پشاور:پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي،3 دهشتگرد مارجي ويا

0
242
پشاور ۾ پوليس ۽ سي ٽي ڊي

ڪراچي(م ڊ) ڪي پي جي گادي واري شهر پشاور ۾ پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي گڏيل ڪارروائي دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا

پوليس موجب پشاور جي علائقي فقير آباد ۾ پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) گڏيل آپريشن ڪيو، جنهن دوران علائقي ۾ لڪيل دهشتگردن اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن بعد فورسز جي جوابي فائرنگ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا

پوليس جو چوڻ آهي ته ٽئي دهشتگرد فقير آباد جي رنگ روڊ قبرستان ۾ واردات لاءِ موجود هئا، مارجي ويل دهشتگرد ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل هئا ۽ پوليس ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به ملوث هئا

پوليس موجب دهشتگردن وٽان ٽي ڪلاشنڪوف، هڪ پستول، بارود ۽ مختلف دستاويز هٿ ڪيا ويا آهن