کي اپيل آهي ته اهڙي ناحق خلاف آواز اٿاري متاثر آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي.
مظهر علي بروهي / شهدادڪوٽ

ڊي سي ٿرپارڪر لاءِ نياپو …
مانوارا ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر، تقريبن ڇھ مهينا اڳ اينٽي انڪروچمينٽ ڪورٽ ميرپورخاص جي جج پاران توهان کي چيلهار ۾ مونگاڙيو جي مڙھي/ جهنگ جيڪو شھرواسين پاران گئوچر يا ڌڻ جي آسائش لاء مخصوص ڪيل هو، اتي هڪ قبضا گروپ قبضو ڪري ورتو آھي، جنهن کي شهرواسين جي شڪايت تي توهانجي اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي غير قانوني قبضو ڄاڻائي هٽايو به هو ۽ ھن چيلهار جي ٿاڻي تي ان وقت جي اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي، ايس ايڇ او چيلهار ۽ اسان صحافين جي سامهون لکي ڏنو هو، جاء ڊاهي نقصان نه ڪريو، مان ٻن ڏينهن اندر هن زمين تان قبضو خالي ڪرائندس، جيڪا لکت توهان وٽ رڪارڊ تي موجود به هوندي، جيڪڏھن توهان وٽ کڻي نه به هجي پر اسان وٽ موجود آھي، پر هي قبضو خالي ڪرڻ بدران وڌيڪ اڏاوت ڪرڻ لڳو آهي، ۽ ٻين کي پڻ وڪرو ڪرڻ لڳو، هن جي اهڙي عمل تي شھرواسين وري توهان روينيو وارن وٽ دانهيو، ته روينيو وارا ٻيهر ايڪشن کڻڻ بدران رڳو ڪوڙا دلاسا ڏيندا رهيا، شهر واسين توهان وٽان ڪو کڙ تيل نڪرندو نه ڏٺو ته، ڪورٽ سان رجوع ڪيو ۽ مقامي ڪورٽ وري اينٽي انڪروچمينٽ ڪورٽ ميرپورخاص ڏانهن ريفر ڪيو، جتي پڻ روينيو ڊپارٽمينٽ لکت ۾ اهوئي ڏنو ته اها ڄاڻايل قبضي واري زمين آسائشي زمين آھي، جنهن تي ڄاڻايل ماڻھو غير قانوني قبضو ڪري ويٺو آھي. ائين شھر واسين پاران ٻه سال کن شنوايون ڏيڻ کانپوء ھن کي غلط قرار ڏيندي توهانکي انڪروچمينٽ ھٽائي قبضو خالي ڪرائڻ جو چيو ويو، اينٽي انڪروچمينٽ عدالت جي فيصلي جي ڪاپي ۽ ھڪ درخواست لکي اي ڊي سي سائين ڪبير شاهه کي ڏني، جنهن بروقت اي سي مٺي کي لکت ۾ ليٽر ڏنو پر ٽن مهينن تائين اسين اي سي جي آفيس جا چڪر کائيندا رهياسين پر ڪو عمل ٿيندي نظر نه آيو. اسان توهان کي هڪ ٻي درخواست ڏني جيڪا توهان مختيارڪار کي ڏني ۽ مختيارڪار چيو ته اهو منهنجي نه اي سي صاحب جي اختيار ۾ آھي، پر وري جڏھن موجوده اي سي صاحب سان ملياسين ته هن پهرين ته اسانکي اهو محسوس ڪرايو ته صبح جو ٿو قبضو خالي ڪرائي، پر سائين جن هن کي فارملٽي طور نوٽيس ڏنو ۽ وري ڳالھ کي وساري ڇڏيو، ڌيان ڇڪائڻ تي سائين جن قبضو ڪندڙ کي به گهرائي زباني چيو ته قبضو خالي ڪر، اسان وفاقي سرڪار جي پاڪستان پورٽل تي عرض رکيو، هاڻي انهن به توهان کي معاملا حل ڪرڻ لاء چيو آھي ۽ توهان وري اي سي صاحب ڏانهن ڪيس موڪليو آھي، اي سي صاحب کوهه واري معاملي جي هڪ ٻه دفعا ٻڌو آھي ته انڪوائري ڪئي آھي پر گئوچر جي زمين واري معاملي ڏانهن اڃا ڌيان نه ڏنو اٿس، سو ڊپٽي ڪمشنر صاحب وري به توهان ۾ اميد سمجهون ٿا، گئوچر واري زمين تان قبضو خالي ڪرائي ڌڻ /چوپائي مال جون ۽ چيلهار واسين جون دعائون کٽيندا.
