پنجاب ۾ بزدار حڪومت ڪيئن ختم ٿي سگهي ٿي؟

0
211
پنجاب ۾ بزدار حڪومت ڪيئن ختم ٿي سگهي ٿي؟
پنجاب ۾ بزدار حڪومت ڪيئن ختم ٿي سگهي ٿي؟

لاهور: پنجاب ۾ پي ٽي آءِ وڌيڪ پريشاني ۾ مبتلا آهي، وفاق ۾ مخالف ڌر بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي جڏهن ته عليم خان ۽ جهانگير ترين پنجاب جي وڏي وزير خلاف متحرڪ ٿي ويا آهن. جيڪڏهن جهانگير ترين گروپ جا 20 ميمبر ن ليگ جي حمايت ڪن ته بزدار حڪومت ختم ٿي سگهي ٿي

جڏهن ته آئيني ماهرن جو چوڻ آهي ته فلور ڪراسنگ کي ثابت ڪرڻ جو عمل تمام پيچيده آهي.ذريعن موجب پنجاب اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ۽ ان جي اتحادين جا 198 ميمبر آهن، جن ۾ پي ٽي آءِ جا 183، مسلم ليگ ق جا 10، آزاد جا 4 ۽ راہ حق جو هڪ ميمبر شامل آهي

اپوزيشن ۾ مسلم ليگ (ن) جا 173، پيپلز پارٽي ۽ هڪ آزاد ووٽ آهي، جڏهن ته ن ليگ جا 165، پيپلز پارٽي جا 7 ۽ هڪ آزاد ووٽ آهي.ڪنهن به اتحاد کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ 186 ووٽ گهرجن

ٻئي طرف آئيني ماهرن جو چوڻ آهي ته پارٽي خلاف ووٽ ڏيڻ تي فلور ڪراسنگ لاڳو ٿيندي  پر فلور ڪراسنگ ثابت ڪرڻ جو عمل تمام پيچيده هوندو آهي، جنهن ۾ چئن مهينن کان وڌيڪ وقت لڳي ويندو

ھي بھ پڙھندا

وزيراعظم پاران بزدار جي استعيفيٰ قبولڻ کان انڪار، ڪم جاري رکڻ جي هدايت