سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ضلعي جي سنگرار واري علائقي سان تعلق رکندڙ ستن ورھين جي معصوم پريا ڪمار ڌيءَ راجو مل کي 19 آگسٽ 2021ع 10 محرم الحرام تي ڪربلا جي شھيدن جي ياد ۾ ٿيندڙ ماتمي جلوس جي عزادارن لاءِ گھر جي چند قدمن جي مفاصلي تي لڳايل سبيل تان اغوا ڪيو ويو، ڪيس نينگريءَ جي والد راجو مل جي فرياد تي سنگرار ٿاڻي تي نامعلوم ماڻھن خلاف داخل ڪيو ويو، معصوم نياڻي جا والدين پريشاني واري حالت ۾ هڪ سال اڳ سنگرار ۾ واقعي پنھنجا اباڻا ڪک ڇڏي لڏپلاڻ ڪري سکر رهائش پذير آهن، نياڻي جي اغوا بعد ھڪ سال تائين پنھنجي مڙس سان سنگرار ويجھو پير اخلاص شاھه درگاھه تي رھندڙ پريا ڪماريءَ جي امڙ واقعي کان وٺي ھن وقت تائين روئيندي رھي ۽ نياڻيءَ جي جدائيءَ جو صدمو ھجڻ ڪري مسلسل روئڻ ڪنھن سان به ڳالھائڻ ئي ڇڏي ڏنو هو، معصوم پريا ڪماريءَ جي امڙ روينا ڪماري جو چوڻ آهي ته منھنجي ٻارڙي کي ھن وقت تائين بازياب ڇو نه پيو ڪرايو وڃي، 32مھينن کان گھر ۾ پنھنجي نياڻي کي ساريندي روئيندي رھي آھيان، خبر ناھي منھنجي جڳر جو ٽڪرو ڪھڙي حالت ۾ آھي، ڪنھن وٽ آھي، خدارا مون کي پنھنجي نياڻي واپس ڪرائي ڏيو، معصوم پريا ڪماريءَ جي امڙ سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي سکر کي هڪ ڀيرو ٻيهر ھٿ ٻڌي اپيل ڪئي ته منھنجي معصوم نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي، پريا ڪماري جي والد راجو مل چيو آهي ته منهنجي نياڻي امام حسين عه جي ياد ۾ 10 محرم جي سبيل ھلائيندي اغوا ٿي آھي، ڪو دروازو ناهي بچيو جيڪو ناهي کڙڪايو، نئين مقرر ڊي آءِ جي پير محمد شاهه ۽ ايس ايس پي امجد احمد شيخ سان هندو پنچائت جي اڳواڻ چندر ڀان ۽ ٻين سان گڏجي ملاقات ڪري پريا جي بازيابيءَ جو مطالبو ڪيو، ھندو پنچائت سکر جي مکي ايشور لال، سيٺ چندر ڀان، سنگرار جي مکي وسو مل، جئرام داس بختياپوري، جي ڪمار ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته معصوم پريا ڪماريءَ جي بازيابي لاءِ سنجيدا ڪوششون ورتيون وڃن ۽ ڪيس ۾ ڪوتاهي ڪندڙ ذميوارن جي نشاندهي ڪري انهن خلاف به ڪاروائي ڪئي وڃي.

لنڊن ۾ معصوم پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ احتجاج ڪيو ويو

سکر: لنڊن ۾ سنڌين پاران معصوم پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ عورتن ۽ مردن شرڪت ڪئي. جن جي هٿن ۾ پريا ڪماري، سندس امڙ جون تصويرون هيون. جڏهن ته صدر آصف علي زرداري، پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي هٿن ۾ کنيل تصويرن تي ڳاڙهي رنگ جي ڪاٽا جا نشان لڳل هئا.

پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سنڌ سميت پنجاب ۾ ڇاپا هنيا ويا

سکر:  پريا ڪماريءَ متعلق سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ دعوي ڪئي وئي آهي ته پرياا ڪماري 19 آگسٽ 2021 تي پراسرار نموني گم ٿي وئي، ٽن ڏينھن بعد پريا ڪماري جي والد جي فرياد تي سنگرار ٿاڻي تي قلم 364 ۽ 34 پي پي سي تحت گناھ نمبر 13/2021 تحت ڪيس داخل ٿيو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس پريا ڪماري جي ڳولا شروع ڪئي، انسپيڪٽر، ڊي ايس پي ۽ ايس ايس پي سطح تي ڪيس جي جاچ ڪئي وئي. گھرو وزارت پاران ڊي آءِ جي جي نگراني ۾ جي آءِ ٽي ھن وقت ڪيس جي جاچ ڪري رھي آھي. پوليس ٽيمن  سنگرار جي آس پاس 415 گھرن جي تلاشي ورتي. پوليس پاران 1030 شڪي ماڻھن کان پريا ڪماري متعلق پڇا ڳاڇا ڪئي، سبيل پوائنٽس تي موجود 170 ماڻھن کي چيڪ ڪيو ويو. سنگرار ۽ ويجھو ڳوٺن ۽ علائقن جي ڊرون ذريعي نگران ڪئي وئي. شڪي جاين، نالن، تلائن جي چيڪنگ ڪئي وئي. سنگرار جي سيد خاندان سان تعلق رکندڙ 40 ماڻھن کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. 300 کان وڌيڪ ويجھن گھرن ۽ آس پاس وارن علائقن جي کوجي ڪتن ذريعي تلاشي ورتي وئي، ويجھن تلائن، خالي پيل عمارتن جي تلاشي ورتي وئي، علائقن جي جيو فينسنگ ڪري ڪيترن ئي شڪي مانھن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، مزارن، درگاھن ۽ مندرن جي تلاشي ورتي وئي، لاپتا ٻارڙي جي ڳولا جي لاءِ ھندو برادري سميت مقامي معزز ماڻھن سان ملاقات ڪئي وئي. ضلعي جي خانا بدوش ۽ پينو فقيرن جي رھاش گاھن جي تلاشي ورتي وئي، پوليس شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڇاپا ھنيا، سنڌ جي مختلف علائقن کان علاوھ پنجاب جي رحيم يار خان، صادق آباد، بھاولپور ٻين علائقن ۾ ڳولا ڪئي وئي، پريا ڪماري جي ڳولا لاءِ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ذريعي اشتھار ڏنا ويا، ويجھن ضلعن، عوامي ھنڌن تي ٻارڙي جي گمشدگي متعلق پمپليٽ لڳايا ويا. پريا ڪماري متعلق اطلاع ڏيندڙ لاءِ 50 لک انعام پڻ رکيو ويو، واضح رهي ته نينگريءَ جي مٽن، مائيٽن توڙي ويجھن عزيزن کي به جاچ ۾ شامل ڪري کين حراست ۾ وٺڻ کان پوءِ بيان پڻ رڪارڊ ڪيا ويا ھئا، جنھن بعد ٻن شڪي ماڻھن جنھن ۾ نينگريءَ جو چاچو سريش به شامل ھو، انھن جي پنجاب فارينزڪ ليب مان پولي گرافڪ ٽيسٽ به ڪرائي ھئي پر اِن باوجود ھن وقت تائين نينگريءَ جو ڪو پتو ناھي پئجي سگھيو.

 

پريا ڪماري بازياب نه ٿيڻ تي سول سوسائٽيءَ ۾ مايوسي واري لھر ڇانيل

سکر: پوري سنڌ توڙي پاڪستان اندر مختلف وقتن تي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ھندو برادري توڙي سياسي، سماجي، مذھبي توڙي سول سوسائٽيءَ جي تنظيمن طرفان احتجاجي مظاھرا پڻ رڪارڊ ڪيا ويا آھن، ٻاهرين ملڪن ۾ پڻ پريا ڪماريءَ جون تصويرون کڻي اُن جي آزادي ۽ ذميوارن کي وائکو ڪرڻ لاءِ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو آهي. سوشل ميڊيا تي وڏي پئماني تي معصوم پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ مهم هلائي وئي جيڪا هلندڙ آهي، پر پوليس ھن وقت تائين پريا ڪماريءَ جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام آھي. نتيجي ۾ متاثر خاندان ۾ تمام گھڻي پريشاني، بيچيني واري لھر ڇانيل آھي. جڏھن ته سول سوسائٽيءَ ۾ پڻ مايوسي واري لھر ڇانيل آھي.

چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ نوٽيس به ورتو پر پريا ڪماري بازياب نه ٿي

سکر: چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي پريا ڪماري واري معامري جو نوٽيس وٺڻ بعد آءِ جي سنڌ طرفان جوڙيل ٽيم ايس ايس پي ڪشمورڪنڌڪوٽ امجد احمد شيخ، ايس ايس پي شڪارپور تنوير حسين تنيو، ايس ايس پي سکر عرفان احمد سمون تي مشتمل ڪاميٽي قائم ڪئي ھئي، تازو آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پاران پراڻي ڪميٽي کي ختم ڪري ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي جي سربراهيءَ ۾ پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ ٽيم جوڙي جنهن ۾ ايس ايس پي امجد احمد شيخ ۽ ايس ايس پي تنوير حسين تنيو کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو.