پنجاب جو سياسي ۽ آئيني بحران ڪٿي دنگ ڪندو؟

0
232
عمران کي خطرو.جيل ڀريو تحريڪ ۽ چونڊن جو سوال

         موجوده سياسي ماحول کي ڏسي اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته جيڪا سياست تحريڪ انصاف ۽ پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽيون ڪري رهيون آھن اها عوامي مفادن لاءِ گهٽ ذاتي مفادن لاءِ وڌيڪ ٿيندي نظر اچي رهي آھي عمران خان جڏهن پاڻ وزير اعظم هو تڏهن کيس وقت کان اڳ عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ چيو ويندو هو ته ان وقت عمران خان جلد چونڊون ڪرائڻ جي حق ۾ نه هوندو هو ۽ جڏهن هاڻي عمران خان اقتدار مان ٻاهر آيو آھي تڏهن هو مسلسل ملڪ اندر عام چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري رهيو آھي موجوده حڪومت سندس مطالبي کي مڃڻ لاءِ تيار ناھي اهو ئي سبب آھي ته ڪجھه ڏينهن اڳ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان 23 ڊسمبر جمع ڏينهن پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو هو عمران خان اهو قدم آخري آپشن طور کنيو آھي کيس معلوم آھي ته پنجاب حڪمراني جو فيصلو ڪرڻ وارو صوبو آھي ان ڪري پنجاب اسيمبلي جي ٽٽڻ بعد وفاقي حڪومت  دٻاءُ ۾ اچي ويندي ۽ عام چونڊن ڪرائڻ جو رستو صاف ٿي ويندو عمران خان کي اهو به محسوس ٿي رهيو آھي ته  جيڪڏهن پنجاب اسيمبلي ٽٽڻ بعد ٻين صوبن جون اسيمبليون نه ٽٽيون ۽ رڳو پنجاب سان گڏ ڪي پي ڪي اسيمبلي جي صوبائي تڪن تي ئي چونڊ ٿي ته به ان لاءِ سياسي طور فائدي مند ان ڪري آھي جو ان سان عمران خان پنهنجي مقبوليت کي ووٽن ۾ تبديل ڪرائي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ جيڪڏهن ڪامياب ٿي ويو ته ان سان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ وري پنج سالن لاءِ حڪومت قائم ٿي ويندي ان بعد جيڪڏهن پنجاب ,ڪي پي ڪي ۽ ٻين صوبن ۾ قومي اسيمبلي باقي صوبن جي صوبائي اسيمبلين جي تڪن تي چونڊون ٿينديون ته عمران خان کي لڳي ٿو ته ان صورت ۾ قومي اسيمبلي جي تڪن تي پي ٽي آءِ کي شڪست نٿي ملي سگهي.

         پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين پاران پنجاب صوبي جي اسيمبلي کي ٽٽڻ کان بچائڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ٿي رهيون آهن  انهن سان لڳي رهيو آھي ته کين به اهو خوف آھي ته جيڪڏهن پنجاب اسيمبلي ٽٽي وئي ته ڪٿي ملڪ اندر عام چونڊن لاءِ دٻاءُ ان حد تائين نه هليو وڃي جو کين عام چونڊون ڪرائڻيون پون نه رڳو ايترو پر جيڪڏهن پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي ٽٽن ٿيون ۽ رڳو انهن اسيمبلين جي صوبائي تڪن تي ئي چونڊ ٿئي ٿي ته ان سان ملڪ اندر جيڪو قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي تڪن تي هڪ ئي ڏينهن چونڊ ٿيڻ وارو سلسلو آھي اهو باقي نه رهندو جيڪڏهن ٻن اسيمبلين ۾ اڳ ۾ چونڊ ٿي وڃي ٿي ته ان جا چونڊ نتيجا باقي صوبائي اسيمبلين جي صوبائي تڪن ۽ قومي اسيمبلي جي تڪن تي جڏهن بعد ۾ چونڊ ٿيندي ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جا چونڊ نتيجا ان تي اثر انداز ٿي سگهن ٿا  خير عمران خان پاران پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي کي ٽوڙڻ جي ڪيل اعلان تي 23 ڊسمبر تائين پنجاب صوبي ۾ ته عمل ٿيندي نظر نٿو اچي ڇاڪاڻ ته مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي پاران پنجاب اسيمبلي ۾ پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي خلاف عدم اعتماد جي قرارداد جمع ڪرائي وئي آھي عدم اعتماد جي قرارداد جمع ٿيڻ بعد هاڻي پنجاب جو وڏو وزير آئيني طور اسيمبلي تيستائين ٽوڙي نٿو سگهي جيستائين عدم اعتماد جي رٿ تي ووٽنگ نٿي ٿئي پر جيڪڏهن عمران خان چاهي ته ڪي پي ڪي اسيمبلي ٽوڙي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير