سنڌ يونيورسٽي جو شاگردن سان ناجائزيون!

سنڌ يونيورسٽي سنڌ جي ٻئي نمبر سڀ کان وڏي يونيورسٽي آھي، ھن اداري ۾ لڳ ڀڳ ھڪ لک کان وڌيڪ شاگرد مختلف افيليٽيڊ ڪاليجس ۽ ڪيمپسز ۾ پڙھن ٿا، جنھن جو تعلق وڏي پئماني تي غريب خاندانن سان آھي، پر وڏي افسوس جي ڳالھ آھي ته يونيورسٽي ھر نئين سال فيس ۾ واڌ ڪندي پئي وڃي. گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ ھن سال يونيورسٽي شاگردن کي وڏو لوڏو ڏئي ڇڏيو آھي، گذريل سال ڪاليج سائيڊ جي سالياني فيس 6 ھزار ھئي، جيڪا ھيئر وڌائي 11،350 ڪئي وئي آھي نه رڳو ايترو پر يونيورسٽي بي ايس، ماسٽرس، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي فيسن ۾ به تمام گھڻي واڌ ڪئي آھي، جيڪا سنئين سڌي سنڌ جي غريب شاگردن سان وڏي ناجائزي آھي، جيڪڏھن ڳالھ تعليمي معيار جي اچي ته يونيورسٽي جو شمار ملڪ جي 219 يونيورسٽيز جي لسٽ ۾ سڀ کان ھيٺئين درجي ته اچي ٿو. خبر ناھي يونيورسٽي جو معيار بھتر ڪرڻ کان وڌيڪ يونيورسٽي انتظاميا جو ڌيان يونيورسٽي جي فيسن ڏانھن ڇو آھي. آئون سمجھان ٿو ته يونيورسٽي جي فيسن ۾ واڌ وارو عمل سنڌ جي غريب ھارين، مزدورن ۽ ڏيھاڙي دارن جي اولاد لاءِ ڪنهن آفت کان گھٽ ناھي. سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ تعليمي مڪتب فڪر جي ماڻھن کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي ته جيئن يونيورسٽي ھيءَ ناجائزيءَ وارو عمل واپس وٺي. وزير اعليٰ سنڌ، ايچ اي سي ۽ يونيورسٽي جي انتظاميا کي پڻ ھن عمل ڏانھن ڌيان ڏيڻ گھرجي، ڇو ته قائداعظم رحه جو فرمان آهي ته “تعليم پاڪستان جي لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ جو سوال آھي.”

امتياز عيسيٰ ھاليپوٽو/ غريب آباد ڪالوني، سيوھڻ

پبلڪ لائبريري کان محروم ڀرياروڊ!

اسان جو شھر ڀرياروڊ ضلعي نوشھرو فيروز جو اھم شھر آهي ۽ ان جي آسپاس جي شھرن کان ترقي يافتا شھر آهي جنهن ۾ امير غريب توڙي قوم جو فرد به پنهنجو وقت سٺي طريقي سان گذاري رھيو آهي، ھتي ڪاروباري لاڙو بھتر آهي پر تعليمي لاڙو تمام گھٽ آهي ۽ ھاڻي ڪيترائي نوجوان تعليمي ادارن سان واڳيل آهن، اڄوڪي ھن مقابلي واري دور ۾ ڀريا روڊ به تعليمي لاڙي ۾ ڪاميابي ماڻي رھيو آهي ۽ اسان جو شھر ڀرياروڊ ادب ۽ عقلمند نوجوانن کان محروم آهي، ھن شھر ۾ اڳواڻ، اديب ۽ دانشور نوجوانن کي سٺي طرح سکيا ڏئي رھيا آهن ۽ نوجوانن ۾ جوش ۽ جذبو ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ وارو جذبو پڻ موجود آهي پر ھن شھر جي نوجوانن کي جيڪڏهن وقت سان گڏوگڏ تعليمي سھولتون ڏنيون وڃن ته اھو سٺو ثابت ٿيندو. آئون سمجھان ٿو ته ترقي ڏاڍي ڏکي ٿيندي آهي ۽ اھا خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن ٻين شھرن ۾ لائبريريون ٺھيل ھجن پر انھن ۾ ڪيترائي نوجوان جيڪي گھرن ۾ يا ڪنهن مقصوص جاءِ تي پنهنجي پڙھائي جاري نه پيا رکي سگھن، اھي لائبريري اچي پڙھائي ڪندا آهن. آخرڪار ڪنهن وڏي عھدي تي وسي پنهنجيون خدمتون انجام ڏيندا آهن، بلڪل اھي ڀرياروڊ کي به ھڪ پبلڪ لائبريري ٺھرائي ڏني وڃي ته اسان جھڙا نوجوان پنهنجي ئي شھر ۾ پڙھائي جاري رکن ۽ ڪنهن عھدي تي رسن ته جيئن اسان جي شھر جو نالو ٻين شھرن جي ڀيٽ ۾ بھتر ٿي وڃي. ان لاءِ مان پنهنجي نوجوانن کي پرزور اپيل ڪندس ته ان تي غور ڪن ته اسان کي پڙھي لکي معاشري ۾ وڏيرڪي ۽ جاگيرداراڻي غلامي کان نڪرڻو آهي ۽ ڪنهن وڏي عھدي تي فائز ٿي آفيسرن جيان زندگي گذارڻي آهي، ان لائبريريون کولڻ سان اسان کي کوڙ سارا فائدا پھچن ٿا ته پوءِ اھڙيون لائبريريون قائم ڪيون وڃن ته جيئن اسان ھڪ سٺي معاشري واري زندگي گذاري سگھو.

