پنجاب اسيمبلي ۾ شرمناڪ ۽ قبضو ڪيل اليڪشن کي رد ڪيون ٿا: عمران خان

0
253
وزيراعظم اڄ 3 وڳي عوام سان ٽيليفون تي ڳالهائيندو
وزيراعظم اڄ 3 وڳي عوام سان ٽيليفون تي ڳالهائيندو

پاڪستان تحريڪ انصاف پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پنھنجي ٽوئٽ ۾ چيو تھ پنجاب اسيمبلي ۾ جيڪو ڪجھھ ٿيو اھو مذمت جوڳو آھي، واقعو جمھوري اصولن ۽ آئين خلاف ھو

عمران خان وڌيڪ لکيو تھ اسان اھڙي شرمناڪ ۽ قبضو ڪيل اليڪشن کي رد ڪيون ٿا

واضح رھي تھ گذريل ڏينھن پنجاب اسيمبلي جي ھنگامي سان ڀريل اجلاس ۾ حمزھ شھباز قائد ايوان چونڊجي ويو جڏھن تھ مسلم ليگ (ق) ۽ پي ٽي آءِ اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو ھو