ڪراچي (نمائندن وٽان) پشاور ۾ اي پي ايس سانحي جي ياد ۾ مختلف شهرن ۾ ميڻ بتيون ۽ ڌيئا ٻاري ۽ تصويرن آڏو گل رکي شهيد ٻارڙن کي ڀيٽا پيش، ڪيترن ئي هنڌن تي ريليون ڪڍيون ويون ۽ تقريبون منعقد ٿيون، خبر موجب حيدرآباد ۾ يوٿ ڊيموڪريٽڪ فورم پاران ڪاشف باغي، امتياز ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، يوٿ الائنس پاران ارسلان شيخ، علي رضا سميت ٻين ڀيٽا پيش ڪئي، فنڪشنل ليگ پاران رفيق مگسي، حاجي نياز ساند، فقير حليم درس، ماجد شاھ ۽ ٻين ريلي ڪڍي، اسريٰ يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نذير اشرف لغاري ۽ ٻين تقريب ڪري دهشتگردي واقعن خلاف ريلي ڪڍي، لاڙڪاڻي ۾ بيگم نصرت ڀٽو گرلز ڊگري ڪاليج ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جتي شاگردياڻين ٽيبلوز پيش ڪرڻ سان گڏ تقريرون ڪري سنڌي اردو شاعري پڙهي، سکر جي سٽي پوائنٽ کان مختلف سياسي، سماجي، مذهبي جماعتن توڙي سول سوسائٽي طرفان ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته ٻارڙن جي اداري سوئيٽ هوم ۾ پڻ تقريبون منعقد ڪيون ويون، هوڏينهن گهوٽڪي، پنوعاقل، سرحد، ڪنڌرا، گمبٽ، فيض گنج، ڪنب، ڪرونڊي، ھنڱورجا سميت مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي، ميڻ بتيون ٻاري شهيد ٻارن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ٽنڊوالهيار ۾ ريلي ڪڍي وئي، ٺٽو ۾ ضلعي انتظاميا پاران ڊي سي آفيس کان پبلڪ پارڪ مڪلي تائين رياض لغاري، ڊاڪٽر حنيف ميمڻ ۽ خدا بخش بهراڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، مٺي ۾ سول سوسائٽي ۽ واپارين پاران ايوب درس، راجيش، شامداس لوھاڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهيدن جي تصويرن آڏو ڏيئا ٻاري گل نڇاور ڪري ڀيٽا پيش ڪئي، ٽنڊو محمد خان ۾ خدمت ملت فائونڊيشن پاران ڪامران جانوري، بلاول سومرو، رحمان مير جت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ۽ تعليم کاتي پاران حاجي عبدالوهاب نظاماڻي ۽ راجا نثار ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، عمرڪوٽ ۾ تقريبون ٿيون، جنهن ۾ ٻارڙن ميڻ بتيون ٻاري شهيدن جي تصويرن تي گل نڇاور ڪيا، شڪارپور ۾ ينگ رائيزنگ اسٽارس ۽ سول سوسائٽي پاران لکيدر گهنٽا گهر چوڪ تي ڏيئا روشن ڪري تصويرن آڏو گل نڇاور ڪيا ويا، مورو ۾ اينڪر پبلڪ اسڪول پاران عزيز ڀٽو، نينا نور ناز ڇڄڙو، جاويد سيال، ماروي ڪورائي، انعم راجپوت، رابعا ميمڻ، عريشان پٺاڻ، تھمينا شاھ، زينب بالادي، افشين، اسوا، ماھنور ۽ ٻين ڏيئا ٻاري شھيد شاگردن کي ڀيٽا پيش ڪئي، ھوڏانھن شمع پرائوڊ پبلڪ هاءِ اسڪول ۾ پڻ تقريب منعقد ڪئي وئي، ڀرياروڊ پبلڪ اسڪول ۾ تقريب ٿي، جنهن ۾ اختر قريشي، سليمان چانگ، مير خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ڪرمپور ۾ شهيدن کي ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي، بڪيرا شريف ۾ شبير جروار، جهنڊو سولنگي ۽ ڊاڪٽر سارنگ سالواڻي پاران شهيدن جي ياد ۾ ڏيئا ٻاري گل نڇاور ڪيا ويا، ڳڙهي حسن ۾ قومي امن ڪاميٽي طرفان غلام نبي ڪنراڻي، راشد سرڪي، نظير ڌوئو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، گهارو ۾ راڄوڻي شيخ اتحاد جي اڳواڻ محمد علي شيخ جي اڳواڻي ۾ريلي نڪتي، ٽنڊوآدم ۾ اين پي سي آءِ ايڇ ۽ سول سوسائٽي پاران عمران نذير شيخ، همايون عمران راجپوت، مظھر چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، اسلام ڪوٽ ۾ ڪمليش ڪمار، ڊاڪٽر شنڪر لال جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جاتي ۾ اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر يامين، آپڪا اڳواڻ حيات ٿهيم ۽ ٻين ميڻ بتيون ٻاري ۽ گل رکي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي، ترائي هاءِ اسڪول ۽ مين پرائمري اسڪول ۾ ميڻ بتيون ٻاري شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ملير ۾ نجي اسڪول ۾ شهيد ٻارڙن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ٽنڊوڄام ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ ميڻ بتيون ٻاري شهيد ٻارڙن جي تصويرن اڳيان گل رکيا ويا، پڊعيدن ۾ شھيدن جي تصويرن اڳيان گل رکي ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي، شاهپور چاڪر جي مختلف اسڪولن ۾ شهيد شاگردن ۽ استادن کي ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي، تقريبن ۽ ريلين دوران اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اي پي ايس سانحو نه وسرندڙ واقعو آهي، دهشتگردن انسانيت جا ليڪا لتاڙي مستقبل جي معمارن جو بيگناھ خون وھايو، جنھن کي تاريخ ۾ ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، ھنن چيو ته پاڪستان ھميشه دھشتگردن خلاف آواز اٿاريو آھي، جنگ ۾ پنهنجي فوجي جوانن سان گڏ آهيون.