شرف الدين ڪيريو/ ڀرياروڊ

ٿر ڏُڪار جي ور چڙهي ويو، مالوندن جي لڏپلاڻ!

لاڳيتو 4 ورهين کان مصيبتن ۾ ڦاٿل ٿر واسين جو وري مصيبتن پيڇو ناهي ڇڏيو، گهربل ۽ مناسب برساتون نه پوڻ ڪري ٿر ڏُڪار جي ور چڙهي ويو آهي، جولاءِ جي ٻئي هفتي ۾ پيل برساتن دوران هارين پاران قرض تي ٻڄ کڻي پوکيل ٻنيون وري برساتون نه پوڻ ڪري سُڪي ويون ۽ پوکيل فصل ڦُٽڻ بعد برساتي پاڻي نه ملڻ ڪري ڪومائجي ويو آهي، جنهن سبب ٿري هارين پاران وياج ۽ قرض تي کنيل سمورا پئسا زيان ٿي ويا آهن. هارين جا هٿ مٿي تي اچي ويا آهن، ان سلسلي ۾ هر سال 15 آگسٽ تائين گهربل برساتون نه پوڻ ڪري انگريزن جي قانون موجب ٿر کي ڏُڪاريل تصور ڪيو ويندو آهي، 15 آگسٽ کي 2 هفتي گذري وڃڻ ۽ ٿر ۾ پاڻمرادو ڏُڪار ڊڪليئر ٿيڻ باوجود ضلعي انتظاميا لک پڙھ به شروع ناهي ڪئي، جنهن سبب ٿر جون حالتون خراب صورتحال ٿي رهيون آهن. برساتون نه پوڻ ڪري گاھ به سُڪي ويو آهي ۽ مالوند ماڻهن ڌڻ سميت بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي. روزاني وڏي انگ ۾ مالوند ڍور ڪاهي پنڌ ويندي نظر اچن ٿا، ڏُڪار پوڻ ڪري ٿري آبادگارن کي ڪروڙن جي نقصان سان گڏ مالوندن لاءِ چوپايو مال بچائڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي. لکن جي انگ ۾ چوپايو مال بکن ۾ پاھ ٿي رهيو، سنڌ حڪومت ٿر جي صورتحال تي ڪو خاص ڌيان ناهي ڏنو، جنهن سبب حالتون وڌيڪ خراب ٿي رهيون آهن. ٿر جون ڀڙڀانگ ڀٽون به ويران بڻيل آهن، اڳ برساتن بعد ڀٽن تي ساوڪ جا نظارا ڏسڻ ۾ ايندا هئا پر هيل ساوڪ نه ٿيڻ ڪري ڀٽون ويران آهنم ڪٿي به ڪو وسڪاري جو منظر ڏسڻ ۾ نٿو اچي، ٿر کي ڏُڪاريل قرار ڏيارڻ بدران ضلعي انتظاميا خاموش ٿي ويهي رهي. روينيو انتظاميا جي خاموشي ٿرواسين کي وڌيڪ ڏکيائين ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