خلاف عدم اعتماد جي ڪا به قرارداد جمع نه ڪرائي وئي آھي پر نٿو لڳي ته عمران خان اڪيلي ڪي پي ڪي اسيمبلي ٽوڙيندو ڪي پي ڪي اسيمبلي جو به ٽٽڻ پنجاب اسيمبلي جي ٽٽڻ سان ان ڪري مشروط آھي جو اڪيلي ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ سان هڪ ته عمران خان جو سياسي فائدو نه ٿيندو ٻيو ته ائين ڪرڻ سان عمران خان جي  هٿان صوبائي حڪومت هلي ويندي ۽ صوبائي سيٽن تي ٿيل چونڊن ۾ جيڪڏهن عمران خان ناڪام ٿيو ته کيس وڌيڪ سياسي نقصان ٿيندو ان ڪري اهو واضح طور لڳي رهيو آھي ته ڪي پي ڪي اسيمبلي پنجاب اسيمبلي سان گڏ ئي ٽٽڻي آھي پر في الحال ته پنجاب اسيمبلي ٽٽڻ وارو مامرو آئيني جنگ جي صورتحال ۾ اچي پهتو آھي ٿيو اهو آھي ته مسلم ليگ ن پنجاب جي وڏي وزير خلاف عدم اعتماد جي رٿ ته انڪري جمع ڪرائي هئي جيئن هو اسيمبلي نه ٽوڙي سگهي ان کان به وڏو ڪم اهو ڪيو ته گورنر  پنجاب جي وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جي هدايت ڪرائي وئي گورنر جي اعتماد جي ووٽ وٺڻ جي هدايت سان گڏ 21 ڊسمبر تي شام چار وڳي اجلاس به پنجاب اسيمبلي جو ان لاءِ طلب ڪري ورتو هو ته ان جو مطلب اهو ته ڪالھه چار وڳي شام جو پنجاب جي وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ گهربو هو پر ان 20 ڊسمبر واري ڏينهن تي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي کان رولنگ ڏياري گورنر جي حڪم کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو جڏهن ڪالھه طلب ڪيل اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير اعتماد جو ووٽ نه ورتو ته گورنر پاران پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي کي وزير اعليٰ جي عهدي تان هٽائڻ جون تياريون جاري هيون جنهن مان واضح لڳي رهيو آھي ته پنجاب اسيمبلي جو مامرو هڪ ڀيرو وري سپريم ڪورٽ ۾ ايندو اها سياسي ڇڪتاڻ جيڪا آئيني ڇڪتاڻ ۾ تبديل ٿيندي ان صورتحال جو فيصلو سپريم ڪورٽ ڪندي سپريم ڪورٽ ڪهڙو فيصلو ڏئي ٿي ۽ ان ۾ ڪيترا ڏينهن لڳندا بابت ڪجھه نٿو چئي سگهجي پر ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي اندر پيدا ٿيندڙ آئيني بحران سبب سپريم ڪورٽ ان حوالي سان فوري فيصلو ڪري ٿي يا نه؟ سوال هي آھي ته جيڪڏهن گورنر اجلاس طلب ڪيو هو ۽ آئيني طور گورنر کي اهو اختيار آھي جو هو وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چوي ته پوءِ اعتماد جو ووٽ ڇو نه ورتو ويو اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته پرويز الاهي اهو چئي چڪو آھي ته 90 سيڪڙو ميمبر اسيمبلي ٽوڙڻ جي حق ۾ نه آھن ۽ اهو به سڀني کي معلوم آھي ته ق ليگ جي 6 ميمبرن کان حمايت حاصل ڪرڻ جي اڳوڻو صدر ڪوششون ڪري رهيو آھي ان لاءِ نه رڳو آصف زرداري پر وزير اعظم به چوڏري شجاعت سان ملاقاتون ڪري چڪو آھي ڇا ان ڪري ته اعتماد جو ووٽ نه ورتو ويو جو پرويز الاهي ۽ پي ٽي آءِ لاءِ 186 ميمبرن جو تعداد اعتماد جي ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ڪرڻ مشڪل هو مزي جي ڳالھه آھي جيڪڏهن اعتماد جي ووٽ لاءِ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪجهه پي ٽي آءِ يا ق ليگ جا ميمبر نه آيا ۽ غير حاضر رهيا ته غير حاضري جي بنياد تي انهن کي نااهل نٿو ڪرائي سگهجي ان لاءِ عائشه گلالئي جو مثال موجود آھي پنجاب اسيمبلي جي صورتحال اها آھي جو پي ٽي آءِ جا 180 ۽ ق ليگ جا ڪل 10 ميمبر آھن مطلب ڪل 190 ميمبرن مان اعتماد جي ووٽ لاءِ 186 ميمبر گهرجن جيڪڏهن رڳو ق ليگ جا 6 ميمبر ئي اجلاس ۾ نه اچن ها ته پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ نه وٺي سگهي ها شايد ناڪامي کان بچڻ لاءِ اسپيڪر پنجاب اسيمبلي کان رولنگ ڏياري وئي جيڪڏهن ميمبر پورا هجن ها ته رولنگ جو سهارو ڇو ورتو وڃي ها.

       پنجاب ۾ آئيني سياسي بحران جنم وٺندو ان جو حل ڇا ٿو نڪري بابت صورتحال سامهون اچي ويندي پر جيڪڏهن پنجاب ۾ عمران خان حڪومت وڃائي ويٺو ته پوءِ ان پاران اسيمبلين مان استعيفائون ڏيڻ کيس سياسي طور نقصان ٿيندو جيڪڏهن رڳو پي ٽي آءِ ميمبر استعيفيٰ ڏين ٿا ۽ انهن تڪن تي وري چونڊ ٿي وڃي ٿي ته پوءِ ايندڙ عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ وفاق ۽ صوبن نگران حڪومتن جي قيام ۾ به پي ٽي آءِ جو عمل دخل ختم ٿي ويندو نه رڳو ايترو هن وقت عمران خان پنجاب ۾ ان ڪري آھي جو وفاقي حڪومت چاهي ته ان کي گرفتار نه ڪري سگهي جيڪڏهن پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ان جون حڪومتون نه رهنديون ته پوءِ ڇا گرفتاري کان بچڻ لاءِ عمران خان ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ويندو خير هاڻي رڳو ڏسڻو اهو آھي ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي ٽوڙڻ واري عمران خان جي فيصلي جو ڇا ٿو ٿئي جيڪڏهن ٻنهي صوبائي اسيمبلين کي عمران خان ٽوڙڻ ۾ ناڪام ٿيو ته پوءِ وقت کان اڳ  چونڊون ٿيڻ جي شايد عمران خان جي خواهش پوري نه ٿي سگهي ۽ ايندڙ عام چونڊن جا نتيجا ڪهڙا هوندا بابت ته هن وقت ڪجھه نٿو چئي سگهجي پر سوال هي آھي ته عمران خان کي 2018 جي عام چونڊن ۾ جن  طاقتور ڌرين جي واضح ۽ کليل حمايت هئي چونڊن بعد به کيس اها حمايت ملڻ جو عمل جاري رهندو؟ ايندڙ چونڊن ۾ ماضي وانگر عمران خان کي ڇا حمايت ملي سگهندي ? جيڪڏهن اوتري حمايت نه ملي سگهي ته پي ٽي آءِ لاءِ ڇا چونڊون کٽڻ آسان هوندو آخر ۾ اهو چوڻ چاهيان ٿو ته پيدا ٿيل سياسي صورتحال ڪري عمران خان جون سامهون آيل تازيون آڊيو ليڪس ماڻهن جي نظرن کان اوجهل ٿي سگهن ٿيون يا انهن تي بحث پسمنظر ۾ وڃي سگهي ٿو ان ڪري هن پيدا ٿيل بحران جو به ڪنهن حد تائين عمران خان جو فائدو آھي هڪ ته آڊيو ليڪس تي بحث پسمنظر ۾ هليو ويندو ٻيو افراتفري جي ماحول ۾ ملڪ جي معاشي صورتحال بهتر نه ٿي سگهندي جيڪڏهن ملڪ اندر پيسو ۽ مالي طور استحڪام نه هوندو ته پوءِ هي حڪومت عوام کي محسوس ٿيندڙ ڪهڙو رليف ڏئي سگهندي جيڪڏهن رليف نه ڏئي سگهندي ته پوءِ چونڊن ۾ عوام واري هن حڪمران اتحاد جي پارٽين کي ڇو ڪامياب ڪندي؟