شنڪرباغي / چيلهار

ڪرونا وائرس وبا ۽ ڪوهستان ۾ فلاحي ادارن / اين جي اوز جي ڪارڪردگي‎
جنگشاهي ڪوھستاني علائقو ھئڻ ڪري ھتان جي عوام اڳ ئي ڪرونا  کان به خطرناڪ وائرس جھڙي وبا جو مقابلو ڪندو ٿو اچي. دنيا ۾ تہ شايد ڪرونا وائرس 2019 کان آيو پر حقيقت پڇو تہ جنگشاهي واسي سوين سالن کان ڪرونا وائرس جھڙي ناسور وبا سان جنگ وڙھي رھيا آھن، جتي اڄ ڏينهن تائين ماڻهو بيروزگاري بدحالي ۽ جانور بک اڃ وگهي مري رھيا آھن! اسان جا اٻوجهه مسڪين ماروئڙا ڪرونا وائرس کان تہ حقيقت ۾ بچي ويندا پر انسان آخر ڪيستائين بک اڃ ۽ بدحالي برداشت ڪري سگھي ٿو؟ اسان جا حڪمران ته رڳو ووٽ وٺڻ محل ئي انهن غريبن جي علائقن ۾ ايندا آهي، باقي ان کان پوءِ ڪنهن به حڪومتي نمائندي جو هتان سان واسطو ئي ناهي ته ڪو اتي انسان ٿا رهن.! انهن سان ڪھڙا ويل ۽ ويڌن آهن؟ ٻيو ته ٺهيو پر سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ مختلف اين.جي.اوز ۽ فلاحي ادارا جيڪي سنڌ جي ٻھڙاڙين ڪوھستان پٺي جي نالي تي ڪروڙين اربين رپين جا فنڊ کايو وڃن، انھن به جنگشاهي ۾ ڪم ڪرڻ تہ پري پر ھتان جي علائقن جو وزٽ به نه ڪيو آھي، نہ وري انھن جي بھتري لاءِ ڪو پلان ٺاهيو آهي. ھتان جي ماروئڙن وٽ نہ کائڻ لاءِ ڪجھہ آھي نہ وري تن ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو. پر اھي اٻوجهه ماروئڙا ازل کان خاموش ان آسري تي ويٺل آھن تہ انساني ديوتا جي شڪل رکندڙن کي ڪڏھن ته شرم ايندو. پر افسوس جو انھن کي غريب مسڪين ماڻهن جو رت چوسي اڃان تائين دل نہ ڀري آھي، اسين جنگشاهي واسي برٽش ڪائونسل، ورلڊ ھليٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو.ايڇ.او)، يونيسف، ھوپ ٽرسٽ، نيشنل رورل سپورٽ پروگرام (اين.آر.ايس.پي)، دي سٽيزن فائونڊيشن (ٽي.سي.ايف)، سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن، سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ، ھينڊز، ايڌي فائونڊيشن، نور بيگم فائونڊيشن، امن فائونڊيشن، علواڻي ٽرسٽ، فڪس اٽ، فوڊ اينڊ ايگريڪلچرل آرگنائيزيشن، پين اين.جي.اوز، نئي زندگي ٺٽو، پيمان الموني ٽرسٽ، اياز ميمڻ موتيوالا، خدمت خلق فائونڊيشن، جعفريه ڊزاسٽر مئنيجمينٽ سيل (جي.ڊي.سي) حلال احمر سميت سمورين اين.جي.اوز ٽرسٽ ۽ فلاحي ادارن کي اپيل ٿا ڪريون تہ جھڙي طرح توھان ڪراچي سميت ملڪ جي وڏن شهرن ۾ پنھنجون خدمتون بھتر انداز ۾ سرانجام ڏيئي رهيا آهيو، اهڙي طرح سان ھن پٺتي پيل جنگشاهي علائقي کي بہ نہ وساريو وڃي.
