پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ چيف جسٽس کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي: چيف جسٽس

0
125

چيف جسٽس عمر عطا بنديال نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ۾ چيو آهي ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ چيف جسٽس کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي، ڪجهه ترميمون وڏي ذهانت سان ڪيون ويون، ايڪٽ تي نظرثاني پارليامينٽ جي ترجيحن ۾ شامل نه هئي

چيف جسٽس عمر عطا بنديال اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو گوڊ ٽو سِي يُو اٽارني جنرل صاحب، اٽارني جنرل چيو ته مون سان اهو منسوب ڪيو ويو ته مون تسليم ڪيو آهي ته ايڪٽ ۾ نقص موجود آهن، مون لفظ نقص نه پر اوور ليپنگ استعمال ڪيو هو، پر ان جي رپورٽنگ ڪا ٻي ڪئي وئي

چيف جسٽس چيو ته توهان ته تسليم ڪيو ته قانونن ۾ مطابقت نه آهي، جيڪا قانونسازي ڪئي وئي ان سان چيف جسٽس کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو، آگسٽ ۾ پارليامينٽ قانونسازي لاءِ ڏاڍي متحرڪ رهي، پروسيجر ۽ رويو ايڪٽ تي نظرثاني پارليامينٽ جي ترجيحن ۾ شامل نه هئي

 اٽارني جنرل چيو ته پارليامينٽ رويو ايڪٽ تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي منتظر هئي، چيف جسٽس چيو ته توهان جي هر ڳالهه مڃينداسين پر اها ڳالهه تسليم نه ڪنداسين

هي به پڙهندا

سائيفرڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي جڊيشل ريمانڊ ۾ 13سيپٽمبر تائين واڌ