سجاول بجير/ٿرپارڪر

ڪورونا وائرس جا وار ۽ سنڌ جي تعليم!‎‎

ڪورونا وائرس جي ڪري گذريل ھڪ سال کان سنڌ جي تعليم جيڪا اڳ ۾ ئي گھوڙين تي ھلي رھي ھئي، ڪورونا وائرس ان کي بلڪل معذور ڪري ڇڏيو آھي، ھڪ ڀيرو وري اسڪول کلي ويا آھن. ٻارن سميت والدين جيڪي پنھنجي اولاد کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ لاءِ ڏينھن رات محنت ڪري ان اميد لاءِ ٻارن کي اسڪول يونيورسٽي موڪليندا آھن، جو انھن جو اولاد قابل ٿئي. شھر ۾ ته ايس او پيز ذريعي اسڪول کلي ويا آھن، باقي سنڌ جي ٻھراڙين جي اسڪولن ۽ ٻارن جو مستقبل تباھ ۽ برباد ٿي ويو آھي. ڪروڙين رپين جي آيل بچيٽ اسڪولن تائين نٿي پھچي، صرف ڪاغذن ۾ اھي اسڪول اسان کي درست نظر ايندا آھن. ڪٿي واشرومز ناھن ته ڪٿي ٻارن کي ويھڻ لاءِ بئنچون ناھن ته ڪٿي وري ڇت تان چاپڙ ڪرن پيا، ايئن لڳي پيو ته اسين ٻه سئو سال پوئتي جي زندگي گذاري رهيا آهيون. خدارا ايندڙ نسلن تي رحم ڪيو، ڪورونا جي آڙ ۾ ٻارن جي مسقبل سان کيڏڻ بند ڪيو ۽ اسڪولن کي بنيادي سھولتون ڏيو، تعليم کاتي ۾ وڌيڪ تجربا نه ڪيو، جيڪو نظام ھلي ٿو، ان ۾ بھتري آڻيو، جيئن ٻارن جو مستقبل بچي سگھي، جنھن قوم کي تباھ ڪرڻو ھجي ته توھان ان جي تعليم ختم ڪيو، اھا قوم پنهنجو پاڻ برباد ٿي ويندي آھي. تازو شماريات کاتي موجب سنڌ جي تعليم بلوچستان کان به پوئتي پئجي وئي آھي، امير سنڌ جي غريب عوام تي رحم ڪيو.

فرخ حسين جمالي/لاڙڪاڻو

اڻ کٽ علم سان گڏ اسان کي ڪجهه ادب به سکڻ گھرجي!

اسان تعليم جنهن مقصد لاءِ حاصل ڪندا آھيون، اھو مقصد صرف نوڪري حاصل ڪرڻ ھوندو آهي، جنهن لاءِ اسان رات ڏينهن ھڪ ڪري نور نچوڙي ننھن چوٽي جو زور لڳائيندا آهيون پر سماج ۾ آخر اھا سوچ ڪڏهن جنم وٺندي ته ڀلي ٿورڙو علم ئي حاصل ڪجي پر اھو علم اسان جي رويي اخلاقم اٿڻ ويھڻم توڙي انسان جي سموري طرز زندگي مان به ظاهر ٿيڻ گھرجي، ٺيڪ آهي مڃون ٿا پيٽ پالڻ لاءِ به ڪا ڪرت لازمي آهي، ڀلي انسان ڪيڏو به اھل علم ھجي پر بکئي پيٽ ته عبادت به قبول نٿي ٿئي پر ھاڻ جنهن سماج سان پاڻ سلھاڙيل آھيون ان سماج ۾ وڌندڙ درندگي ۽ بي حسي پٺيان آخر ڪھڙا ڪارڻ آهن؟ منهنجي خيال ۾ اسان وٽ علم ته کوڙ آهي پر ان تي عمل ناهي، جنهن سبب انيڪ اھڙيون خبرون اخبارن جي زينت بڻجنديون رھنديون آهن جن ۾ انساني روپ ۾ وحشي جانور رشتن جي تقدس ۽ انسان جي اشرف المخلوقات ھئڻ تي به انسانيت کي لڄائي ٿا وجهن، منهنجي خيال ۾ رڳو پڙھيل لکيل يا ڪيتريون ئي ڊگريون حاصل ڪرڻ ۾ ۽ باشعور انسان بڻجڻ ۾ فرق آهي، اسان جڏهن تعليم جي حاصلات کي نوڪري کان وڌيڪ ھڪ مھذب معاشري جو فرد بڻجڻ کي اوليت ڏينداسين ته تڏهن ئي اسان جي علم حاصل ڪرڻ جو مقصد سجايو ٿيندو، ان سان گڏ افسوس ته انهن اھل علم ماڻهن تي به آهي، جيڪي سماج جي بھتري لاءِ پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ کان لنوائين پيا، باقي دولتمند بڻجڻ جا ته ٻيا به ڪيترائي رستا آهن پر باشعور انسان بڻجڻ جو واحد رستو تعليم ئي آهي، درسگاهن ۾ اسان کي ڄاڻ سان گڏ جيڪو تربيت جو درس ملندو آهي ان درس تي عمل سان اسان معاشري مان سمورين مرضن کي پاڙان ختم ڪري سگھون ٿا ۽ علم جي ان رخ سبب سماج اسان کي اھل علم جي سڃاڻپ ڏئي ٻين کان نرالو مقام پڻ ڏئي ٿو.

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

يوسي مرادپور ضلعي سجاول جي ڳوٺن جا مسئلا حل ڪريو!

تعلقي ۽ ضلعي سجاول جي يوسي مرادپور جا ڪافي ڳوٺ زندگيءَ جي مڙني سهولتن کان محروم آهن، ڳوٺن ۾ تعليم، صحت، بجلي، پڪي رستي ۽ برسات جي پاڻي جي نيڪالي جو ڪو به نظام ناهي. ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه، ڳوٺ محمد صديق اوٺار، ڳوٺ محمد اسحاق ملاح ۽ ڳوٺ محمد ملاح سميت يوسي مرادپور جا سمورا ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم آهن. ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه جي اسڪول جي عمارت کي ڪرندي 11 سال کان به وڌيڪ وقت گذري ويو آهي پر اڃا تائين ٺهي نه سگهي آهي. گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول خليفو آگيڏنو شاهه ٻيٽ ٻيلو سيمسز ڪوڊ نمبر 404080109 کي16.04.1964ع ۾ اسڪولي عمارت ملي هئي، جنهن جي عمارت 2010ع واري مها ٻوڏ ۾ ڪري مڪمل تباهه ٿي وئي ھئي پر اڃا تائين ڪنهن به اسڪولي عمارت جي سار ناهي لڌي وئي. ان کان سواءِ ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه سميت ڀرپاسي وارن سمورن ڳوٺن کي پڪي رستي جي به سهولت ناهي. برسات وقت پڪي رستي جي سهولت نه هجڻ ڪري ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه سميت سمورن ڳوٺن جي رهواسين جو شهرن سان رابطو ڪٽجي ٿو وڃي. ان کان سواءِ هتي بجلي صرف ٻن ڪلوميٽرميٽر جي مفاصلي تي قادري فش فارم وٽ موجود آهي پر اسان جي ڳوٺن کي مهيا نٿي ڪئي وڃي. ان کان سواءِ هتان جيڪا 6-آر سم نالي گذري ٿي ان جي به هر سال صحيح طريقي سان کاٽي نه کڻائڻ جي ڪري سمورا ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي وڃن ٿا. جنهن سبب ڳوٺاڻن جا ڪچا گهر ڊهي وڃن ٿا. هتي غريب هاري قرض ۽ وياج کڻي فصل ڪاهين ٿا پر سم نالي جي صحيح طرح کاٽي نه کڃڻ ڪري سندن فصل به برساتي پاڻي ۾ مڪمل سڙي تباهه ٿي وڃن ٿا. جنهن سبب هاري سڄو سال قرضي رهن ٿا. خدارا يوسي مرادپور جي ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه ۽ ڀرپاسي وارن سمورن ڳوٺن جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن.

سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول

سنڌ ۾ هڪ ڀيرو

ٻيهر ڌارين جي لوڌ!