عبدالقادر شيخ / جنگشاهي

ڪتن ۽ ماڪڙ لاء ويگو گاڏيون ضروري آھن ڇا؟
سنڌ حڪومت اڳ ۾ ماڪڙ پڪڙڻ لاء ڪروڙين روپين جون 45 ويگو گاڏيون خريد ڪيون هيون ۽ هاڻي وري سنڌ ڪابينه ڪروڙين روپيا منظور ڪري رولو ڪتا پڪڙڻ لاء ٻيون ويگو گاڏيون خريدڻ جو فيصلو ڪيو آھي! جڏهن ته ٻئي پاسي سڄي سنڌ جا ماڻهو صحت جون سهولتون نه ملڻ سبب ارڙي، خوراڪ جي کوٽ، مليريا، سائي، مدي جي بخار سبب مري رهيا آھن. گڏوگڏ جر جو پاڻي خراب ٿيڻ، پاڻي ۾ سينکيي جي موجودگي باوجود صاف پاڻي جا پلانٽ نه لڳي سگھيا آهن، جنهن ڪري ماڻهو بي يارو مددگار موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آھن ته مٿان وري هي ڪورونا وائرس اچي ماڻھن ۾ ٻڙڌڪ مچايو آھي، پر سنڌ حڪومت اهڙا ته عجيب ۽ غريب عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪجڻ جهڙا فيصلا پئي ڪري جنهن تي جيترو به افسوس ڪجي اهو گهٽ آھي. سنڌ حڪومت کي اهڙا عوام دشمن فيصلا ختم ڪري سنڌ جي عوام کي صحت جون سهولتون ڏيڻ گهرجن نه ته اڳتي هلي اهي سندن فيصلا کين ڳچي ۾ پئجي سگهن ٿا.
محمد خالد ميمڻ /ڦل شهر
اسان کي مستقبل جي معمارن لاءِ لائبريري ڏيو‎
ھن دور ۾ جتي دنيا مختلف فيلڊز ۾ ترقي جي ڏاڪي تي تيزي سان چڙهي رھي آھي، جتي دنيا نيوڪليئر بمن جھڙا ڪامياب تجربا ڪري چڪي آھي ۽ ڪرونا جھڙي موتمار بيمارين جون ويڪسينون ايجاد ڪري چڪي آھي اتي هن جديد دور ۾ اسان جو ھي ڳوٺ ۽ ان جي سرحدن سان لڳندڙ تقريبن چاليھه جي قريب ننڍا وڏا ڳوٺ مختلف سھولتن کان محروم آهن، جنهن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي کان ويندي گئس بجلي روڊ رستـن تائين، ان سڀ محرومين جي ھوندي اسان گذارو ڪري ويندا آھيون ۽ ويندا سون، سائنس جي ھن دور ۾ اسان ھر جديد شيءِ جي کوٽ برداشت ڪري سگھڻ جي سھپ ڌاريون ٿا پر ھڪ شيءِ کان بنا ھاڻ گذارو نٿا ڪري سگھون. ان شيءِ جو نالو لائبريري آھي. ضلعي سانگھڙ جي تعلقي شھدادپور جي سرحدن ۾ ايندڙ اسان جو ڳوٺ ماڻو خان جمالي قديمي گوٺ آھي. اسان پاڪستان آزاد ٿيڻ کان وٺي ھن مھل تائين ڪنهن حڪومت کان ڪا شيءِ نه گھري آهي، اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت ھر ڏک جي گھڙي جو بھادري ۽ زنده دلي سان مقابلو ڪيو آھي. ڳوٺ جا والدين ويچارا سياسي پارٽين جوسدائين نشانو بڻبا رھيا