شڪاگو ۽ واشنگٽن ۾ ايڪتا جا رنگ، سانا طرفان تقريبون منعقد

0
238
شڪاگو ۽ واشنگٽن ۾ ايڪتا جا رنگ، سانا طرفان تقريبون منعقد
شڪاگو ۽ واشنگٽن ۾ ايڪتا جا رنگ، سانا طرفان تقريبون منعقد

واشنگٽن ڊي سي: سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ امريڪا (سانا) طرفان اڄ امريڪا جي ٻن مک شھرن شڪاگو  ۽ گادي واري شھر واشنگٽن ڊي سي ۾ ثقافتي ڏينھن جون ٻه وڏيون تقريبون ڪوٺايون ويون، جن ۾ سوين سنڌي خاندانن شرڪت ڪئي

سنڌي ٻوليءَ جا مشھور گيت پيش ڪيا ويا ۽ اڳواڻن تقرين ۾ سنڌي ٻولي سميت ملڪ جي اندر ڳالھيون ويندڙ مادري زبانن کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو

واشنگٽن ڊي سي ۾ ٿيل ايڪتا تقريب کي خطاب ڪندي سانا جي جنرل سيڪريٽري مشتاق راڄپر چيو ننڍي کنڊ ۾ سنڌ واحد خطو آھي جيڪي پنھجي ثقافت کي مان ڏيندي ان تي فخر ڪندي ان جو ڏينھن ملھائي ٿو، دنيا ۾ جيڪي به ڏينھن ملھايا وڃن ٿا اھي يا ته سرڪاري آھن يا وري مذھبي آھن، پر ان جي ابتڙ سنڌي پنھنجي تھذيب کي نج سيڪيولر بنيادن تي انساني تھذيب جي اوسر جي حوالي سان ملھائين ٿا

شڪاگو ۾ ٿيل تقريب کي پروفيسر گل آغا، ڊاڪٽر اعجاز ترڪ سميت ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو

تقريب ۾ شاعر جمن دربدر جي گيت کي قومي تراني طور ڳايو ويو، جڏھم ته محفل موسيقي ۾ سلمان مخدوم، امريڪي الگوزينواز نيٿن ٽورينس سنڌي ڌنن تي الگوزي سان ڳيت وڄايا

واشنگٽن ڊي سي ۾ آصف ٽالپر ۽ شان زھرا شھر قومي گيت پيش ڪيا

هي به پڙهندا

اچو ته نئين سنڌ اڏيون: سنڌ ۾ ايڪتا عيد، هر پاسي ثقافتي رنگ