حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي گورنر محمد ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته عوام کي مسئلن مان ٻاهر ڪڍڻ حڪومت جي ذميواري آهي جنهن لاءِ سنڌ حڪومت کي ڪوششون ڪرڻ گهرجن. پوري دنيا ۾ گئس جي فراهمي سيلينڊرن جي ذريعي محفوظ طريقي سان ڪئي ويندي آهي پر بدقسمتي سان اسان وٽ سيلينڊرن ذريعي گئس جي فراهمي جو طريقيڪار غير محفوظ آهي جنهن جي ڪري پريٽ آباد جهڙا واقعا رونما ٿين ٿا. حيدرآباد جي هڪ نجي هوٽل ۾ پريٽ آباد سانحي جي 27 فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن کي سماجي تنظيم جي ڊي سي ۽ بزنس مين علي شيخاڻي پاران هر فوتي فرد جي وارثن کي 20-20 لک رپين جا امدادي چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر سنڌ محمد ڪامران ٽيسوري چيو ته اسان سڀني کي هڪ قوم بڻجي پنهنجي ملڪ جي مسئلن جو حل ڪڍڻو پوندو.  ملڪ هن وقت معاشي بحران جي ورچڙهيل آهي. جيستيائين اسان سمورا ماڻهو پنهنجو قبلو درست نه ڪنداسين تيستائين ملڪ معاشي طور تي مستحڪم نه ٿي سگهندو. هن چيو ته پريٽ آباد سانحي بابت جامع انڪوائري ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن واقعن جا اصل ڪارڻ معلوم ڪري ماڻهن جي جانين جو تحفظ ڪري سگهجي ٿو.