آھن ته توهان ته مخالف پارٽي کي ووٽ ڏنا. اسان اوھان جا ڪم ڪيئن ڪيون. ستر کان وڌيڪ سالن جون بجيٽون تـ اوھين بنا ڳيت جي ڳهي ويا. اسان ڪونه ڪڇيو. اف به ڪونه ڪيو. اسان جا ٻار اڃان به تعيلم ۽صحت جھڙي سھولتن کان محروم آھن. ان ھوندي به اسان ڪونه ڪڇياسين. مھرباني ڪري ھن بجيٽ مان اسان جي ڳوٺ ڏي به شفقت جي نظر سان نھارجو. اسان جي ڳوٺ سميت ويجھن چاليهه ڳوٺن ۾ ڪٿي به ھڪ عدد لائبريري موجود نه آھي. اسان وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون ته نلڪا ناليون روڊ رستا سولر ورا ٽيبويل اھي سڀ وڃي اوھان ھٿ ڪيو، پر مھرباني ڪري اسان کي مستقبل جي معمارن لاءِ لائبريري ڏيو ته جيئن اسان جي ڳوٺ سميت چاليهه ٻين ڳوٺن جي ٻارن جو به تعليم ڏانهن لاڙو ٿئي ۽ اسان جي ڳوٺ جا مسڪين ماروڙا ڏک جي گھڙين مان نڪري سگهن.
خان محمد جمالي/ سرھاڙي

هارين کي جديد ٽيڪنالاجي جي متعلق آگاهي ۽ مالي مدد

پاڪستان ۾ 60 سيڪڙو ماڻهو غربت جي ليڪي کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. اقوام متحده جي رپورٽ مطابق 1990 کان پاڪستان اندر غذائي کوٽ جو مسلسل اضافو ٿيو آهي. پاڪستان ۾ 36.9 سيڪڙو ماڻهو غذائي کوٽ جو شڪار آهن. اقوام متحده جي رپورٽ مطابق 2050 تائين پاڪستان آبادي جي لحاظ کان چوٿون وڏو ملڪ بڻجي ويندو. خوراڪ جي تحفظ کي يقيني بنائڻ وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي اهم ذميواري آهي. غذائي کوٽ جو اهم سبب خوراڪ جو زيان به آهي. پاڪستان ۾ تقريبن 40 سيڪڙو خوراڪ ضايع ٿي ويندي آهي. حڪومت کي کپي ته هارين کي جديد ٽيڪنالاجي جي بابت آگاهي ۽ مالي مدد ڪري خوراڪ جي زيان کي روڪڻ لاءِ پاليسيون بڻائي خوراڪ جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري. خاص ڪري ان ڳالهه جو خيال رکيو وڃي ته وڏن شهرن اندر وڏن وڏن شادي هالن ۾، ريسٽورنٽ، هوٽلن، برياني سينٽرن تي به بچل کاڌو ضايع ڪيو ويندو آهي. بهتر ايئن ٿيندو ته اهو بچل کاڌو ڪنهن بکئي انسان جي پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪنهن کي کارايو يا ڏنو وڃي ته جيئن ڪو ذي الانس بک تي نه سمهي رهي، جيڪا ڳالهه انسانيت ۽ انسانيت جي تقاضا کي پوري ڪرڻ لاءِ درست چئبي. مطلب ته غذائي تحفظ سان گڏ رزق ضايع نه ڪيو وڃي.

محمد اسلم ماڪو (پنوعاقل)