سنڌ ڌرتي تي پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هن مهل تائين ڌارين جي لوڌ کي آڻي رهايو ويندو آهي ڪڏهن هندستان مان آيل مهاجر جن کي پنجاب وارن چيو ته پاڪستان آگي هي، انهن انڊيا مان لڏي آيل مهاجرن کي سنڌ جي سرحد پار ڪرائي، اسان ڏانهن اماڻيو ۽ اسان انهن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ان کان پوءِ بنگالين کي آڻي رهايو ويو سي به سنڌ ۾ برمين جو وزن به سنڌ تي ۽ آمريڪا جڏهن افغانستان تي حملو ڪيو ۽ اهي پاڪستان آيا ته انهن جو رخ به سنڌ ڏانهن موڙيو ويو اسان اٻوجھ انهن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون، انهن کي جائداد مان حصا ڏناسين جن کي ڪئمپن اندر رهڻو هوم اهي آهستي آهستي پير ڄمائيندا ويا، ايستائين جو سنڌ ۾ ڪجھ ضمير فروشن کان انهن نيشنلٽي حاصل ڪري ورتي ۽ پنهنجا سڃاڻپ ڪارڊ ٺھرائي ورتا نادرا جي عملي هزارين افغانين توڙي ٻين کي جعلي ڪارڊ جاري ڪيا، جنهن سان سنڌين کي وڏو نقصان پهتو، انهن سنڌ ۾ پير ڄمائي هر ڪاروبار تي قابض ٿي ويا آهن، ايتري قدر جو سنڌ جو کائي سنڌين جي رتو ڇاڻ ڪرڻ لڳا آهن، پر ن ليگ جي حڪومت هنن کي ڪجھ ٻنجو ڏنو. افغانستان ۾ جڏهن کان طالبان قابض ٿيا آهن تڏهن کان افغانين ملڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر پاڪستان انهن کي همدردي طور رهڻ جي اجازت ڏني آهي، جنهن کي لاهورين قبول نه ڪيو ۽ وري اها لکن جي لوڌ سنڌ اندر رهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن کي سنڌ حڪومت بنا دير قبولي ورتو آهي ۽ اهو به اعتراف ڪيو آهي ته سنڌ ۾ هزارين بنا ويزا جي ٻاهريان رهن پيا، وري مٿان هيءَ لوڌ، آخر سنڌ حڪومت ان تي اعتراض ڇو نه ٿي ڪري، ڪهڙي مفاد تحت سنڌين جي حقن جو سودو ٿيڻ وڃي پيو، جڏهن ته هي قاتل سنڌين جو سري عام قتل ڪندي نظر ايندا آهن. ويجھي ماضيءَ تي نظر ڦيرايوته هنن ڪيترن ئي بيگناهه سنڌين جو قتل ڪيو آهي، ٿاڻن اندر گھڙي سنڌين جو قتل ڪيو ويو آهي، 18هين ترميم ۾ صوبا پنهنجو حق رکن ٿا پر سنڌ حڪومت لاڳيتو ٻيٽ توڙي ٻين حقن تي سودي بازي تحت وفاق حوالي ڪري ڇڏيا آهن ۽ ڌرتي ڌارين جي هٿ ڏني ڏني پئي وڃي، جيڪو سنڌين جي حقن تي ڌاڙو آهي. سنڌ حڪومت کي گهرجي هن هاڻ انهن ڌارين کي روڪيو وڃي پاڪستان جا ٻيا به صوبا آهن، اتي ڪئمپ هڻي کين رهايو وڃي.

علي حسن “احسن” چڍڙ /ميرپورماٿيلو

جمن شاهه قبرستان کي چوديواري ڏياريو!

