پنجاب ۽ ڪي پي جون نگران حڪومتون وقت سر چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن سان سهڪار ڪن: صدر عارف علوي جو وزيراعطم شهباز شريف کي خط

0
180

پنجاب ۽ ڪي پي جون نگران حڪومتون وقت سر چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن سان سهڪار ڪن: صدر عارف علوي جو وزيراعطم شهباز شريف کي خط

لڳي ٿو وفاق ۽ صوبائي حڪومتن لاڳاپيل ادارن سان سهڪار کان لاچاري ڏيکاري آهي

صدر عارف علوي جو وزيراعطم شهباز شريف کي خط، صدر چيو آهي ته وزيراعظم توهين عدالت سوڌو وڌيڪ مونجهارن کان بچڻ لاءِ هدايتون جاري ڪري

اليڪشن ڪميشن چونڊون ملتوي ڪري سُپريم ڪورٽ جي حڪمن جي کُليل ڀڃڪڙي ڪئي آهي، تازو ملڪ اندر ميڊيا کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جا واقعا پيش آيا

وزيراعظم هر شهري جي بُنيادي حقن جي تحفظ جو ذميوار آهي، وفاق ۽ صوبائي حڪومتن کي انساني حقن جي پائمالي کان پاسو ڪرڻ گهرجي