پرڏيهي ڪرنسي جو بحران

0
138
2022ع ۾ پاڪستان ۽ ٻاهرين دنيا ۾ ٿيندڙ ڪجھه اهم  واقعا 

 هڪ طرف دنيا جا ملڪ ترقي جو نيون منزلون طئي ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف وري پنهنجو ملڪ آهي، جيڪو هر گذرندڙ ڏينهن سان اڳتي وڌڻ بجاءِ پوئتي وڃي رهيو آھي. هتي حالات بهتر ٿيڻ بجاءِ خراب ٿيندا پيا وڃن. هر ايندڙ ڏينهن گذري ويل ڏينهن کان وڌيڪ بدتر آهي. ملڪن جي معاشي طاقت جو هڪ اهم پيمانو انهن جي پرڏيهي ڪرنسي جا ذخيره Foreign Exchange Reserves هوندو آهي. فاريڪس رزروز مان مراد آهي هڪ ملڪ وٽ موجود ٻين ملڪن جي ڪرنسي.  اها ڪرنسي مکيه ٻن ذريعن سان ايندي آهي: 1) اڪسپورٽس يا برآمدات، 2) پرديس ۾ رهندڙ ماڻهن جا پنهنجي ديس ۾ موڪليل پئسا يعني ترسيلات زر، جنهن کي انگريزي ۾ Remittances چئبو آهي. تقريبن دنيا جي هر ملڪ جو اهو مقصد هوندو آهي ته هو پنهنجي فاريڪس رزروز کي وڌائي. ان حوالي سان دنيا ۾ چائنا پهرين نمبر تي آهي، جنهن وٽ تقريبن 3 کرب ڊالر کان وڌيڪ فاريڪس رزروز آهن، ٻي نمبر تي جاپان اچي ٿو، جڏھن ته روس، انڊيا ۽ آمريڪا ترتيبوار 4، 5، ۽ 14 نمبر تي اچن ٿا. فاريڪس رِزروَز جي عالمي منظرنامي تي اسان جو ملڪ، جيڪو دنيا ۾ آبادي جي لحاظ کان پنجين نمبر تي آهي، پري پري تائين به نظر نه ٿو اچي( پاڪستان 92 نمبر تي آهي). ان کان ته مصر، نيپال ۽ افغانستان به اڳتي آهن.

وڌيڪ تشويشناڪ ڳالھ ته اها آهي ته اسٽيٽ بئنڪ مطابق پنهنجي ملڪ وٽ هاڻي فارن ايڪسچينج ۾ تقريبن پوڻا 7 ارب وڃي بچيا آهن، جيڪي ايترا ته گهٽ آهن جو ان سان هڪ مهيني جون امپورٽس به مشڪل سان اچي سگهن ٿيون. ان ايتري بري صورتحال جي باوجود، اقتصاديات جو زار سڏيو ويندڙ وزير خزانه اسحاق ڊار صاحب پر اعتماد نظر اچي ٿو ۽ چوي ٿو ته ملڪ ڏيوالي واري سيناريو کان پري آهي. حالانڪ، حقيقت ان جي برعڪس آهي. اگر ان دعوي تي اتفاق به ڪجي ته پاڪستان ڏيوالي نڪرڻ کان پري آهي، پر ڇا اها ڳالھ قبول ڪري سگهجي ٿي ته هن موجوده پاليسين سان ملڪ جي معاشي صورتحال سڌرندي؟ ان جو جواب نفي ۾ آهي. هن وقت پاڪستان جون ايڪسپورٽس امپورٽس کان تمام گھٽ آهن. اهو ئي سبب آهي جو ان جا فاريڪس رزروز وڃن پيا گهٽجندا. اسان جون حڪومتون وري حقيقي مسئلن تي توجه ڏيڻ بجاءِ وتن ٿيون IMF جهڙن عالمي مالياتي ادارن کي ايلاز ڪنديون. ڪجھ ڏينهن پهريان وزير خزانا اسحاق ڊار چيو ھو ته پاڪستان جي معيشت ڪڏهن به بهتر نه ٿيندي جيستائين حقيقي معني ۾ اصلاحات متعارف نه ڪرايا ويندا. مختصر اهو ته پاڪستان کي پنهنجي درآمدات کي گهٽائڻو پوندو ۽ برآمداد کي وڌائڻو پوندو. اگرچه اسان وٽ ايترا ٿورا پئسا آهن ان جي باوجود به اشرافيه لاءِ لگزري شيون امپورٽ ڪيون وينديون آهن. ماهر اقتصاديات قيصر بنگالي مطابق ته هتي ڪتن جي وهنجارڻ لاءِ شيمپو به امپورٽ ڪيا ويندا آهن. چوڻ جو مقصد اهو آھي ته غيرضروري ۽ فضول شين جي امپورٽ کي بند ڪرڻو پوندو، ۽ پنهنجي ضرورت جو شيون پنهنجي ئي ملڪ ۾ ٺاهڻيون پونديون، ۽ ڪارخانا لڳائي پنهنجي ايڪسپورٽس کي هٿي وٺرائڻي پوندي. ان کان علاوه، ملڪ ۾ امن قائم ڪري، سيڪيورٽي جي مسئلن کي ختم ڪري ٻاهرين دنيا جي سيڙپڪارن کي هتي اچڻ لاءِ راغب ڪرڻو پوندو.

ان ڳالھ کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ايڪسپورٽس ۾ اضافو ڪرڻ سولو ڪم نه آهي. ان لاءِ اڳ ۾ ڪجھ ضرورتون پوريون ڪرڻيون پونديون. مثال طور توانائي جي بحران کي ختم ڪرڻو پوندو، نيون فيڪٽريون لڳائڻيون پونديون. پر اگر حڪومتن جي ڪارڪردگي تي سراسري نظر وجهجي ٿي ته خبر پوي ٿي ته هو ته ان معاملي ۾ دلچسپي ئي ظاهر ڪونه ٿيون ڪن. نوان ڪارخانا لڳائڻ ته پري جي ڳالھ آهي، هتي ته هلندڙ ڪارخانا ئي مختلف سببن جي ڪري بند ٿيندا پيا وڃن. هن سموري صورتحال کي نظر ۾ رکندي اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته اگر حقيقي مسئلن تي ڌيان نه ڏنو ويو ته ان جا نتيجا سنگين نڪري سگهن ٿا.