هنڱورنو شهر سان لڳو لڳ جمن شاهه نالي هڪ قبرستان موجود آهي جيڪو لاوارثي سبب اجڙيل آهي، قبرن جي مٿان ڪتا ويٺل نظر اچن ٿا، اهو ان ڳالهه واضح ثبوت آهي ته هن قبرستان جي مالڪي ڪنهن به ناهي ڪئي، هي قبرستان شاهد هاليپوٽن جي ٻني ۾ آهي، جن شايد ثواب خاطر پنهنجي ٻني قبرستان لاءِ عطيو ڪئي هئي، هن قبرستان ۾ ڪجهه عظيم شخصيتون به دفن ٿيل آهن جيڪي ادب ۽ صحافت سان گهڻو چاهه رکندڙ هيون، جيڪي ٻين جو آواز بلند ڪندا رهندا هئا ۽ اهي عظيم شخصيتون آخري مهمان هن قبرستان جون بڻيون، گذريل ٻوڏ دوران هي قبرستان ڏاڍي خراب حالت ۾ هو، ڪيترو ئي وقت پاڻي سان ڀريل هو پر ماڻهن پنهنجي ذاتي ٻنين منجهان پاڻي ڪڍي ڇڏيو پر قبرستان مان نه ڪڍائي سگهيا، ڇاڪاڻ ته انهن جون ٻنين ۾ ذاتي لالچون هيون ۽ پر اهو خيال نه هو ته دفن ٿيل اهي شخصيتون انهن آفتن ٻوڏن ۾ به کين گھلي لاهينديون هيون پر بس ڇا ٿو ڪري سگهجي، سندن خيال به روشن هوندا آهن پر کين روشن ڪرڻ وارو به ڪو هجي اسان جي تڪ جي ايم پي اي جناب سيد ذوالفقار علي شاهه ۽ ايم اين اي سيد علي نواز شاهه کي چونڊي به جهڙوڪ 3 سال وهامي ويا آهن پر ڪو به ڳالهين سواءِ عملي ڪم ناهن ڪرائي سگهيا. آئون سائين ذوالفقار علي شاهه ۽ سائين علي نواز شاهه صاحب کي عرض ڪندس ته مهرباني ڪري ثواب جي نيت خاطر جمن شاهه قبرستان کي چوديواري ڏياري وڃي ۽ موجود قبرن جي حفاظت ڪري انهن کي بيحرمتي کان بچايو وڃي.

محرم علي شر/هنڱورنو

 

هڪ چٺي اوهان جي نانءُ!

جناب گهرو وزير، گهرو کاتو حڪومت سنڌ جناب صلاحڪار، جيل کاتو حڪومت سنڌ، جناب پي رول آفيسر حڪومت سنڌ، اسان اميد ڪيون ٿا ته رب پاڪ اوهان کي خوش ۽ صحتمند رکيو هوندو، ان اميد سان اسان هي چٺي لکي رهيا آهيون ته پاڪستان جي ملڪ ۽ هڪ رياست ۾ قانون جا ٻٽا معيار نه صرف حيرت ۾ وجهن ٿا پر احساسِ محروميءَ ۽ احساسِ ڪمتريءَ ۾ وڪوڙي ڇڏين ٿا، جهڙوڪ پنجاب ۽ بلوچستان صوبي ۾ پي رول جي قانون ۾ تبديلي آئي آهي، اها ڳالهه سنڌ ۾ قيد پنجاب ۽ بلوچستان جا قيدي خط لکي يا روبرو ملاقات تي اچي ٻڌائن ٿا ته اسان پنهنجي گهرو صوبي ۾ جيل جي منتقليءَ جي درخواست ڏئي جيل منتقل ڪرايو. جتي اسان 10 سال سزا پوري ٿيڻ تي پي رول تحت آزاد آهيون ۽ پنهنجي ٻچڙن سان پرامن زندگي گذاري رهيا آهيون. جڏهن ته پنجاب ۽ بلوچستان جي جيلن مان 10 سال سزا ڪاٽيندڙ قيدي پي رول تي آزاد ٿين ٿا ته پوءِ آخر سنڌ جي قيدين لاءِ اهڙي رعايت ۽ سهوليت ڇو ناهي؟ منهنجي اوهان ٽنھي سميت سڀني اقتدار ڌڻين ۽ اختيار ڌڻين کي التجا آهي ته اهي قيدي جيڪي پنهنجي سزا مان 10 سال ڪٽي چڪا آهن يا سندن عمر وڏي آهي ۽ هو انصاف خريدڻ جي سگھ نٿا رکن يا وري سندن اپيلن تي ڪو فيصلو ناهي آيو انهن کي پي رول جي قانون تحت آزاديءَ جي نعمت سان نوازيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي بقايا زندگي سک ۽ سهنج سان پنهنجي خاندان سان پرامن طريقي سان گذاري سگهن.

ايڊووڪيٽ جاويد اقبال شيخ/ سينٽرل جيل سکر

چيريل سرد لاش!

آپريشن روم مان ڊاڪٽر ۽ اڻ جو اسٽاف پگھر ۽ رت وارن ڪپڻ سان ٻاهر نڪتا، ٽاور مارڪيٽ واري وڏي گھڙيال ۾ ان وقت صبح جا چار وڳي جو گھنڊ وڃي رهيو هو، آپريشن روم جي ٻاهر ڪجھه ٻار ۽ هڪ اڌڙوٽ عورت ڊاڪٽرن کي ٻاهر ايندوڏسي انهن ڏي تيز قدمن سان وڌڻ لڳام ڊاڪٽر يامين اُداس چهرن ڏي ڏسڻ کان پوءِ چيو ته سوري اسنا پنهنجي طرفان پوري ڪوشش ڪئي پر الله سائين اهو ئي منظور هو. ٿورڙي دير کان پوءِ ٻه ڇوڪرا ۽ ٻه ڇوڪريون هڪ عورت سان گڏ هڪ ڦاٽل عورت جي لاش تي روئي رهيا هئا، اها خاموش ڦاٽل چيريل سرد لاش بانو جو هئو جنهن کي گذريل رات هُن جي موالي ۽ پيءُ کان وڏي مڙس نور محمد عرف نوري مانيءَ ۾ ننڍ جون گوريون ڏئي بيهوشيءَ ۾ ڇرين سان چيري ڇڏيو هو، چئن ٻارن جي ماءُ بانو جو رڳو ڏوهه اهو هو ته هوءَ پنهنجي مڙس کي چوندي هئي ته نشو نه ڪر ۽ ڪم تي وڃ. جڏهن هن نوريءَ جي ڳالهه نه ٻڌي ته نوري پنهنجا ٻار وٺي پنهنجي شهر ۾ رهندڙ ڀيڻ سونيءَ سان گڏ رهڻ لڳي ۽ ڪنهن ڊاڪٽر جي بنگلي تي ٻهارو ۽ پوچيءَ جو ڪم ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪندي هئي، بانوءَ پنهنجي وڏي ڌيءُ اماميءَ جي شادي لالچي بچو خان جي پٽ حاجن سان ڪري ڇڏي هئي. حاجن جو قد ننڍو هو پر هُو تمام ذهين شخص هو، هن جو پيءُ ڪجھه وقت اڳ ئي گذاري ويو هو ۽ هن جي ماءُ ٻي شادي هوسڙيءَ جي هڪ وڏيري سان ڪري ڇڏي هئي. حاجن جو هڪ ننڍو ڀاءُ خادم به هو جيڪو پنهنجي نانيءَ سان گڏ رهندو هو، حاجن جو اماميءَ کان سواءِ هاڻ ٻيو ڪير به نه هو، هو بس ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڦڦيءَ وارن جي گھر اچي راتيون ٽڪندو هو.قاتل نورو پهريان به شادي شده هو جنهن عورتن مان هن کي چار ڌيئرون هيون ۽ هن کي پٽ جو اولاد نه هو، جنهن لاءِ هن مائي بانو سان ٻي شادي ڪئي هئي پر هو اهو پاڪ رشتو نڀائي نه سگھيو ۽ هن پنهنجي پهرين اولاد سان سازش رچائي بانون کي ناحق قتل ڪري ڇڏيو، جنهن وقت موالي نوري بانو کي ڇريون ٿي هنيون ته ان وقت اهو سارو منظر بانوءَ جي پٽ عبدالرزاق ڏٺو پي، جيڪو ٻار ماءُ کي قتل ٿيندو ڏسندو اهو خبر ناهي اڳيان هلي ڇا ٿيندو؟ ست سالن کان پوءِ نورو موالي پنهنجي انجام تي پهچي ويو يعني هو سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ ڦاهيءَ چڙهي ويو ۽ هن کي هن جي پٽ شير خان ڪيس کي ڪونه ڏنو جنهن جو هن کي پڪو آسرو هو، چون ٿا ته هن تي چاقو سان هڪ ڏينهن هوڻ جي ڌيءُ اماميءَ ڪورٽ ۾ وار ڪري قتل ڪري چڏيو.

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد